شهزادا

شهزادا (قبيلو): هڪ روايت موجب هي اصل عرب آهن. پهرين سنڌ ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ سنڌ مان لڏي جيواڻي، دشت، باهو ۽ مڪران ۾ وڃي ويٺا. انهن مان ڪي ايراني بلوچستان ۾ پڻ رهن ٿا. هن قبيلي بابت خير محمد ٻرڙي ‘ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا’ جي صفحي 751 تي لکيو آهي ته، “ايران جي مڪراني پٽي تي رهڻ ڪري هن وقت هي (شهزادا) ‘مڪراني بلوچ’ سڏجن ٿا.”


لفظ شهزاداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو