ٻڙها

ٻڙها: ٻڙها سنڌ جي هڪ قديم ذات آهي، هن ذات وارا موهن جي دڙي واري دور کان پنهنجي ڪرت جي حوالي سان ساڳيو ڪم ڪندا اچن ٿا. عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:ٽيرا ڪوٽا، قديم رانديڪا، جيڪي ڀنڀور، ٽئڪسيلا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليا آهن، اهڙا مضبوط رانديڪا جيڪي صدين گذرڻ کانپوءِ به سلامت آهن. اهي’ٻڙها‘ نالي ٿر جي قبيلي جي ماڻهن ٺاهيا.
سندن رانديڪن ٺاهڻ جي تاريخ هن ريت آهي ته پراڻي درياهه هاڪڙي جي ڪپرن تي ڪن هنڌن تي هڪ خاص قسم جي مضبوط چيڪي مٽي ملندي هئي. جنهن کي صرف ’ٻڙها‘ ئي سڃاڻي سگھندا هئا. ٻڙها چيڪي مٽيءَ ۾ رائي (وڏن وڏن داڻن واري مٽي) ملائي ان کي ايترو ته ڳوهيندا هئا، جو مٽي ۽ واري هڪ ٿي ويندي هئي. ان کانپوءِ ان مان رانديڪا ٺاهيندا هئا. رانديڪا ٺاهڻ کانپوءِ انهن کي ڪرڙ جي ڪاٺين جي ڪير ۾ پچائڻ سان گڏوگڏ سڙڻ وقت ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان جيڪو ٽيپو ٽيپو ٿي رس نڪرندو آهي. انهيءَ رس جا ڀنڊا رانديڪن مٿان هاريندا ويندا هئا ته جيئن رانديڪن ۾ وڌيڪ مضبوطي اچي. رانديڪن کي ٺاهي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ ڪافي ڏينهن کانپوءِ ڪڍندا هئا ۽ صاف ڪري عورتن کي ڏيندا هئا، جيڪي اهي رانديڪا اناج جي بدلي وڪرو ڪنديون هيون. انهن رانديڪن کي ٽيراڪوٽا جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻڙها صدين کان رانديڪا ٺاهيندا ٿا اچن ۽ سندن ذات سنڌ جي قديم ترين ذات آهي.


لفظ ٻڙهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو