ٻنڀو

ٻُنڀو: گھر جو لنگهه پوءِ کڻي اھو لنگهه لوڙھي جو ھجي، ڏاڪائون در ھجي يا ڪوٺيءَ يا ڪمري جو ھجي، انھيءَ لنگهه کي ”ٻنڀو“ چوندا آھن. مثال طور چوندا ته ”ٻنڀو ئي ڦيرائي ڇڏيائينس“ يا ”ٻنڀو ئي ٻئي پاسي ٿي ويو“. معنيٰ ته دستوري لنگهه بند ڪري ڇڏيائينس، ڦٽائي ڇڏيائينس وغيره. لطيف سائين چيو آھي ته:
” ٻنڀان جن ٻري، ڏونگر سي ڏورينديون“ .


لفظ ٻنڀوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو