پائُلي

پائُلي: ڏهائي نظام کان اڳ جو هڪ سڪو، جنهن جو ملهه چار آنا هو. رپئي جو چوٿون حصو، پاڪستان کان اڳ پائلي چانديءَ مان ٺهيل هوندي هئي، ان وقت رپيا به چانديءَ جا ٺهيل هلندا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چانديءَ جا سڪا گم ٿي ويا. انهن جي بدران نِڪَل (ڌاتو) جا سڪا هلڻ لڳا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن. پائلي هاڻي استعمال ۾ ڪونه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو