پانيل

پانيل: هڪ قسم جو سرهو گاهه ، جيڪو جبلن ۽ وارياسن پٽن تي پيدا ٿئي ٿو . طبي لحاظ سان دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي . حڪيمن موجب گهاٽي رت کي صفا ڪندڙ آهي . ڦٽن ڦرڙين ۽ بدن جي خارش لاءِ انهيءَ گاهه جو ڪاڙهو ڪيو ويندو آهي . ڪپڙن کي خوشبوءِ دار ڪرڻ لاءِ هي گاهه ڪپڙن ۾ وجهي رکبو آهي . دروازي ۾ لڳل وچين تختن کي به پانيل چيو ويندو آهي ، جن تي چِٽ يا اُڪر جو ڪم به ڪيو ويندو آهي .


لفظ پانيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو