ٻاڻ

ٻاڻ: اُهو تير، جيڪو سنهيءَ بانس جي ڪاٺيءَ مان چهنبيارو گهڙي ٺاهجي. ’ٻاڻ‘ لڳڻ سان جسم ۾ پيهي جسم کي زخمي ڪري ڇڏيندو آهي. هي هلڪي قسم جو تِيرُ آهي. وڌيڪ ڏسو ”تِير“. ٻاڻ بمعنيٰ ”تير“ لطيف سائينءَ به ڪم آندو آهي:
پرين پَيڪانُ ڀڇنڊيو، ٻَنگان ٻاڻ ڀري .


لفظ ٻاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو