پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي: نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي، پرواني ڀٽيءَ جو پورو نالو ميوو خان ولد گل محمد خان ڀٽي آهي. هن 16 فيبروري 1934ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم سنڌي فائنل (1948ع)، تپيداري ڪورس (1953ع) ۽ اديب فاضل (1961ع) آهي. پروانو ڀٽي، 1949ع کان 1953ع تائين پرائمري استاد رهيو ۽ 1959ع ۾ 6 مهينا روينيو ڪوٽڙي بئراج ۾ تپيدار رهيو. پروانو ڀٽي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر آهي، سندس شمار سنڌ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو نثر نويس پڻ آهي. سندس مضمون، تاثر، ڪالم، رپورٽون، پروفائل، ساروڻيون وغيره مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. ان حوالي سان هو هڪ سٺو تجزيه نگار، ڪالم نگار ۽ نقاد به آهي. 1956ع کان هلال پاڪستان، عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس هزارين قطعا ڇپجندا رهيا، جن کي وڏي عوامي مقبوليت حاصل رهي. پرواني ڀٽيءَ جا ٻه ڪتاب ”ٽڙندڙ مکڙيون“ (ترتيب: 1959ع)، ”سرهاڻ“ (ترتيب: 1959ع) ڇپيل آهي. پروانو ڀٽي ”هي زندگيءَ جا ميلا“ عنوان سان سنڌ جي درگاهن تي ٿيندڙ ميلن جو اکين ڏٺو احوال به لکندو رهيو، جيڪو مواد مسودي جي صورت ۾ وٽس موجود آهي. اُن جي اشاعت سان سنڌ جي ميلن جي تاريخي روايتن جي ڄاڻ سان گڏ ان وقت جي سماجي ۽ تهذيبي صورتحال جي معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي. پرواني ڀٽيءَ جي شاعريءَ جو اڃا تائين ڪو مجموعو شايع نه ٿيو آهي، جنهن جي اشاعت طرف سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پروانو ڀٽي هن وقت حيدرآباد سنڌ ۾ قائم ٿيل اداري ”امسا“ (Institute of Modern Science and Arts) ۽ انيس حسين اڪيڊمي (پرائيويٽ) ۾ سنڌي پڙهائيندو رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ به سنڌيءَ جو استاد ٿي رهيو. ”امسا“ ۾ مختلف عالمن، اديبن ۽ تعليمدانن کان ”شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر“ جي حوالي سان ليڪچر ڏيارڻ جو انتظام ڪندو رهيو آهي. انهن پروگرامن ۾ امسا جا شاگردَ (سنڌي توڙي اردو ڄاڻندڙ) شاهه جي مختلف سُرن مان، درست تلفظ سان بيت ياد پڙهندا رهيا آهن. ان لاءِ پروانو ڀٽي شاگردن کي اڳواٽ تياري ڪرائيندو آهي ۽ ان نموني هن ’لطيف شناسيءَ‘ کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
پروانو ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 1963ع ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري، حيدرآباد شاخ جو سرگرم ڪارڪن، بزم طالب الموليٰ سنڌ جو ميمبر ۽ ٻين ڪيترين ادبي تنظيمن ۽ بزمن جهڙوڪ: بزم خليل وغيره جو سرگرم رڪن رهيو آهي. هن جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان اُن جي قيام کان وٺي لاڳاپو رهيو آهي. اتي مشاعرن، تبصرن، تجزين، ٻارڙن جي ٻاريءَ، فتح خان جي ڪچهريءَ ۽ ٻين پروگرامن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هڪ سينئر صحافيءَ جي حيثيت ۾ روزاني عبرت، سنڌ نيوز، خادم وطن جو مسلسل لکندڙ رهيو آهي. هن وقت به روزاني خبرون، روزاني عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس ڪالم ڇپبا رهن ٿا. ماهوار ”امرتا“ ۾ سندس آتم ڪهاڻي ”ڪتاب زندگيءَ جا ورق“ عنوان سان ڪجهه حصا ڇپيا آهن. پروانو ڀٽي هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ عبدالله سينٽر قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
نوٽ : پرواني ڀٽي 03 نومبر 2016 تي وفات ڪئي.


لفظ پروانو ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.02.16  عيسوي

نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي، پرواني ڀٽيءَ جو پورو نالو ميوو خان ولد گل محمد خان ڀٽي آهي. هن 16 فيبروري 1934ع تي پياري ڳوٺ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2016.11.03  عيسوي

پرواني ڀٽي 03 نومبر 2016 تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز عليم عقيلي
آر بي سارنگ
اعجاز حسين مهر
خير محمد کوکر
حسام سومرو
حيات بلوچ
غالب لطيف
طارق عزيز شيخ
الياس شاڪر
سيد سبط حسن
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون