ٺلهه

ٺلهه: هي ٺلهه، ديهه ٺل، تپي بکر شھيد تعلقي جوھي ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھي ٺلهه ھڪ دڙي جي مٿان ٺھيل آھي. دڙو ثقافتي وٿن سان ڀريو پيو آھي. دڙي جي وٿن چڪاسڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته اھو ماڳ به سنڌو تھذيب واري دور سان واسطو رکي ٿو. ھي دڙو اڳ ۾ ڪنھن به نه ڄاڻايو آھي. ھتان، ٺڪر، ٺڪر جون ڀڳل چوڙيون، سوخدار ٿانو وغيره لڌا آھن جيڪي سنڌو تھذيب واري دور سان ڀيٽڻ جھڙا آھن.


لفظ ٺلههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو