پارڪري

پارڪري (ٻولي ):هي ٻولي گجراتي ٻولين جي نُک مان آهي. هي ٻولي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر وارن هندستاني سرحد سان ملندڙ علائقن، خاص ڪري ننگرپارڪر ۽ ٿر جي خطن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. حيدرآباد جي اتر اولهه ۽ بدين جي ڏکڻ اولهه وارن ڪن حصن ۾ هن جي ڳالهائڻ وارا موجو دآهن. هن کي ڪولهي پارڪري جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. اواڪرڻي طور هي ٻولي 77 سيڪڙي کان 83 سيڪڙي تائين مارواڙيءَ سان، 83 سيڪڙو ٿرادري لهجي سان ملندڙ آهي. هي انڊو يورپي، انڊو ايراني، انڊو آريائي وچين خطي جي گجراتي ٻولين جي نک مان آهي. سنڌ ۾ پارڪر واري علائقي ۾ ڪن خانگي اسڪولن ۾ هن ٻوليءَ ۾ نصاب به پڙهايو پيو وڃي، پر تنهن هوندي به هن ٻوليءَ ۾ تعليم جي شرح هڪ سيڪڙي کان به گهٽ آهي. ڪي پارڪري ڳالهائيندڙ سنڌيءَ ۾ لکن پڙهن ٿا، ڪي اردوءَ ۾ ته ڪي ٿورا گجراتي به ڳالهائين ٿا. هي هندستان جي راجسٿان وارن علائقن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ ۾ هن جا ڳالهائيندڙ هارپو ڪندڙ ڪولهي ۽ عيسائي آهن، ان کان سواءِ پارڪر ۾ رهندڙ ٻيون ذاتيون جهڙوڪ: راجپوت، ريٻاري، چارڻ، سوٽهڙ، ميگهواڙ، جاٽ، مالهي، نائي، سامي، لوهار، بجير وغيره به هي ٻولي ڳالهائين ٿا. گهڻو ڪري هي ٻولي عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. هن جا مختلف لهجا يعني ميواسي، ٿرادري، ڪڇي، ساچوري، وڍياڙي وغيره آهن. هن ٻوليءَ تي ڪا مڪمل تحقيق اڃا تائين نه ٿي آهي، پر تنهن هوندي به ڪجهه لوڪ داستان ۽ ڏند ڪٿائون پارڪريءَ بابت موجود آهن، جن موجب پارڪري ٻولي سوين سال اڳ به ڳالهائي ويندي هئي. پارڪر سان لاڳاپيل لوڪ داستانن: ’سڏونت سارنگا‘، ’ڪاسبو پرمار ۽ پٺي‘، ’اوڍو ڄام ۽ هوٿل پري‘، ’شيڻي وينجهو‘ ۽ ’ڍول مارو‘ وغيره ۾ پڻ پارڪري دوها استعمال ٿيل آهن. پارڪريءَ جي ڪا به لکت ڪو نه ملي آهي، پر 1982ع ڌاري پارڪريءَ بابت هڪ آرٿوگرافي ورڪشاپ ٿي گذريو، جنهن ۾ بحث ٿيو ته پارڪري لاءِ گجراتي يا ديوناگري رسم الخط هئڻ گهرجي، پر پوءِ عربي (سنڌي) رسم الخط استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو.هن ٻوليءَ ۾ پهريون ڪتاب ’ڪِرتن واوَ‘ 1985ع ۾ جرمن خاتون ماريا بياٽرڪس، رچرڊ هوائل ۽ پونم پاسڪل جي گڏيل ڪوششن سان ڪمپيوٽر تي ڇپيو. هن وقت ميرپورخاص ويجهو رتن آباد ۾ ’پارڪري نات سڌار ادارو‘ پارڪري ٻوليءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ڪجهه ئي سالن ۾ پارڪريءَ ۾ 25 کن ڪتاب ڇپايا آهن، جن ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ پروليون شامل آهن، جڏهن ته پارڪري لغت ڇپائي پڌري ڪئي وئي آهي. انگريزيءَ کان پارڪري ۽ پارڪريءَ کان انگريزي به تيار ٿي چڪي آهي. ان کانسواءِ پارڪري آڊيو ويزل نالي هڪ پراجيڪٽ تحت پارڪري ٻوليءَ ۽ ثقافت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ 45 ڪيسٽون به هن ٻوليءَ ۾ تيار ڪيون ويون آهن، جن ۾ پارڪري لوڪ گيت ۽ راسوڙا شامل آهن. هن ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ڪُل 56 اکر رکيا ويا آهن.


لفظ پارڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو