پلولا

پلولا (Palula)(ٻولي): هيءَ داردي ٻولين جي شنا وارين ٻولين منجهان پلولا واديءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻولي آهي. پلورا، ڦلورا (Phalura)، ڌنگرڪ (Dangarik)، بيوري (Biyori) ۽ ڦلولو هن ٻوليءَ جا ٻيا نالا آهن. هن ٻوليءَ جا ٻه لهجا’اشريتي، اترين پلولا‘ ڏٺا ويا آهن. اشريتي لهجو اترين پلولا لهجي سان 92 سيڪڙو هڪجهڙائي رکي ٿو. افغانستان جي ساوي (Savi) ٻوليءَ سان 58 سيڪڙو هڪجهڙائي اٿس ۽ پڻ شناولي سان 38 سيڪڙي کان 42 سيڪڙو هڪجهڙائي محسوس ڪئي وئي آهي. سال 1992ع جي آدمشماري موجب هن جا 8600 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هيٺين چترال جي ستن ڳوٺن ۾ دير ڪوهستان، پيروخل (Purigal)، گهوس (Ghos) بيوري ماٿري ڪال ڪاتڪ ۽ اشريت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ۽ اتر الهندي داردي ٻولين جي شنا وارين ٻولين جي خاندان مان آهي ۽ عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي.


لفظ پلولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو