پالاري

پالاري: هڪ ذات جو نالو آهي. هن ذات جا ماڻهو سڄيءَ سنڌ ۾ رهن ٿا، پر خاص ڪري ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جي جابلو علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ رهندا آهن. ٿاڻي بولاخان، ٿاڻي عارب خان، ڪاٺي شهر، ڪلي شهر، سَرِي، نوري آباد، دادا ڀائي، ملير ڳوٺ، درساڻي ڇني ۽ گڏاپ ٽائون وارن ڳوٺن ۾ پالارين جي اڪثريت رهي ٿي. سندن گذران گهڻو ڪري اوٺي مال تي آهي. اُٺ ڌارين ۽ چارين. پالاري امن پسند ۽ بهادر ماڻهو آهن. هن ذات مان مٽڪو خان پالاري مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن جون بسون حيدرآباد- ڪراچي روٽ تي وڏي عرصي کان هلن ٿيون. سندس پٽ در محمد پالاري به هڪ ادب دوست شخص آهي. رخمان گل پالاري نوجوان محقق آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد آهي، جيڪو شاهه لطيف جي بيتن ۽ ٻوليءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. محمد رمضان پالاري ۽ ٻيا ڪيترا پالاري ذات جا مشهور ماڻهو آهن. هن ذات وارن مان ڪيترا نالي وارا سگهڙ به ٿي گذريا آهن.


لفظ پالاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو