ٺاڪر

ٺاڪر: اهي راجپوت نسل جا ماڻهو آهن جيڪي سنڌ ۾ به ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. چچنامي موجب اهي راجا ڏاهر جي فوج جا خاص سپاهي هئا. محمد بن قاسم کان جنگ هارائڻ کان پوءِ جڏهن راجا ڏاهر جي پٽ جيسينه ڪيرج ۾ وڃي راجا دروهر راءِ وٽ پناهه ورتي، ته اتي دروهر راءِ جي ڀيڻ ’چڱي‘ جي هنيل ڪوڙي الزام ۾ دروهر راءِ جيسينه کي مارڻ ٿي چاهيو، ان وقت جيسينه کي راجا دروهر راءِ کان بچائڻ ۾ به ٺڪرن جو وڏو هٿ هو، چچنامي موجب انهن جا نالا تورسينه ۽ سورسينه هئا. اهي سومرن ۽ سمن جي فوج م پڻ ملازمت ڪندا هئا. سندن عزازت سنڌ جي جاڙيجن سان هئي. ٺاڪر سنڌ ۾ 13 هين ۽ 15 هين صدي عيسوي ۾ نهايت مشهور هئا. هن وقت سنڌ ۾ راجپوت نسل جون ذاتيون ’سوڍا‘ ۽ ’راٺوڙ‘ سڏجن ٿيون.


لفظ ٺاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو