پت2

پت2: ”پِتي“ جي رس کي به ”پِتِ“ چئبو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ‘Bile’ چئبو آهي، جيڪا ماني کائڻ کان پوءِ جگر مان خارج ٿيندي آهي. هيءُ مادو جگر ۾ ٺهي پوءِ هڪ نليءَ جي ذريعي، جنهن کي ‘Bile duct’ چئبو آهي، ننڍي آنڊي ۾ ايندو آهي ۽ کاڌي سان گڏجي، ان کي ڪيميائي صورت ۾ آڻيندو آهي. پت جو رنگ چمڪندڙ سائو ٿيندو آهي. جيڪڏهن پت جي خارج ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿيندي ته جسم ۾ سُور محسوس ٿيندو آهي ۽ ٿيندي ٿيندي جسم جي ”کل“ جو رنگ پيلو ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هن مرض کي ”يرقان“ يا ”سائي“ چئبو آهي. پت ۾ ‘Bile Pigments’ ۽ ‘Bile Salts’ هوندا آهن. هنن مادن ۾ هاضمي دوران ڪجهه تبديليون اينديون آهن، جيڪي کاڌي کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. ‘Bile Pigments’ پاخاني ۽ پيشاب جي ذريعي خارج ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو