ٽيڙو2

ٽيڙو2: ٽيڙو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ٽي“. اصطلاحي معنيٰ موجب آسمان تي پور وڇوٽيءَ تي بيٺل ستارن کي ’ٽيڙو‘ چيو وڃي ٿو. جپاني صنف هائيڪو کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ هي صنف هري دلگير، شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي لکي، پر امداد حسينيءَ اُن جو نئون نالو ”ٽيڙو“ متعارف ڪرايو. هن صنف ۾ ڪُل 35 ماترائون ٿينديون آهن، يعني جپاني هائيڪو کان هڪ ماترا وڌيڪ، ڇو ته هائيڪو ۾ 5+7+5 ٻٽيون ماترائون ڪم اينديون آهن. سنڌي ٽيڙوءَ ۾ به پهرين ۽ ٽين سِٽ هم قافيه هوندي آهي ۽ وچين سٽ آزاد هوندي آهي.
مثال:
سُــجھـــي نــــه ڪـائــي ســٽَ
ڪـوري ڪـاڳــر تــي لـکـيــَم،
”مــــارُو مــنــهــنـــجــــا مـــٽَ !“
(امداد حسيني )


هن صفحي کي شيئر ڪريو


صنف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوٺاڻيون
ٽيڙو2
تذڪرو
صنف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون