پارچو

پارچو: اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ”ڪپڙي يا ڪپڙي جي تاڪيي“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. خاص ڪري ريشمي ڪپڙي جي تاڪيي کي ’پارچو‘ چوندا آهن. ميين شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف، سر سامونڊيءَ جي بيتن ۾ پارچو لفظ ’ڪپڙن‘ يا ’ڪپڙن جي تاڪين‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي:ڪـرڦل، ڦـوٽا، پـارچـا، پاڻيـٺ پـاتـائـون، ڪوٺيون قيمت سنديـون، تر ۾ تاڪيائون .


لفظ پارچوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو