ٻپهري

ٻپهري (ڪتاب ):مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو، جيڪو 1990ع ۾ ڀارت ۾ ڇپيو. ڪتاب جي چونڊ ڪهاڻي آهي، ”ٻپهري“، جيڪا 60 سالن جي هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي، اُن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد، هو هيڪلو ٿي وڃي ٿو ۽ ٻارڙن جي سنڀال خود ڪري ٿو. انهيءَ وچ ۾ هڪ 70 سالن جي پاڙيسري عورت وٽس نوڪرياڻي ٿي اچي ٿي، جيڪا سندس ٻارڙن جي سنڀال ڪري ٿي .


لفظ ٻپهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو