ٺاٺارو

ٺاٺارو: ڌاتوءَ مان ٿانوَ ٺاهيندڙ ڪاريگر، عام خيال اهو آهي ته ٺاٺارو ٿانوَ ٺاهڻ وقت مترڪي سان ”ٺاٺا“ جو آواز ڪڍندو آهي، ان ڪري به ”ٺاٺا“ ڪندڙ کي ”ٺاٺارو“ چيو ويو. اهو ڄڻ ته فطري سڃاڻپ واري ذات ۽ نالو بنجي ويو. گذريل دور ۾ ٺاٺاري کي ”ڪسيرو“ به چوندا هئا، انهيءَ ڪري جو ان وقت ٿانءَ ٽامي مان ٺهندا هئا، خاص ڪري ديڳڙا، ديڳڙيون وغيره. ٽامي جي ٿانون کي ڪَسُ چڙهندي آهي، انهيءَ ڪري ”ڪس واري ڌاتوءَ“ سان واهپي سبب ٺاٺارن کي ”ڪسيرو“ به چوندا آهن.


لفظ ٺاٺاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو