ٽئنڪ

ٽَئنڪ: جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ قسم جي لوهي گاڏي. (هيءُ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي) خاص طرح بارودي لڙائيءَ ۾ ڪم ايندڙ لوهي گاڏي، جيڪا ڦيٿن تي چڙهيل لوهي زنجيرن وارن پٽن جي ڪري هر قسم جي کڏن کوٻن واري زمين تي هلي سگهندي آهي. 1965ع ۾ پاڪ- ڀارت جنگ ۾ ’ڇنڀ- جوڙيان‘ جي محاذ تي، ٻنهي ملڪن جي ٽئنڪن جي وڏي لڙائي لڳي، جنهن ۾ ايتري تعداد ۾ ٽئنڪون تباهه ٿيون جو اڄ ڏينهن تائين اهو علائقو صاف نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان هنڌ کي ”ٽئنڪن جو قبرستان“ به چوندا آهن.


لفظ ٽئنڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو