ٻيلڻ

ٻيلڻ: ٻيلڻ خاص طرح اتر سنڌ ۽ اولهه طرف ڪاڇي وارن جو لوڪ گيت آهي. نظم جي نموني ۽ مضمون جي لحاظ کان عام روايتي ’لولي‘ سان ملندڙ آهي. البته ٻنهي جي آلاپڻ ۾ فرق آهي. ٻيلڻ ”ٻن مصرعن وارو“ نظم آهي، جنهن جي ٻيءَ مصرع کي لاهڻيءَ وقت ٻيو دفعو آلاپيندا آهن، جنهن ڪري ئي غالباً هن تي ٻيلڻ جو نالو پيو آهي .
هيءُ گيت مرد توڙي زالون جدا جدا موقعن تي آلاپين، زالون اڪثر ”پيرن“ جي موسم ۾، جڏهن ٽولا ڪري جهنگ ۾ پيرون چونڊڻ وڃن، ۽ مرد اڪثر آسر مهل اُٺ لڏڻ وقت، يا راتين جو سفر ڪندي سُر سان آلاپين. ڳائيندا ته پهرينءَ مصرع کي مٿي ڇڪ ڏئي کڻندا، جنهن کي ’اولاڻي‘ يا ’اوٺاڻي‘ چون ۽ ٻيءَ مصرع ۾ آواز کي مٿان هيٺ لاهيندا، جنهن کي ”لاهڻي“ چون. هيءُ گيت اڪثر هر فرد اڪيلي سر جدا آلاپيندو آهي .
هن گيت ۾ عام روايتي لولين وارو ساڳيو مضمون سمايل آهي، يعني عورت جي طرفان محبت جو اظهار، وڇوڙي جا ورلاپ ۽ ملاقات جو انتظار وغيره. هيءُ گيت فقط سرائيڪي ٻوليءَ ۾ آهي .

ٻيلڻـوي هُڻ تيـڏي ٻيلـڻ ٻيٺي ڳاوي
رمزن دي ماري، ڪهڙي ٻارڙي ڄاوي
ٻيلڻ وو.. .

پِيلُون چُونڊيندي مين ويڙهه وڃايا
شاباس اُنهان سهيليان ڪون، جنِهان لَڙهه لڳايا
ٻيلڻ وو.. .


لفظ ٻيلڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو