ٻانڊ

ٻانڊ: درياهه ۾ لڙھندڙ بُنڊ يا ڪاٺ، جيڪو پاڻيءَ ۾ ھئڻ سبب اندران سڙي ڳري پورو ٿي ويو ھجي، ٻانڊ جي ڪاٺي پوري، نرم، ھلڪي ۽ بي زور ٿيندي آھي. اڪثر درياهه جي ڪنارن تي لڀندي آھي، حڪيمن چواڻي اھا طبي لحاظ سان دوا ۾ پڻ ڪم ايندي آھي. حڪيم چون ٿا ته ان ڪاٺيءَ جي استعمال سان وات، ڦڙ ۽ مھارن مان ايندڙ رت بند ٿي ويندو آھي. ڏندن کي طاقت ڏيڻ لاءِ ان جو ٻورو ڏندڻ سان لڳائبو آھي .


لفظ ٻانڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو