ٻانھوٽا

ٻانھوٽا: ٻانھن ۾ پائڻ جو ھڪ ڳهه. ٻانھوٽا ٻنھي ٻانھن ۾ پائبا آھن، اھي چانديءَ جا به ٿين ته سون جا به. ٻارن کي سوڻ طور موتين مان ٺھيل ٻانھوٽا پائڻ جو رواج آھي. اھي ست رنگي سٽ يا پٽ جا ڌاڳا، جن ۾ موتي پوئي، ٽؤنر وجھندا آھن، مڻڪن ۽ ڪچ ڪوڏين وغيره مان به ٻانھوٽا ٺھندا آھن .


لفظ ٻانھوٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو