پسٽن

پسٽن

پسٽن

پسٽن (Piston ):پسٽن سلينڊر (خول) جي اندر مسلسل اُفقي حرڪت ڪندو آهي. ان ڪري پسٽن جي جوڙ جڪ سندن ڪم جي نوعيت کي مد نظر رکي ڪئي وڃي ٿي. پسٽن اڪثر سخت ڌاتن (Cast Iron) اسٽيل ۽ ايليومينيم مان ٺاهيا ويندا آهن. هيئت جي لحاظ کان انجڻ جو هيءُ اهم پرزو گول ڊگھو ۽ اندر پَورو ٿئي ٿو. سندس منهن يا مٿو ڪنهن حد تائين اڀريل هوندو آهي. بظاهر سندس شڪل هڪ دٻي جهڙي ٿئي ٿي جيڪو سلينڊر جي خالي پيٽ کي پُر ڪري ٿو. پسٽن جي ڪنڌ وٽ ۽ ڪن جي هيٺين ڇيڙي تي خالي خانچا (Grooves) ڇڏيل هوندا آهن. سلينڊر ۾ سندس حرڪت دوران تيل ۽ هوا جي وهڪ کي روڪڻ لاءِ انهن خانچن ۾ تعداد جي لحاظ سان داٻ روڪ چوڙيون (Compression Rings) ۽ تيل روڪ چوڙيون (Coil Control Rings) لڳايون وينديون آهن. ان کان علاوه پسٽن جي چوڙين کان هيٺين اڌ گول حصي اِسڪرٽ. جي پيٽ وٽ هڪ گول سوراخ آرپار هوندو آهي. هيءُ سوراخ (Basses) ڳنڍيندڙ گري (Connecting Rod) جي مٿئين بيرنگ کي جهلڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو، جنهن مان لوهي ڪلي ”پسٽن پن“ (Piston Pin) گذاري کيس جڪڙيو ويندو آهي. ان کانسواءِ پسٽن جي اسڪرٽ تي هڪ هلڪو ڏار پڻ ٿيندو آهي. جنهن کي ’پسٽن سيلاٽ‘ چئجي ٿو. پرزن جي حرڪت دوران هي ڏار (Slots) گرمي تيل کي منتقل ڪندو آهي. جيڪي پسٽن ”ايليومينيم آلاءِ“ (Aluminum Alloy) مان جوڙيا وڃن ٿا، جنهن ڪري اُهي ٻين جي نسبت وڌيڪ ڪارگر ان ڪري سمجھيا ويندا آهن، ڇو ته انهن ۾ گرمي کي جذب ۽ خارج ڪرڻ جي صلاحيت ٻين کان بهتر ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ڌاتو جو هي قسم نسبتاً هلڪو پڻ ٿئي ٿو. ڪاسٽ آئرن سخت لوهه وارا پسٽن ننڍين انجڻن لاءِ استعمال ٿيندا آهن. اڪثر ٽي چوڙيون مٿن چاڙهيون وڃن ٿيو، جن مان ٻه چوڙيون هوا يا مڪسچر جي دٻاءُ کي روڪين ٿيون ۽ بٽن چوڙي جنهن کي تيل روڪ (Oil Controlling) چئبو آهي فالتو تيل کي جمع ڪري هيٺ سمپ (Sump) ڏانهن موڪليندي رهي ٿي.


لفظ پسٽنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو