پاجامو

پاجامو

پاجامو

پاجامو: پاجامو اصل ۾ ايراني لباس جو حصو آهي، جيڪو چيلهه کان هيٺ، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هن ڪپڙي جو اصل نالو ”پا- جامه“ آهي، جيڪو ايران جي پهاڙي ۽ سرد علائقي لاءِ هر طرح موزون هو. هيءُ لباس گهوڙي يا گڏهه جي سواريءَ ۾ به آساني پيدا ڪندو هو. ايران ۾ سٺو ۽ وزنائتو، ريشمي توڙي سوٽي ڪپڙو ٺهندو هو، جنهن تي چٽ (گل) به ٺهيل هوندا هئا، انهيءَ ڪري اتي جا بادشاهه، امير توڙي وزير انهيءَ ٺهيل پاجامي کي گهڻو پسند ڪندا هئا. آرين جڏهن ايران کان سنڌ ڏانهن هجرت ڪئي، تڏهن پنهنجو اهو لباس به پاڻ سان کڻي آيا. نبوت کان اڳ عربستان ۾ عڪاظ جو ميلو لڳندو هو، جنهن ۾ وڏو واپار ٿيندو هو. خاص ڪري اُتي ايران جو ڪپڙو ۽ پاجاما به وڪامندا هئا. سرزمين سنڌ ۾ ايران مان آيل آرين پاجامو عام ڪيو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ تائين پاتو ويندو هو. پاجامو آرين جي سڃاڻپ هئي. سنڌ جا عامل هندو پاجامو پائيندا هئا ۽ لوهاڻا، واپاري ۽ ڀائيبند ڌوتي ٻڌندا هئا. ڀارت جا هندو توڙي مسلمان پاجامو ۽ ڌوتي پائيندا آهن، تنهنڪري اتان کان لڏي آيل مسلمان به هتي پاجامو عام جام استعمال ڪندا آهن، پر فرق اهو آهي ته سنڌي هندو، بنا ٻچيءَ وارو پاجامو پائيندا آهن، پر ڀارتي مسلمان ٻچيءَ وارو پاجامو پائين ٿا.


لفظ پاجاموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو