پاڍل

پاڍل (Bignonia ):هڪ قسم جو وڻ جيڪو انب ۽ ڄمونءَ وانگر ڊگھو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. هن جي ڏانڊي يا گُري چار آڱر ويڪري ۽ اڌ گز ڊگھي ٿيندي آهي، جنهن مان ڪپهه جھڙي پشم نڪرندي آهي. هن جا ٻج سرنهن وانگر سنهڙا ٿيندا آهن، هن کي بنگالي ٻوليءَ ۾ پاڙهل، سنسڪرت ۾ پاٽله، هندي ۽ اردو ۾ پاڍل ۽ ويدن ۾ هن جو ذڪر مڌو دوتي نالي جڙي ٻوٽيءَ طور آيو آهي. پاڍل جا گل خوشبودار ٿيندا آهن. جيڪي بهار يا بسنت جي مند ۾ ٽڙندا آهن. انهيءَ ڪري ويدن ۾ هن کي مڌو دوتي يعني بسنت جو پيغام رسائيندڙ چيو ويو آهي. هي ٻن قسمن جو ٿيندو آهي: (1) ڳاڙهن گلن وارو (پاٽله)، (2) هيڊن گلن وارو(ڪاشٽ پاٽله). هي ذائقي ۾ ڪسارو ۽ مزاج ۾ سرد هوندو آهي. هماليه جبلن ۾ چئن هزارن فوٽن جي اتاهينءَ تي ٿيندو آهي. هندي شاعرن هن ٻوٽيءَ جي گلن جي تمام گھڻي تعريف ڪئي آهي.


لفظ پاڍلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو