ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر

شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر: نامور اديب، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، 04 اپريل 1939ع تي هالا نوان، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. پاڻ ٻن سالن جو ٿيو ته سندس خاندان هالا نوان کان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي. 1956ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي ۽ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين. اڳتي هلي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ‘آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر’ عنوان سان حاصل ڪيائين.
شمس الدين عرساڻيءَ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد 1958ع ۾ نوڪريءَ سان عملي زندگيءَ شروعات ڪئي. ڪجهه عرصو مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ ملازم رهيو ۽ ڪجهه عرصو ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. 1961ع ڌاري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ داخل ٿيو. پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ نائب ماستر ٿي رهيو، بعد ۾ 1966ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌيءَ جو ايڪسپرٽ به رهيو. 1999ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو.
پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، نقاد، تاريخدان، ڪهاڻيڪار، سنڌيڪار ۽ ٻاراڻي ادب جو ليکڪ هو. هن لکڻ جو آغاز 1963ع کان ڪيو. هن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سنڌي لسانيات تي پڻ جديد انداز سان ڪم ڪيائين. خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج ۾ آندو. هن مختلف موضوعن تي تنقيدي مضمون ۽ مختلف شخصيتن تي خاڪا لکيا. سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون وقت به وقت مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيد (1965ع)، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر (1981)، سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (بي. ايڊ جي شاگردن لاءِ: 1982)، سنڌي ورجيسي ٻولي (1999)، سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا (2001)، فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا:2003)، بنيادي سائنس (پهرين درجي لاءِ)، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، بيت ڪهاڻيون- پڪو ٻاراڻو (ٻاراڻو ادب)، لاکو ڦلاڻي (ٻاراڻو ناول: 1986)، ۽ نئو ڇٽيهه لکڻو (ٻاراڻو ادب: 1997)، پهاڪاتي لغت (2015)، سنڌي ادب ۾ تنقيد (وڌايل ۽ سڌاريل)، سنڌي لسانياتي اوسر وغيره قابل ذڪر آهن.
هن 22 آگسٽ 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.04.04  عيسوي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، 04 اپريل 1939ع تي هالا نوان، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.


2017.08.22  عيسوي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، 22 آگسٽ 2017ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيرازي محمد رضا پروفيسر
آغا ظفر
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
پروين موسيٰ ميمڻ
آنند کيماڻي
روشن سندر چانڊيو
ٻلديو مٽلاڻي
ڄيٺو لالواڻي
سليم سولنگي
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون