ٽوري

ٽوري: هن نالي سان سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ ڪي ديهون ۽ ڳوٺ آهن، جن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.
ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ٽوري هوت خان شاهاڻي، ڪورائي، رمضان ۽ احمد.
ضلعي خيرپور جي تعلقي گنبٽ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ٽوري ڏاتو، سرائي غلام اڪبر، نورمحمد جاگيراڻي، ناريجا، حاجي محمد مراد، حاجي ابراهيم ۽ غلام جعفر ناريجو.
ضلعي نوابشاهه، تعلقي سڪرنڊ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ 9 ڳوٺ شامل آهن:
حاجي محمد خاصخيلي، حاجي پنهون جمالي، ڄام ڏاهري، حاجي ابراهيم دستي (پريتم آباد)، حاجي امام دين بروهي، محمد موسيٰ خاصخيلي، دوست آباد، جعفر خاصخيلي ۽ علي مراد جمالي.


لفظ ٽوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو