ٺٽي2

ٽيي2: ٺٽي نالي سان آمريءَ جي ڀرسان وڏي آبادي جو ڳوٺ. آمريءَ کان ¾ ميل اتر اولهه ۾ موجود آهي. هتي جي پراڻين قبرن ۽ دڙن مان پتو پوي ٿو ته اتي ڪنهن وقت ۾ ڪو وڏو شهر آباد هو ۽ اهو سن پرڳڻي ۾ شامل هو. هي ڳوٺ چون ٿا ته ٺٽي کان آيل سيدن اچي آباد ڪيو هو. دادو شهر جي بُٺ محلي ۾ رهندڙ ٺٽيارن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اصل آمريءَ وارا انهيءَ ٺٽيءَ جا ويٺل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو