ٽم ٽم ٽانڊاڻا

ٽم ٽم ٽانڊاڻا

ٽم ٽم ٽانڊاڻا

ٽِم ٽِم ٽانڊاڻا (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامياري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ جي ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جيڪو ٻارن جي عالمي سال 1979ع جي مناسبت سان ڇپايو ويو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ناليواري اديب محمد ابراهيم جويي، لکيو آهي ته: ”ٻارن جي هن عالمي سال لاءِ اسان جي ڪيترن ئي محبوب شاعرن جيڪي هٿين خالي پر دلين جا تونگر آهن، سنڌي ٻارن کي پنهنجا قرب ڀريا املهه تحفا ڏنا آهن. مختيار ملڪ اهڙو ئي هڪڙو تحفو هن ڪتاب جي صورت ۾ سنڌ جي ٻارن کي پيش ڪيو آهي.“ هيءُ ڪتاب ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد“ طرفان ڊسمبر 1980ع شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 56 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو