ٻنڊي

ٻِنڊي: ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ڏوڪريءَ جو ھي ڳوٺ تمام آڳاٽو آباد آھي. لفظ ’ٻنڊي‘، حقيقت ۾، درياهه جي ڇڏيل زمين جي ٽڪري کي چئبو آھي. ورھاڱي کان اڳ ھن ڳوٺ ۾ ھندن جي آبادي وڌيڪ ھئي. ماڻھو محنتي ۽ ھمت ڀريا ھئا، جنھنڪري پوکي راھيءَ ۾ ججھا جوھر جرڪائيندا رھيا. سندن عورتون ھنري اعتبار کان سگھڙ، سياڻيون ۽ سيبتيون ليکبيون ھيون. خاص ڪري ڀرت جو ڪم، رليون، سنڌي ٽوپ، کجين جي ٻوٽن ۽ تيلين مان تڏا، ٽٻڻا، پنڊيون، ڇٻيون ۽ دٻڪيون وغيره تيار ڪري، شھر ڏانھن اماڻينديون ھيون. لڏ- پلاڻ کان پوءِ ٻنڊيءَ جا اڪثر رھاڪو وڃي مسلمان رھيا آھن ۽ ڪي ٿورا ھندو، پنھنجيءَ زمين خاطر اڃا به اتي مقيم آھن. سنڌ جو زميندار، سياستدان، ادب جي حوالي سان ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ، ناميارو قانوندان، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ھن ڳوٺ جو رھاڪو آھي. ھتان جا انب، ٻير، ليما ۽ مڪئيءَ جا سنگ سنڌ ۾ سڪارتا سھنج سڏجن ٿا. ماڻھو مالدار، مخلص ۽ مھمان نواز آھن .


لفظ ٻنڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو