ٺٽيار

ٺٽيار: جتن جي هڪ مشهور ذات، جن جو گذر سفر اڪثر ڪري ٻڪرين پالڻ تي آهي. هي ٻين جتن وانگر گهڻو ڪري اُٺ ڪو نه پالين، البته گهريلو عورتون واڻ وٽين ۽ پِيش جو ڪم ڪن ٿيون. هي ڪڇ ۽ لاڙ ۾ اڪثريت ۾ آهن. ڪجهه ملاح به پاڻ کي ”ٺٽيار“ سڏائيندا آهن. ٺٽ جيئن ته ملاحن سان منسوب آهي، ان ڪري اهي ”ٺٽيار“ سڏجن ٿا. ڪي ميمڻ به ’ٺٽيار‘ چوائيندا آهن جيڪي ٺٽي شهر جي محلي ’ٺٽيءَ‘ جا رهندڙ هئا ۽ پوءِ واپار سانگي لڏي ڪراچي شهر ۽ ڪڇ ڪاٺياواڙ طرف وڃي آباد ٿيا.


لفظ ٺٽيارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو