پارو

پارو (Frost ):جڏهن گرمي پد º0 کان هيٺ ڪرندو آهي، تڏهن فضا ۾ موجود پاڻي هيٺ ڪرندي برف جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي، جنهن کي پارو (Frost) چيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ پاڻيءَ جي ڄمي پوڻ جي حالت کي پارو چئبو آهي، گرمي پد جي º0 گريڊ هيٺ ڪرڻ سبب ڪنهن به سخت شيءِ مٿان پاڻيءَ جا تهه ڄمي پوندا آهن، موسم جي اهڙي صورتحال ۾ جبلن جي وٿين ۾ رات جي وقت ڪرندڙ پاڻي ڦاڪن جي صورت وٺي بيهندو آهي، جيڪي اڳتي هلي انهن جبلن جي ٽٽڻ سبب ٿيندا آهن، خاص ڪري اترئين علائقن ۾ ته پاري پوڻ سان پاڻيءَ جو مٿيون تهه برف جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي، جيڪو وري سج اڀرڻ سان پاڻيءَ جي صورت ۾ وهي درياهن ۽ ڍنڍن ۾ پوندو آهي، پارو رات جي وقت حد کان گهٽجي ويل گرمي پد جي ڪري پوندو آهي.


لفظ پاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو