پترائي

پترائي/ پکار: سر جي ڪانن، ڪڻڪ ۽ ڊڀن جي تيلين، کجيءَ جي سنهڙي ۽ ڪونئري ٻچ، لئيءَ جي لاڪڙ، پن ۽ ڏير جا پاند، ڪانهن جي پوڙي ۽ ڪانيءَ مان وڏي ڪارج جون سهڻيون، سستيون ۽ روزمرهه جي استعمال جون شيون ٺاهڻ جي ڄاڻ کي ”پترائي“ جو هنر ۽ اها ڄاڻ رکندڙ هنرمند کي ”پترائي“ چئبو آهي. صدين کان پترائي، جون ٺهيل ڪارائتيون شيون گهرو استعمال لاءِ وکرن، اناج، مڇي، ميوات رکڻ ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ لاءِ ٺاهيون ۽ واپرايون وڃن ٿيون. پنڊين، پکن، وڃڻين ۽ کارين تي رنگ برنگي سٽ ۽ پٽ جا ڦندڻ، ٽنئور ۽ جهالرون ٽاڪي، انهن جي زيب ۽ زينت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو آهي. انهن کي گهر جي آرائش ۽ سجاوٽ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. شاهه سائينءَ رسالي جي چئن سُرن ۾ پترائيءَ جي ٺهيل ڪجهه شين کي ڳايو ۽ ساراهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


هنرمند - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پترائي
آڳڙيا
پاٽولِڪو ڪم
هنرمند ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون