ٻهارا

ٻُهارا: ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپورساڪري ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو نالو. ٺٽي ضلعي جو هيءُ مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو ”ٻهاراذات جي ماڻهن جي رهائش سبب انهيءَ نالي سان سڏجي ٿو. هيءُ ڳوٺ بگهاڙ واهه جي ڪناري تي آباد آهي. هتي جي ماڻهن جو عام پيشو پَکا، تڏا، تئونريون، رسا، واجهه ۽ کارا ٺاهڻ آهي .


لفظ ٻهاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو