ٽليون

ٽليون: پتل يا ڪنجهي مان ٺهيل مخروطي وٽيون يا ڪٽوريون، جيڪي ٻڪرين يا ڇيلڙن کي واڄي لاءِ ڳچيءَ ۾ ٻڌبيون.
سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪڇ، ڪاٺياواڙ طرف ٽليون مندرن جي موسيقيءَ جو مقبول ساز آهن. ٽليون پتل يا ڪنجهي مان ٺهيل ٽي چار انچ قطر واريون گول وٽيون هونديون آهن، جن ۾ اندر ننڍڙيون لارون هونديون آهن، جن کي وڄائڻ سان ڇڻڪو ٿيندو آهي.


لفظ ٽليونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو