ٽائٽانڪ

ٽائٽانڪ

ٽائٽانڪ

ٽائٽانڪ: ٽائٽانڪ جهاز کي سامونڊي تاريخ ۾ سڀ کان اهم مڃيو وڃي ٿو، ان ڪري جو ٽائٽانڪ جھاز سان هڪ وڏو حادثو پيش آيو، جنهن سبب گھڻي تعداد ۾ مُسافر موت جو شڪار ٿي ويا، ٻُڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻهن جو هو، پر ان کان سواءِ ٻيون به ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي کي اهم بڻائين ٿيون. ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ (جڏهن ٽائٽانڪ تيار ٿيو). مسافر جھازن جي حوالي سان ٻه ڪمپنيون تمام مشهور هيون. هڪ: وائيٽ اسٽار ڪمپني ۽ ٻي: ڪنارڊ. ٻئي ڪمپنيون انگلينڊ جون هيون ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ وڏو مقابلو هليو. 1907ع ۾ ڪنارڊ ڪمپنيءَ ٻه تمام وڏا ۽ تيز رفتار مسافر جھاز هلائڻ شروع ڪيا. هڪ ٻٽيهه هزار ٽن وزني (هڪ ٽن ۾ اٺاويهه مڻ ٿين ٿا). ”لوسيتانيا“ نالي ۽ ٻيو ٽيٽيهه هزار ٽن وزن جو ”موريطانيا“ نالي سان جھاز هو. ڪنارڊ ڪمپنيءَ کي انهن جهازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مخالف ڪمپني ”وائيٽ اسٽار“ ان کان به وڏا اٽڪل چاليهه ايڪيتاليهه هزار ٽن وزن جي ٽن جھازن جو آرڊر ڏنو، اُهي ٽي جھاز هئا: اولمپڪ، ٽائٽانڪ ۽ جائگنٽڪ. ٽائٽانڪ جھاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿمپٽن بندرگاهه ڇڏڻ جي تاريخ اربع 10 اپريل 1912ع مقرر ڪئي وئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ سامان جھاز تي چڙهيا. جملي ٻه هزار ٻه سؤ پنجٽيهه مسافر چڙهيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جھاز هلائيندڙ ۽ ٻيو عملو ڪل 912 ڄڻا هئا. برطانيه ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جھاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃي نڪرندا آهن. ان جو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاهر آهي. پر ڪن ڪن هنڌن تي سال جي هنن ڏينهن م برف جون ڇپون (Ice Berg) نظر اينديون آهن. خميس ڏينهن ٻين بجي ڌاري هي ٽائٽانڪ جھاز آئرلينڊ جي شهر ڪُئنس ٽائون مان نڪتو. شام جو ڊنر تي سڀني مُسافرن کي هڪٻئي سان ملڻو هو. وائيٽ اسٽار ڪمپني اعليٰ مسافرن ۽ اوچي کاڌي کان مشهور هئي. جھاز جي ٽڪرائجي ڀڄي پوڻ ۽ پاڻيءَ اندر گھڙي اچڻ ڪري هي حادثو رات جو اٽڪل ساڍي يارهين وڳي پيش آيو، اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو شروع ٿي ويو، ٽائٽانڪ جھاز تان لاٿل ٻيڙين ۾ غلط بندوبست ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ٿورا مسافر چاڙهيا ويا، اهڙي ريت اٽڪل ست سؤ يارهن ماڻهو بچي ويا.


لفظ ٽائٽانڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو