مير علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير قانع ٺٽوي (1140هه/1727ع- 1203هه/1788ع ):مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي خاندان ۽ ابن ڏاڏن جو احوال پنهنجي ڪــجهه تــصنيفن ۾ درج ڪــيـو آهي، ان کــان ســواءِ ”مــجالس المومنين“ مصنف قاضي نور الله شوستري ۾ هن خاندان جي بزرگ سيد شڪر الله شيرازيءَ جو احوال ملي ٿو. مير علي شير جو خاندان ايران جي شهر شيراز سان تعلق رکندو هو. سندس بزرگن ۾ سيد شڪر الله شيرازي، شاهه بيگ ارغون جي زماني 928 هه/1521ع ۾ شيراز مان سنڌ ۾ آيو. قانع پنهنجو نسب سيد شڪر الله شيرازيءَ سان هن طرح ملايو آهي. مير علي شير قانع بن مير عزت الله بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهير الدين ثاني بن سيد شڪر الله ثاني بن مير ظهير الدين اول بن قاضي شڪر الله اول شيرازي. مير علي شير ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. هن ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. ميان نعمت کان ’ميزان الصرف‘ کان ’شرح ملا‘ تائين تعليم حاصل ڪيائين. آخوند محمد شفيع ٺٽويءَ کان قصائد عرفي ۽ عروض سيفي پڙهيو. آخوند ابوالحسن بي تڪلف ٺٽويءَ کان فارسي پڙهيو ۽ مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل کان شعر ۽ سخن جي تعليم حاصل ڪيائين. قانع هڪ ئي وقت عالم، شاعر، اديب، نثر نگار، مورخ، تاريخدان، محقق، تذڪر ي نگار هو. هن ٻارهن سالن جي عمر (1152هه/ 1739ع ) ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اٺ هزار شعرن تي مشتمل هڪ ديوان تيار ڪيائين، جيڪو پاڻ ئي ڪنهن سبب جي ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين. قانع جي ذهانت، قابليت، اهليت ۽ علميت کي آڏو رکندي، ان وقت جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي (1170هه/1756ع -1186هه/1772ع) کيس ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ 1175هه/1739ع ۾ مقرر ڪيو. هن ڪلهوڙن جي تاريخ ٻن جلدن ۾ لکي، هڪ نظم ۾ منظوم ”شاهنامه فردوسي“ جي بحر تي ۽ ٻي نثر ۾. ليڪن هن درويش صفت مصنف کي شايد شاهي ملازمت پسند نه آئي، انهيءَ ڪري شاهي درٻار ڇڏي ٺٽي ۾ واپس آيو ۽ 1180هه/ 1766ع ۾ ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماريءَ جي حالت ۾ به ٽي ڪتاب لکيائين. جن ۾ آخري ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ آهي. مير علي شير قانع جون هيٺيون تصنيفون مشهور آهن: (1) ديوان علي 1152هه/1739ع، (2) مثنوي شمه از قدرت حق 1165هه/1751ع، (3) مثنوي قضا و قدر 1167هه/ 1753ع، (4) نو آئين خيالات 1169هه/1755ع، (5) مثنوي قصه ڪامروپ 1169هه/ 1755ع، (6) ديوان ”قال غم“ 1171هه/1757ع، (7) ساقي نامه 1174هه/ 1760ع، (8) واقعات حضرت شاهه منظوم 1174هه/1760ع، (9) چهار منزله منظوم 1174هه/1760ع، (10) تــزويـج نـامـه حســن و عـشـق 1174هه/1760ع، (11) اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ 1174هه/1760ع، (12) مڪلي نامه ”بوستان بهار“ 1174هه/1760ع، (13) مقالات الشعراء 1174هه/1760ع، (14) تاريخ عباسيه (نثر) نامڪمل 1175هه/ 1761ع، (15) تاريخ عباسيه منظوم 1175هه/1761ع، (16) تحفة الڪرام (3 جلد) 1181هه/1767ع، (17) اعلانِ غم 1192هه/1778ع، (18) زبدة المناقب 1192هه/1778ع، (19) مختار نامه 1194هه/1780ع، (20) نصاب البلغاء 1198هه/1783ع، (21) مثنوي ختم السلوڪ 1187هه/1773ع، (22) طومار سلاسل گزيده 1202هه/1787ع، (23) شجره اطهر اهلبيت 1202هه/1787ع، (24) معيار سالڪانِ طريقت 1202هه/1787ع. ان کانسواءِ قانع جي هيٺين تصنيفن جي سنن جي ڄاڻ ناهي. (1) انشائي قانع، (2) تهذيب طباع، (3) حديقه البلغاء، (4) ديوان اشعار، (5) رساله معمامع شرح (نثرءِ نظم)، (6) روضه الانبياءَ منظوم، (7) زينت الاخلاق منظوم، (8) سرفراز نامه، (9) غوثيه منظوم. (10) قصاب نامه مثنوي، (11) قصائدو و منقبت، (12) ڪان جواهر مثنوي، (13) لب تاريخ کلهوڙه، (14) محبت نامه مثنوي، (15) محڪ الشعراءَ (بياض)، (16) ميزان الافکار منظوم، (17) ميزان فارسي. 1199هه/1784ع ۾ سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو مير فتح علي خان ٽالپر هٿان ٿيو ۽ مير فتح علي خان ئي ٽالپرن طرفان سنڌ جو پهريون حاڪم ٿيو. مير فتح علي خان جي زماني ۾ مير علي شير قانع هيٺيان ٽي ناياب ڪتاب تصنيف ڪيا. (1) طومار سلاسل گزيد، (2) شجره اطهر اهلبيت ۽ (3) معيار سالڪان طريقت. هي ٽئي ڪتاب 1202هه /1787ع ۾ تصنيف ڪيا ويا. مير فتح عليءَ جي دور ۾ ئي مير شير علي قانع 1203هه/ 1788ع ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين مڪليءَ تي ٿي.


لفظ مير علي شير قانع ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو