ٽالسٽاء

ٽالسٽاء

ٽالسٽاء

ٽالسٽاءِ: عظيم روسي فلاسفر ليو ٽالسٽاءِ 9 سيپٽمبر 1928ع تي، ماسڪو جي ڏکڻ ۾، ياسنايا پوليانا ۾ پيدا ٿيو. سندس گھراڻو، زميندار ۽ عزت وارو هو. 9 سالن جي ڄمار ۾ سندس پيءُ گذاري ويو، تنهن ڪري ٻين مائٽن سندس پرورش ڪئي. سندس تعليم لاءِ فرانس ۽ جرمنيءَ جا استاد مقرر ڪرايا ويا. 16 سالن جي عُمـر ۾ کـيــس ڪـازان يونيـورسٽـيءَ ۾ داخـل ڪرايو ويـو، جـتـي هن پهرين لـسانيات ۽ پوءِ قـانـون جــي تـعـليــم حاصل ڪئي. 1847ع ۾ ٽالسٽاءِ ڊگري وٺڻ کان سواءِ ئي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1852ع ۾ جابلو قبيلن سان جنگ هلندي ٽالسٽاءِ پنهنجو ناول (آتم ڪٿا) ”ٻاروتڻ“ (Childhood)، مڪمل ڪيو. ان کان پوءِ ان ناول جي تسلسل ۾ هـن ٻه ٻيا ناول ”بوائي هُڊ“ (Boyhood) ۽ ”يُوٿ“ (Youth) لکيا. 1856ع ۾ ٽالسٽاءِ ”سينٽ پيٽرڪ برگ“ موٽي آيو ۽ اتي اچي هارين جي تعليم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. 1862ع هن پاڻ کان 18 سال ننڍي ڇوڪريءَ ”سونيا انڊريو نابرس“ سان شادي ڪيائين، جنهن سندس زندگي ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. انهيءَ دور ۾ ٽالسٽاءِ فڪري طور ان اصول جو ٿي چُڪو هو ته ”زندگي کي فطرت جي بخشيل سادگيءِ موجب گذارڻ کپي، اجائي چالاڪيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. سندس ناول ”جنگ ۽ امن“ (War and Peace) ۾ اهو ئي مرڪزي خيال ڪارفرما آهي. سندس مشهور ناول ”اينا ڪيرينا“ 1877ع ڌاري مڪمل ٿيو. جنهن ۾ هن پنهنجي مذهبي نظرين جو دفاع ڪيو آهي. 1896ع ۾ هن ”فن ڇا آهي؟“ (What Is Art?) ۽ ”نيٺ ڇا ڪجي“ (What Then Must We Do) لکيا. سندس آخري تصنيف ”قيامت“ هئي. جيڪا هن 1900ع ۾ مڪمل ڪئي. روس جي هن عظيم مفڪر، ناول نگار ۽ فرانس جي فلاسفر ”روسو“ جي معتقد ليو ٽالسٽاءِ 1910ع ۾ ماسڪو ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1828.09.09  عيسوي

ليو ٽالسٽاءِ 9 سيپٽمبر 1928ع تي ماسڪو جي ڏکڻ ۾ ، ياسنايا پوليانا ۾ پيدا ٿيو


1910.00.00  عيسوي

ليو ٽالسٽاءِ 1910ع ۾ ماسڪو ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
جارج اسٽيفنسن
شاهنواز ڏاهاڻي
روچيرام گجو مل
شاهه نصيرالدين قريشي
شهباز دراني
زين نوراني
ابو بن اڌم
شهريار خان مهر
پير شاهه مراد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون