شفيع محمد شاهه

شفيع محمد شاهه

شفيع محمد شاهه

شفيع محمد شاهه: سنڌي، اردو ڊرامن ۽ فلم جو مايه ناز اداڪار شفيع محمد شاهه، پهرين جنوري 1949ع تي ڪنڊياري شهر، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرز ڪرڻ دوران کيس شوبز جي دنيا ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1960ع ڌاري ميزبان طور پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز ڪيائين. حيدرآباد ريڊيو کانپوءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيائين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پي. ٽي. وي جي سنڌي ڊرامن ۾ مقبوليت مليس. نورالهدى شاهه، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ڪيهر شوڪت جي لکيل ڊرامن ۾ اداڪاريءَ وسيلي مقبوليت ماڻيائين. ان بعد لاهور ڏانهن قدم وڌايائين، جتي اردو فلمن ۾ هيرو کان وٺي وِلين تائين جا ڪردار ادا ڪيائين. فلمن کان دل ڀرجڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر شفيع محمد شاهه ڪراچي ٽي. وي تي موٽي آيو، جتي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. شهيد بينظير ڀٽو جي پهرئين حڪومت 1989ع ۾ نجي ٽي. وي چئنلز جي ابتدا ٿي، تڏهن نون چئنلز تي به اداڪاري ڪيائين. اردو ڊرامه سيريل ‘چاند گرهن’ جو مرڪزي موضوع سياست هو، جيڪو شفيع محمد شاهه جي اداڪاريءَ سبب مقبول ٿيو. شفيع محمد شاهه اداڪاريءَ جي فن کي پورا ٽيهه ورهيه ڏنا ۽ پنهنجي ٽيهن ورهين واري ڪيريئر ۾ 50 سيريلز، 100 سولو پلي ۽ 10 فلمون ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ هو هڪ بينڪ آفيسر بڻيو، پر پوءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ سڄو وقت اداڪاريءَ کي ڏنائين. شفيع محمد شاهه جو آواز ريڊيو جي سمورين فني ضرورتن کي پورو ڪندڙ هو. جيترو وزن سندس آواز ۾ قدرت پاران عطا ٿيل هو، اوترو ئي سندس طبيعت ۾ نوڙت سمايل هئي. هو ريڊيو، اسٽيج، ٽي. وي ۽ فلمي دنيا ۾ هڪ جيترو ئي مقبول هو. کيس محمد عليءَ جون فلمون ڏسي اداڪاري جو شوق پيدا ٿيو، پاڻ کي محمد علي بڻائڻ لاءِ هر رول ۾ سندس انداز کي اختيار ڪيائين. شفيع محمد شاهه پي. ٽي. وي تان اشفاق احمد جي مقبول سلسلي ‘ايڪ محبت، سو افساني’، نورالهدى شاهه جي ‘جنگل’ ۽ اصغر نديم سيد جي ’چاند گرهن‘ جهڙن يادگار ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. 1992ع ۾ ٺهندڙ سنڌي فلم محب شيديءَ ۾ به ڪم ڪيائين. سندس مشهور سنڌي اردو ڊرامن ۾ ‘بند گلاب’، ‘دائري’، ‘ديوارين’، ‘جنگل’، ‘زينت ’ ، ‘مارئي’، ‘محبت خواب ڪي صورت’، ‘منت’، ‘تپش’، ‘تيسرا ڪنارا’، ‘دهري’، ‘ڪانٽون سي آگي’ قابل ذڪر آهن. شفيع محمد شاهه بطور بهترين اداڪار پي. ٽي. وي جا ڪيترائي اوارڊ حاصل ڪيا، جن ۾ ‘بهترين اداڪار اوارڊ’ (1985)، ‘انڊس ڊراما اوارڊ’ (منت ڊرامي تي: 2005) ۽ صدارتي اوارڊ برائي حسن ڪارڪردگيءَ پڻ حاصل ڪيائين، جڏهن ته ريڊيو، فلم ۽ اسٽيج جا پڻ ڪيترائي اوارڊ حاصل ڪيائين. هن جا ڪيترائي مداح سندس انداز جا ديوانا بڻجي ويا، جنهن ڊرامي ۾ شفيع محمد شاهه ڪم ڪندو هو، سو ڊرامو ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ويندو هو. شفيع محمد شاهه 2002ع واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ ڪراچيءَ مان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو، پر هارائي ويو. سندس سياسي وابستگي شهيد ڀٽو جي زماني کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان رهندي پئي آئي. شفيع محمد شاهه، 17 نومبر 2007ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 58 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس قبر ڪراچيءَ جي ڊفينس واري قبرستان ۾ آهي. سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي سندس زندگيءَ ۽ فن تي مشتمل ڪتاب ‘وه آدمي تها يا موتي دانا’ شايع ٿيو.


لفظ شفيع محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.01.01  عيسوي

سنڌي، اردو ڊرامن ۽ فلم جو مايه ناز اداڪار شفيع محمد شاهه، پهرين جنوري 1949ع تي ڪنڊياري شهر، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو.


2007.11.17  عيسوي

شفيع محمد شاهه، 17 نومبر 2007ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 58 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد بلال شاهه
ولي سروري
حسين شهيد سهروردي
عبدالحق عالماڻي
وزير علي ڀنڊ
بدر الدين زاهدي
جنجهي غلام محمد
بيگم عبدالله هارون
عباسي ايس ايم
سيد علي اڪبر شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون