ٻارهو

ٻارهو/ ٻاراهو: ٻارهن مهينن جو عرصو. فوتيءَ کي سال گذرڻ تي ڏياريل ختمي يا خيرات کي ٻارهو چئبو آهي. فوتيءَ کي جڏهن ٻارهن مهينا ٿي ويندا آهن، تڏهن سندس فوت ٿيڻ واري ڏينهن تي ختمي درود جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. هن ڏينهن تي خيرات طور فوتيءَ جي نالي اهو سڀ سامان ڏنو ويندو آهي، جيڪو هو پائيندو هو. مثلاً: وڳو، ٽوپي، رومال، تيل، وغيره. اڪثر مسلمان ميلاد شريف ۽ قرآن شريف جو ختمو به ڪرائيندا آهن، جيئن فوتيءَ کي ثواب ٿئي. ٻارهي جي ماني پڻ ڪئي ويندي آهي .


لفظ ٻارهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو