پاراچنار

پاراچنار: هيءُ شهر صوبي سرحد جي خرم ايجنسيءَ جو صدر مقام آهي، جيڪو پشاور کان 80 ميل اولهه ۾ آهي. هتان افغانستان طرف رستو ويندو آهي. هتي جا قدرتي منظر تمام دلڪش آهن. هن شهر جو نالو چنار جي قديم وڻن جي گهڻائيءَ ڪري پيو آهي. ”بچه سقه“، جيڪو افغانستان جو بادشاهه ٿيو هو، پاراچنار جي هڪ بازار ۾ ماشڪيءَ جو ڪم ڪندو هو. چانور، ڪڻڪ ۽ مڪائيءَ جي فصلن کان سواءِ صوف، ناسپاتي، انگور ۽ ٻيا ميوا هن واديءَ جي زرعي پيداوار ۾ شامل آهن. پاراچنار جا اکڙوٽ سٺا ليکيا ويندا آهن. هتي جي مشهور ادارن ۾ پائيلٽ بيلون، آبزرويٽري، ماڊل زرعي فارم ۽ گورنمينٽ ڪاليج اچي وڃن ٿا.


لفظ پاراچنارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو