پاٻوهر

پاٻوهر: ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ پاٻوهر، ڪاڪ، گڙهسيئر، کارو بجير، ڀارمليو، راڻي جو تڙ ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن. هن نالي سان مٺي تعلقي جو هڪ اهم ڳوٺ 5000 کان مٿي آدم شماريءَ تي مشتمل به آهي. جتي ڇهه پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول ۽ هڪ برانچ هاءِ اسڪول آهي. هتي مينگهواڙ، ٺڪر، اُڍيجا، سوٽهڙ ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. ڳوٺ جي چوڌاري وڏي وڻڪار آهي، جنهنڪري هتي مور تمام گهڻا ٿين ٿا. وسڪاري ۾ پاٻوهر جي ترائيءَ ۾ مٺيءَ ۽ ٻين هنڌن تان ڪيترا ماڻهو تفريح طور ايندا آهن. مشهور بزرگ پاربرهم فقير جو مَقام هتان کان اَٺن ميلن جي پنڌ تي آهي. ان حساب سان پاٻوهر، مٺي ۽ پاربرهم جي وچ تي آهي. پاربرهم جي ميلي تي ويندڙ سوين ماڻهن جون ’ڇڙيون‘ (ٽوليون) هتان گذرنديون آهن. پاٻوهر جي مشهور استادن ۾ مرحوم جان محمد اڍيجو، کينئرو مل، چيلارام ۽ هرچند شامل آهن.


لفظ پاٻوهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو