ٽنڪا

ٽنڪا (Tanka ):ٽنڪا، جاپاني شاعريءَ جي اها صنف آهي، جيڪا پنجن سٽن تي مشتمل هوندي آهي ۽ ان جو وزن 31 ماترائن تي مشتمل هوندو آهي. يعني پنج، ست، پنج، ست، ست ماترائون. هيءَ جپان جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جنهن ستين صديءَ ۾ جنم ورتو. جپان جي مشهور شاعرن بوسن ۽ ايسا (659ع) جا ٽنڪا مشهور آهن. سنڌيءَ ۾ هي صنف تنڪا جي نالي سان تجربي هيٺ آئي. جنهن تي تاج جويي، مير محمد پيرزادي، مختيار ملڪ ۽ عامر سيال طبع آزمائي ڪئي آهي.


لفظ ٽنڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو