پاسپورٽ

پاسپورٽ: ڪنهن به ملڪ جي حڪومت طرفان جاري ڪيل اهڙو دستاويز آهي، جنهن کي ٻين ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جو اجازت نامو سڏي سگهجي ٿو. بين الاقوامي قاعدن موجب پاسپورٽ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏوهه آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ ويندڙ مسافرن لاءِ پاسپورٽ ضروري هوندو آهي. پاسپورٽ ۾ نالو، پيءُ جو نالو، قوميت، پيدائش جي جاءِ، تاريخ، ڌنڌو ۽ ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا يا اجازت نامو لڳل هوندو آهي. ان سان گڏ فوٽو ۽ جسم تي ظاهري نشانيون به داخل ڪيون وينديون آهن. پاسپورٽ جو اهو به خاص مقصد هوندو آهي ته جيئن مسافر کي ٻئي ملڪ ۾ تحفظ جي ضمانت ملي سگهي.


لفظ پاسپورٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


دستاويز - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاسپورٽ
دستاويز ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون