پتنگ2

پتنگ: هڪ قسم جو وڻ/ ٻوٽو آهي. هن کي انگريزي ۾ Spain Wood، لاطينيءَ ۾Caerel Pinia Sappan، عربيءَ ۾ بقم، فارسيءَ ۾ بقم برهنه، هنديءَ ۾ دشڪني، سنسڪرت ۾ رڪت- پترنگا، بنگاليءَ ۾ بڪم ڪاشٽ ۽ گجراتيءَ ۾ پتنگ چيو ويندو آهي. هن جي آڪهه جو نالو Caesel Piviaceae آهي. هي هڪ وڏو وڻ آهي. جيڪو وچولن موسمي علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي. هن جا پن بادام جي پنن وانگر هوندا آهن. اٺن کان ٻارهن پن مرڪب هوندا آهن. هن جي ڪاٺين جو رنگ ڳاڙهو ٿيندو آهي ۽ هن جا گل تيز هيڊي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جي ڦرهي سڪڻ کان پوءِ ڳاڙهي ٿي ويندي آهي، جنهن مان رنگ حاصل ڪيو ويندو آهي. برصغير ۾ خاص ڪري پنجاب ۾ تمام گھڻو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ به پوکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو