احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

شاهاڻو شاهه (ڪتاب)

شاهاڻو شاهه (ڪتاب)

شاهه جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب )

شاهه جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب )

ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي (ڪتاب)

ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي (ڪتاب)

شاهه جي رسالي جو رهبر (عرف ککر ۾ کڙو: ڪتاب)

شاهه جي رسالي جو رهبر (عرف ککر ۾ کڙو: ڪتاب)

مقدمه لطيفي (ڪتاب)

مقدمه لطيفي (ڪتاب)

پيغام لطيف

پيغام لطيف

شاهه جا گم ٿيل بيت

شاهه جا گم ٿيل بيت

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جو ڪلام و فڪر

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جو ڪلام و فڪر

بادشاهه ڀٽائي

بادشاهه ڀٽائي

شاعرن جو سرتاج

شاعرن جو سرتاج

لطيف باغ جو سير (ڪتاب)

لطيف باغ جو سير (ڪتاب)

ڀٽ ڌڻي عرف ذڪر لطيف (ڪتاب)

ڀٽ ڌڻي عرف ذڪر لطيف (ڪتاب)

فڪر لطيف (ڪتاب)

فڪر لطيف (ڪتاب)

شاهه جي رسالي جا سرچشما (ڪتاب)

شاهه جي رسالي جا سرچشما (ڪتاب)

ڇپر ڇاٽون مُڪيون (ڪتاب)

ڇپر ڇاٽون مُڪيون (ڪتاب)

شاهه، سچل، سامي (ڪتاب)

شاهه، سچل، سامي (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعري- وڌايل ۽ سنواريل (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعري- وڌايل ۽ سنواريل (ڪتاب)

جر ٿر تک تنوار (ڪتاب)

جر ٿر تک تنوار (ڪتاب)

مضمون ۽ مقالا

مضمون ۽ مقالا

وريا واهرو

وريا واهرو

عرفان لطيف (ڪتاب)

عرفان لطيف (ڪتاب)

لطيف سنڌ آهي (ڪتاب)

لطيف سنڌ آهي (ڪتاب)

ڪنور پاڙون پاتار ۾ (ڪتاب)

ڪنور پاڙون پاتار ۾ (ڪتاب)

تن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي (ڪتاب)

تن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي (ڪتاب)

شاهه ۽ نوجوان

شاهه ۽ نوجوان

لطيفي لات (ڪتاب)

لطيفي لات (ڪتاب)

فڪر لطيف

فڪر لطيف

وساريان نه وسرن (ڪتاب)

وساريان نه وسرن (ڪتاب)

لطيف جو پيغام (ڪتاب)

لطيف جو پيغام (ڪتاب)

ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن (ڪتاب)

ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

شاهه جي ٻولي (ڪتاب)

شاهه جي ٻولي (ڪتاب)

جي تو بيت ڀانئيا (ڪتاب)

جي تو بيت ڀانئيا (ڪتاب)

لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس

لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڪتاب)

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڪتاب)

باهيون بيراڳين جون (ڪتاب)

باهيون بيراڳين جون (ڪتاب)

پيهي منجهه پاتال (ڪتاب)

پيهي منجهه پاتال (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾ (ڪتاب)

گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾ (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (ڪتاب)

شاهه لطيف جي موسيقي (ڪتاب)

شاهه لطيف جي موسيقي (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

Bhitai: The Message of The Master

Bhitai: The Message of The Master

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (ڪتاب)

شاهه لطيف تي تحقيق (ڪتاب)

شاهه لطيف تي تحقيق (ڪتاب)

مون مطالع سپرين (ڪتاب)

مون مطالع سپرين (ڪتاب)

لات جا لطيف جي

لات جا لطيف جي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي- چونڊ مضمون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي- چونڊ مضمون

شاهه لطيف جو هندو ڪاويه (ڪتاب)

شاهه لطيف جو هندو ڪاويه (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر (ڪتاب)

اندر مُلهه، املهه (ڪتاب)

اندر مُلهه، املهه (ڪتاب)

ڀٽائيءَ تي بهتان (ڪتاب)

ڀٽائيءَ تي بهتان (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ-1 (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ-1 (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ- II (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ- II (ڪتاب)

سنڌ جو شاهه (ڪتاب)

سنڌ جو شاهه (ڪتاب)

اوجاڳي اُجاريا (ڪتاب)

اوجاڳي اُجاريا (ڪتاب)

 شاهه عبداللطيف ڀٽائي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب)

ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب)

لطيف جا ٿر تان ڀيرا

لطيف جا ٿر تان ڀيرا

ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب)

ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب)

سرتاج شاعر (ڪتاب)

سرتاج شاعر (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

تذڪرهء لطيف (ڪتاب)

تذڪرهء لطيف (ڪتاب)

شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (ڪتاب)

شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (ڪتاب)

ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب)

ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب)

لطيف ذهني چٽاڀيٽي (ڪتاب)

لطيف ذهني چٽاڀيٽي (ڪتاب)

شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب)

شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب)

ڀٽائيءَ جو مطالعو (ڪتاب)

ڀٽائيءَ جو مطالعو (ڪتاب)

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب:
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، 1887ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Life of Shah Abdul Latif Bhitai عنوان سان لکيو هو، جنهن کي دوستن جي فرمائش تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، 1897ع ۾ نظرثاني ڪري پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور کان ڇپرايو. ان جو ٻيو ڇاپو 1905ع ۾، ۽ ٽيون ڇاپو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1972ع ۾ ڇپائي پـڌرو ڪـيو ويـو. بعـد ۾ شـاهه عـبداللطـيـف ڀٽـائـيءَ جي رسـالـي ۽ سوانح بابت تحقيقي رٿا جي ٽئين ڪتاب طور ان جو چوٿون ڇاپو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ ڇپايو. چوٿين ڇاپي جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي، جڏهن ته اصل ڪتاب جو ديباچو مرزا قليچ خود لکيو هو. ڪتاب ڪُل ڏهن بابن ۾ ورهايل آهي، جيڪي شاهه جي شاعري، سندس پيدائش، اصل نسل، ننڍپڻ جي زندگي، مريدي، سفر، لڏپلاڻ، شادي، ڪلهوڙن ۽ مغلن سان واسطن، سندس چال چلت، عبادت، سيرت، راڳ، رسالي، سرن، تصوف ۽ ٻين شخصيتن سان شاهه جي ڀيٽ جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان، مارچ 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 182 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهاڻو شاهه (ڪتاب): شاهه لطيف جي شيدائي، نامور اسڪالر ۽ اديب لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ، ‘سنڌ جا شاعر’ سيريز جي پهرئين ڪتاب طور، هي ڪتاب سنڌي ساهت سوسائٽي حيدرآباد پاران ڪرائون سائيز ۾، 1914ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌي ساهت سوسائٽيءَ طرفان هي شايع ڪيل پهريون ڪتاب هو. ڪتاب جو انتساب سرڳواسي ديوان رامچند لالواڻيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي. پهرئين ڇاپي جي قيمت 12 آنا هئي.
هن ڪتاب جو ساڳيءَ سائيز ۾، شاهه لطيف جي تصوراتي تصوير سان، ’سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن‘، الهاس نگر (انڊيا)، ٻيو ڇاپو، 1985ع ۾ پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 10 روپيا آهي.
پهرئين ڇاپي جو مُنڍ ٻن صفحن تي مشتمل، لالچند امرڏنيمل، 24 سيپٽمبر 1914ع ۾ لکيو هو. جڏهن ته ٻئي ڇاپي ۾ مهاڳ مشهور اوائلي ڪهاڻيڪار آسانند مامتورا لکيو آهي، ۽ ‘’شاهاڻو شاهه تي هڪ نظر’ عنوان سان ستن صفحن تي مشتمل تبصرو ڊي. ڪي منشاراماڻيءَ تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب جي عنوانن جو وچور هن ريت آهي: شاهاڻو شاهه، شاهه جي ساري رسالي تي نقطه چينيءَ جي نظر، شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار، هوبهو خوبين ۽ خاصيتن جي جاچ.
هن ڪتاب جي ناياب ٿي وڃڻ ڪري، ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1989ع ۾ 96 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاهه جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب ): هي ڪتاب سنڌ جي نامور اديب ۽ اسڪالر ڄيٺمل پرسرام گُلراجاڻيءَ جو لکيل آهي. ابتدا ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، فاضل ليکڪ جي مختصر واقفيت [ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي (جيوني ۽ رچنائون)، ڄيٺمل جو سنڌي ساهت ۾ يوگدان ۽ ڄيٺمل جي جيون جا اهم سال] ڏني آهي. ان بعد ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ، سهڻي ميهار، (امام) حسن حسين، مومل راڻي، راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر ۽ ڄام تماچي ۽ نوري نماڻيءَ جون آکاڻيون، بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏئي سمجهاڻي ڏني وئي آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ عمر مارئي، سسئي پنهون، هير رانجهي جون آکاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ تفصيلي طرح سهڻي ميهار، مومل راڻي، راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر، هنج ۽ ٻگهه، عمر مارئي ۽ سسئي پنهونءَ جون آکاڻيون ۽ انهن جون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ڊيمي سائيز جي 302 صفحن تي مشتمل هي لطيف شناسيءَ جو ڪتاب، اُساٽ ساهت مالها، نئين دهليءَ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1922ع، ٻيو ڇاپو 1923ع ۽ ٽيون ڇاپو 1923ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جي هن گڏيل ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
مقدمه لطيفي (ڪتاب): ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ جو مقدمو پنهنجي انفراديت ۽ اهميت جي ڪري مختلف ادارن طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اڀياس بابت آهي، جيڪو هن پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي ابتدا ۾ ڏنو هو ۽ ان کي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ به شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 10 باب ترتيبوار شاهه جي سوانح عمري، شاهه جي صورت ۽ سيرت، شاهه جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف، شاهه جو شعر ۽ شاعري، شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبادت، شاهه جو نظم، شاهه جي سنڌي، شاهه جون نحوي بناوٽون ۽ رسالي جي تصنيف ۽ تاليف شامل آهن. هي ڪتاب ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي پاران 1936ع ۾ ڇپايو ويو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 231 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو معياري سنڌي ادب جي رٿا هيٺ، هندي ڊئريڪٽوريٽ منسٽري آف ايجيوڪيشن اينڊ ڪلچر، نئين دهليءَ، ڪرائون سائيز ۾، 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 1977ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ 231 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي قيمت 50 رپيا آهي. چوٿون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع ۾ اسحاقيه آرٽ پريس ڪراچي مان ڇپايو، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل سان 106 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي (ڪتاب): سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، 1942ع ۾، ’ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي‘ عنوان سان ڪرائون سائيز ۾، هڪ ڪتابڙو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي وزارت تعليم ۽ ليبر دوران قائم ڪيل ’سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي 21 آڪٽوبر 1940ع واري ميڙ ۾ هڪ سب ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هئي ته اها هڪ رٿا تيار ڪري، جنهن موجب، سنڌ ۾، وقت به وقت، ناميارن شاعرن ۽ برک مصنفن جا ٻارهن ماهوار جلسا ملهايا وڃن، ان ڪميٽيءَ جي رپورٽ، بورڊ جي 19 فبروري 1941ع جي ميڙ ۾ بحال ڪري، 12- 13 مارچ 1941ع تي ڪراچي شهر ۾ ڀٽائيءَ جي ورسي ملهائڻ جي مراد سان هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.
ان ڪانفرنس جي پهرين بيٺڪ جي صدارت علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڪئي. افتتاحي تقرير شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي. ڪانفرنس ۾ هيٺينءَ ريت مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا: (1) شاهه: سيلاني (ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي)، (2) شاهه: محب وطن (لالچند امرڏنو مل)، (3) شاهه: سڀڪجهه (نظم: سوڀراج نرملداس)، (4) شاهه عبداللطيف جي ڪيمياگري (عثمان علي انصاري)، (5) صدارتي تقرير (علامه آءِ آءِ قاضي).
ٻي بيٺڪ جي صدارت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڪئي. هن ۾ هيٺينءَ ريت مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا:
(1) شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور (عمر بن محمد دائودپوٽو)، (2) شاهه جو وِشو درشن (آسانند مامتورا)، (3) شاهه ڀٽائي (نظم: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)، (4) شاهه عبداللطيف (نظم: مولوي محمد نورنگزادو)، (5) ڀٽائي گهوٽ (نظم: ليکراج ڪشنچند عزيز.
ان بعد ’شاهه سوسائٽي‘ قائم ڪرڻ، ٺڪر ڪرپاڻيءَ جي تصويرن جي قدرشناسي ڪرڻ، شاهه جي ورسيءَ جي موقعي تي پبلڪ هاليڊي ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي صدارت کانپوءِ لالچند امرڏنيمل بورڊ پاران صدر ۽ حاضرين جا ٿورا مڃيا.
هي 64 صفحن جي ڪرائون سائيز ڪتابڙو، هندستان پرنٽنگ ورڪس، ڪئمبال روڊ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو ۽ اُن جي قيمت ڄاڻايل نه آهي. ڪتابڙي جي ابتدا ۾ شاهه لطيف جي تصوراتي تصوير ڏني وئي آهي.
لطيفي سئر (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ نامياري عالم ۽ محقق ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سير سفر جو تاريخي احوال ڏنو آهي، جنهن سان ڀٽائيءَ جي ڪيل سفر ۽ انهن ماڳن مڪانن بابت چڱي خاصي ڄاڻ ملي ٿي. هي ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي ڀاڱي پهرئين ۾ شاهه جي حياتيءَ جو احوال مڪمل سير سفر سميت، ڀاڱي ٻئي ۾ گرنار جو سفر، ڀاڱي ٽئين ۾ شاهه جي سنڌ ڏانهن واپسي، ڀاڱي چوٿين ۾ جيسلمير ڏي وڃڻ، ڀاڱي پنجين ۾ ٿر جو احوال، تاريخي، ثقافتي ۽ لساني حوالي سان پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ڀٽائيءَ جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ مختلف ٽاڻن، اهڃاڻن ۽ شهرن، ڀٽن ۽ رستن متعلق تاريخي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾، ٻيو 1946ع ۾، ٽيون ڇاپو 1983ع ۾ شايع ٿيو. 143 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه/ حيدرآباد طرفان 1989ع ۾ پڌرو ٿيو. هن نئين ڇاپي جي قيمت 25 روپيا آهي.
شاهه جي رسالي جو رهبر (عرف ککر ۾ کڙو: ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو 1945ع ۾ هفته وار ‘عبرت’ ۾ ڇپيل شاهه لطيف جي بيتن متعلق بحث مباحثي وارن مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، علامه عمر بن دائودپوٽي، حافظ اسد الله شاهه ٽکڙائيءَ ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن. بحث جو بنياد ڏيپلائي صاحب جو اهو استدلال هو ته ڀٽائي صاحب جي مروج رسالن ۾ اسلامي تعليم جي برخلاف شاهه لطيف ڏانهن منسوب ٿيل بيت ڪن ماڻهن شرڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ شامل ڪيا آهن.
اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد طرفان انهن مضمونن کي سهيڙي، 1950ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب 88 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
پيغامِ لطيف (ڪتاب): محب وطن سياستدان جي. ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۽ ان وقت جي ماحول جي روشنيءَ ۾، نئين نقطه نگاهه کان هڪ يگاني تصنيف آهي، جنهن ۾ عام روايتي انداز ۽ ڏند ڪٿائن بدران حقيقت بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاهه کي سنڌ جو ‘قومي شاعر’ ثابت ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هن، شاهه جي تخيل واري سنڌ، شاهه صاحب جي قوميت جي تخيلَ، شاهه لطيف ۽ علامه اقبال جي نظرين جي تقابلي مطالعي، مذهبي تصور، سندس ڪلام جي خصوصيتن، سنڌين لاءِ سنيهي ۽ سياسي نظرين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف ڏانهن اسان سنڌين جي جوابدارين سان گڏ مختلف مضمونن تي چونڊ بيت ڏئي قومي ۽ سياسي نقطه نگاهه کان ان جي تشريح به ڪئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڪرائون سائيز ڇاپو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ’اداره انسانيت حيدرآباد‘ پاران 1950ع ۾ پڌرو ڪيو هو، جنهن جي قيمت 5 رپيا هئي. هن ڪتاب جا ڇهن کان وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ايوبي دور ۾ هي ڪتاب پابنديءَ هيٺ رهيو. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو جي ايم سيد اڪيڊميءَ پاران 2005ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پروفيسر Egbert Azariah ڪيو آهي، جيڪو ’سائين پبلشرز‘ سيوهڻ شريف پاران خادم حسين سومري، 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل پنجابي زبان جي اسڪالر قاضي جاويد لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد هن ڪتاب ۾ پنهنجي مرشد (لطيف) جي ڪلام ۽ تعليمات جي سادي ۽ سڌي شرح ۽ نقطه نظر بيان ڪيو آهي. ڪتاب اسان جي 18 صديءَ جي عظيم صوفي ساڃاهه سان نه رڳو روشناسي ڪرائي ٿو، پر سنڌ جي اُن عظيم روح سان به آشنائي ڪرائي ٿو، جيڪو قديم سنڌو تهذيب جي قدرن تي مشتمل آهي. ڪتاب اصل ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل هو، پر پبلشر ان جو انگريزي ترجمو ڇپائي، عالمي سطح تي ان جي قارئين ۾ اضافو ڪيو آهي. هي انگريزي ترجمو سچ پچ گهڻ تهذيبي دنيا لاءِ سنڌ پاران هڪ تحفو آهي. ڊيمي سائيز جي 291 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
لطف اللطيف: مولانا دين محمد وفائيءَ جو شاهه سائينءَ بابت هي ڪتاب پڻ مواد، مضمون، ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اهم آهي جنهن ۾ ڪل 13 فصل آهن. فصل پهرئين ۾ شاهه صاحب جي حسب نسب، ٻئي فصل ۾ تعليم ۽ تربيت، ٽئين فصل ۾ سلسله طريقت ۽ بيعت، چوٿين فصل ۾ مريديءَ جو سلسلو، پنجين فصل ۾ سير ۽ سفر، ڇهين فصل ۾ وقت جي وڏن ماڻهن سان ملاقاتون، ستين فصل ۾ شادي ۽ ڀٽ جي آبادي، اٺين فصل ۾ وقت جي ڪن ماڻهن جو مخالفتون، نائين فصل ۾ شاهه جو مذهب ۽ عقيدو، ڏهين باب ۾ شاهه صاحب جا حڪيمانه قول، يارهين فصل ۾ متفرقه آکاڻيون، ٻارهين فصل ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ عادتون ۽ تيرهين فصل ۾ شاهه جي ڪلام متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ مواد بنيادي نوعيت جو آهي، ان ۾ ڪي روايتون پڻ اڄ ڏينهن تائين بحث هيٺ اينديون رهيون آهن، تنهنڪري هن ڪتاب کي شاهه لطيف متعلق بنيادي نوعيت جي ڪتابن واري اهميت حاصل آهي. 240 صفحن وارو هي ڪتاب، پهريون ڀيرو 1950ع، ٻيو ڀيرو 1965ع ۽ ٽيون ڀيرو وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ طرفان 1978ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.
شاهه جا گم ٿيل بيت (ڪتاب): هي ڪرائون سائيز جو ننڍڙو ڪتاب، شيخ محمد سومار بديڻائي ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. شيخ محمد سومار پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي سهيڙ هيٺ ’شاهه جي رسالي‘ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته [ڪوششن جي باوجود] رسالو تيار ٿيڻ “هنوز دلي دور است!” ان وچ ۾ مون ناچيز، غريب ماستر هڪ ڪوشش ڪئي، جو شاهه جي گم ٿيل بيتن هٿ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪيم. اها حقيقت آهي ته شاهه صاحب جڏهن ڪڇ ۽ لاڙ طرف ويو هو- ته هن گهڻا ئي بيت چيا هئا، جيڪي ٿر، ڪڇ ۽ لاڙ وارن وٽ محفوظ آهن... انهن بيتن کي گڏ ڪجي ته وڏو ذخيرو هٿ اچي سگهي ٿو. سو مون به ڪجهه لاڙي ۽ ڪڇي صاحبن سان ملاقات ڪري، اٽڪل ٻه هزار نوان بيت هٿ ڪيا آهن.“ پر غريب هئڻ ڪري هن پهرين ’سُر مارئي‘ جا بيت ڏيپلائي صاحب جي مدد سان شايع ڪيم ۽ بعد ۾ هي ننڍڙو 64 صفحن جو ڪتاب م. ع. ڏيپلائيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هنن بيتن ۾، سهيڙيندڙ جي لکڻ موجب، ڪي اهڙا بيت به آهن، جي اڳ ڇپيل رسالن ۾ آهن، پر سندن سٽن ۾ ڪا ڦيرگهير آهي. هن ڪتاب ۾: (1) سر ڪلياڻ جا ٻه بيت، (2) سر يمن ڪلياڻ جا 13 بيت، (3) سر کنڀات جا 9 بيت، (4) سُر سريراڳ جا 9 بيت، (5) سر سامونڊيءَ جا 14 بيت، (6) سر سهڻيءَ جا 87 بيت ۽ هڪ وائي، (7) سر سارنگ جا 19 بيت، هڪ وائي، (8) سر سورٺ جا 28 بيت ۽ هڪ وائي، (9) سر بروي جا 22 بيت، (10) سر راڻي جا 71 بيت- جملي 274 بيت ۽ 3 وايون ڏنيون ويون آهن. ڪرائون سائيز جي 64 صفحن جو هي ڪتابڙو، اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد، 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جو ڪلام و فڪر (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالغفار خان بلوچ جو لکيل آهي، جنهن ۾ تصوف تي تحقيقي نظر وجهڻ سان گڏ شاهه جي شعر ۽ خيال جي اقبال، رومي، حافظ، غالب ۽ ٻين شاعرن سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب 1960ع ۾، ليکڪ وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان چپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي ڪچي جلد جي هن ڪتاب جا 126 صفحا آهن. ڪتاب جي قيمت 2 روپيا آهي.
بادشاهه ڀٽائي (ڪتاب): هي ڪتابڙو حاجي محمد موسيٰ انصاري وڪيل جي تصنيف آهي. ڪتابڙي جو انتساب (نذر عقيدت) سرڪار نامدار حضور پُر نور محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ کي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ شاهه صاحب جو شان بيان ڪري، سندس هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. هن اسلامي نقطه نگاهه کان شاهه جي ڪلام جو جائزو ورتو آهي، ۽ قرآن پاڪ، رسول اڪرم، ٻارهن امامن، چئن يارن، بادشاهه پير دستگير وغيره جي تذڪري کان پوءِ شاهه لطيف بابت مختلف عنوانن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: شاهه جو علم، فلسفه غم، فلسفه شهادت (ڪيڏارو)، عشق جي معما، شاهه جو مذهب، شاهه جي قادري سلسلي سان نسبت، شاهه جو مرتبو، ڀٽائي ۽ توحيدي نظريو، محي الدين ابن عربي، دين اسلام ۽ شاهه ڀٽائي، ڊپلوميسي ۽ دين اسلام، دين اسلام ۽ مصنوعي اوزار، دين اسلام ۽ حقيقت الاشيا.
هي ڪتاب حاجي محمد موسيٰ خان وڪيل، سابق ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، زميندار ۽ سابق متولي سيد عبدالوهاب شاهه (حيدرآباد)، آڪٽوبر 1961ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون (ڪتاب): هن ڪتاب جو مؤلف مشهور شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري آهي. مؤلف ابتدا ۾ ’شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال: شاهه صاحب جي تعليم ۽ تربيت، شاهه صاحب جو سير ۽ سفر، شادي ۽ ڀٽ جي آبادي، شاهه جو حُليو ۽ شڪل، شاهه جي وفات‘ تي مبني احوال 14 صفحن تي ڏنو ويو آهي ۽ اُن بعد 187 وايون شامل ڪيون آهن. ڪرائون سائيز جي 79 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 62-1961ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه جي رسالي جو مطالعو (ڪتاب): نامياري عالم مولانا دين محمد وفائيءَ جي شاهه سائينءَ بابت لکيل هن ڪتاب ۾ ڪل سَت فصل شامل آهن، جن ۾ شاهه جي وقت ۾ انقلابي حالت، سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي ۽ جانور ۽ شاهه جي ڪلام کي ڪيئن گڏ ڪجي ۽ رسالي ۾ ڌاريو ڪلام جهڙن عنوان هيٺ نهايتي عالمانه ۽ مدلل انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مواد جي ترتيب ۽ مضمون جي لحاظ کان شاهه جي حوالي کان اهم آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ناشر طور علي نواز وفائيءَ جا ٻه اکر ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي منظوم قطع تاريخ احمد خان آصف مصراڻيءَ لکي آهي ۽ پيش لفظ سيد حسام الدين شاهه راشديءَ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جي قطع تاريخ دين محمد ‘اديب’ فيروزشاهيءَ لکي آهي. هن رسالي ۾ مولانا روم بابت ابو سلمان شاهجهان پوري، پروفيسر اين ميري شمل، جعفر بلگرامي ۽ اي. ايڇ. حقانيءَ جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مواد به شامل ڪيو ويو آهي.
200 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سال 1962 ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ طرفان 1976ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 10 روپيا آهي.
شاعرن جو سرتاج (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس شاعريءَ بابت چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن کي بيگم خديجه شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون اڳي ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪتاب ۾ ٻه اکر رفيق خاور ۽ مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 29 مضمون شامل آهن، جن مان 8 مضمون شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، 3 مضمون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 3 مضمون عثمان علي انصاري، 3 مضمون الحاج سيد ميران محمد شاهه، 2 مضمون پروفيسر لطف الله بدوي، 1 مضمون الحاج الله بخش عقيلي، 1 مضمون سيد علي محمد شاهه راشدي، 2 مضمون غلام مصطفيٰ قاسمي، 1 مضمون خديجه دائودپوٽو، 1 مضمون ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، 1 ممصون سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي، 2 مضمون شفيع احمد علوي ۽ 1 مضمون وقار عظيم لکيا آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان 256 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پاڪستان پبليڪيشن پاران 1963ع ۾ انٽرنيشنل پريس ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت ساڍا ٽي روپيا ڄاڻايل آهي.
لطيف باغ جو سير (ڪتاب): هن ڪتابڙي ۾ نامور ليکڪ رشيد احمد لاشاريءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 119 مسدس شامل آهن، جيڪي ليکڪ ‘لطيف سالگرهه’ ڪراچيءَ جي موقعي تي ٿيل سيمينار، 1949ع ۾ پيش ڪيا هئا. هن منظوم ڀيٽا تي ليکڪ کي سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ پاران هڪ سئو روپيا انعام به مليو هو. 47 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي کي آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد، سيپٽمبر 1965ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 1.75 روپيا آهي.
ڀٽ ڌڻي عرف ذڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب مولوي عبدالحي شڪارپوريءَ لکيو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي زندگيءَ جو احوال آهي، خاندان ۽ ولادت جي پسمنظر سان گڏ، ننڍپڻ جو احوال، شاهه لطيف جي شاديءَ ۽ سير سفر بابت معلومات آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جا چونڊ بيت به شامل ڪيا ويا آهن. مولوي عظيم اينڊ سنز شڪارپور پاران، هي ڪتاب جولاءِ 1965ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 114 صفحن تي مشتمل هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب جي قيمت 10 روپيا ڄاڻايل آهي.
فڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جي اشاعتي سلسلي جو ڇهون ڪتاب آهي، جنهن کي ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ 1967ع ۾ ترتيب ڏنو. ڪتاب جو انتساب علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو فڪر انگيز مقدمو مرتب خود لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون ڏنا ويا آهن: شاهه لطيف ۽ عوام الناس: عبدالرزاق ’راز‘، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي اقدار: پروفيسر محمد احمد، شاهه ۽ عورت: نور شاهين، شاهه جي ڪلام جا ماخذ: نواز علي شوق، شاهه جي شعر ۾ توحيد: محمد عمر سهتو، ٿر تک تنوار'>جر ٿر تک تنوار: سيد لعل شاهه، شاهه جي حب الوطني: ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شاهه جي شعر جي مجموعي بناوٽ: سجاد قريشي، لطيفيات: شيخ عبدالرزاق راز. 152 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد جي ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو پنجهتر پئسا آهي.
شاهه جي رسالي جا سرچشما (ڪتاب): شاهه جي رسالي ۽ سوانح بابت تحقيقي رٿا هي شايع ٿيل بنيادي ماخذن مان هي چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو 1972ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه طرفان ڇپايو ويو هو. ڪتاب جو تحقيقڪار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ڪتاب ۾ مقدمي کان سواءِ شاهه جي هيٺين رسالن تي ڪم ٿيل آهي: (1) ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل گنج،
(2) قاضي موسى وارو نسخو، (3) درگاهه منصوره وارو نسخو، (4) برٽش ميوزيم، لنڊن وارو نسخو، (5) انڊيا آفيس لنڊن وارو نسخو، (6) سن 1279هه ۾ لکيل ڪڇ جو نسخو، (7) اڻ پورو نسخو- 1، (8) اڻپورو نسخو- 2،
(9) سيد ابراهيم شاهه وارو نسخو، (10) دلدار فقير وارو نسخو، (11) پير غوث محمد شاهه وارو نسخو، (12) حاجي هدايت الله هالائيءَ جو لکيل نسخو، (13) مير امام بخش خان وارو لکايل نسخو، (14) مائي مـُلي نعمت جو لکيل نسخو، (15) آخوند محمد شيخ جو لکيل نسخو،
(16) اميد علي نظاماڻيءَ جو لکيل نسخو، (17) عبدالحميد جو لکيل نسخو، (18) عبدالحق هالائي جو لکيل نسخو، (19) ميين احمد ڀٽائي جو لکيل نسخو- 1، (20) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل نسخو- 2،
(21) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل نسخو- 3، (22) ميين محمد ۽ ميين حسين جو لکيل نسخو، (23) ميين احمد جو لکيل نسخو- 4، (24) مير عبدالحسين سانگيءَ جو لکايل نسخو، (25) نيڪ محمد جو لکيل نسخو، (26) جمعي فقير جو لکيل نسخو، (27) اسماعيل بن محمد صالح رنگريز جو لکيل نسخو، (28) تاج محمد نظاماڻيءَ جو لکيل نسخو،
(29) ولي محمد شاهه وارو نسخو، (30) ميهار فقير جو لکيل نسخو، (31) پنهل فقير جوڻي جو لکيل نسخو، (32) ارنيسٽ ٽرمپ جو 1866ع وارو ڇاپو، (33) قاضي احمد جو منتخب ڇاپو، (34) سن 1283هه/1867ع وارو بمبئي ڇاپو، (35) سن 1292-1293هه/1876-1877ع وارو بمبئي ڇاپو، (36) سن 1303هه/ 1886ع وارو بمبئي ڇاپو، (37) سن 1306هه/ 1889ع وارو بمبئي ڇاپو، (38) سن 1310هه/1893ع وارو بمبئي ڇاپو، (39) سن 1317هه/1899ع وارو بمبئي ڇاپو، (40) سن 1329هه/ 1911ع وارو بمبئي ڇاپو، (41) سن 1340هه/ 1921ع وارو بمبئي ڇاپو،
(42) 1900ع وارو سرڪاري ڇاپو، (43) سن 1913ع ۾ ميرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل ڇاپو، (44) سن 1350هه/1931ع ۾ عبدالله سومري جو لکيل ڇاپو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جي مڙني (44) قلمي توڙي ڇاپي ڪتابن جو سرسري جائزو ورتو آهي ۽ ڪيترن رسالن جي بيتن جي لکت جو عڪس ڏنو ويو آهي. شاهه تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هي ڪتاب ڪارائتو آهي.
هن ڪتاب ۾ 159 صفحا سنڌيءَ ۾ ۽ 4 صفحا انگريزي ۾ آهن. ان کانسواءِ ڪيترن رسالن جا عڪس ڏنل آهن.
ڇپر ڇاٽون مُڪيون (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ادبي اڀياس تي مشتمل هند سنڌ جي، نامياري اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ شاهه جي شارح ۽ پارکو ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، “مون کي خوشي آهي، جو منهنجي دوست پرسي گدواڻيءَ ڊيڪن ڪاليج جي خلوت خاني اندر رياض ڪري، پنهنجي فهم ۽ ادراڪ موجب هي نئون نذرانو پارکن اڳيان پيش ڪيو آهي. هي تحفو [شاهه جو اڀياس] هفت رنگي ۽ هفت برگي گُل آهي، جنهن مان ساهتيه جي سڪايلن ۽ آتم گيان جي پياسين کي دلي سڪون ۽ جان جي جميعت حاصل ٿيندي.”
هو وڌيڪ لکي ٿو ته “شاهه جي زندگيءَ تي سنياسين ۽ جوڳين جو اهم اثر پيو. سندن صحبت هن لاءِ ڪيميا مثل هئي، جنهن سندس قلب مان سموري ڪس ڪڍي، ان کي پارس ڪري ڇڏيو. افسوس اهو آهي ته جو متعصبن ‘سر رامڪليءَ’ کي انهيءَ لحاظ کان اهميت نه ڏني آهي... سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان واضح ٿئي ٿو ته روحانيت جي راهه ۾ هندو سنتن، مسلم عارفن مان ۽ مسلم فقيرن، هندو تارڪن مان فيض پرايو آهي. حقيقت جي منزل ڌرم ۽ مذهب کان بالا آهي. پرسي گدواڻيءَ انهيءَ پهلوءَ جي چڱي وضاحت ڪئي آهي.”
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ هن ادبي اڀياس ۾ شاهه جي ڪلام جي پرک سنسڪرت ساهت لاءِ مقرر ڪيل ماپن جي روشنيءَ ۾ ورتي آهي. ڪلام جو سنسڪرت جي ڇندن ۽ سينگار شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو ويو آهي. هن جائزي ۾ شاهه جي ڪردار نگاري، عشق
جي اظهار، ملڪي عشق، ٻوليءَ جي حسن، موزون لفظن جي چونڊ،
ڀاون (جذبن) ۽ ويچارن موجب ٻولي، رس جي اظهار (سينگار رس)، ڇند،
النڪار (سينگار جي عنصر)، شاهه جي فيلسوفيءَ جو بيان ڪيو ويو آهي. آخر ۾ هندي لفظن جو ‘سنڌي سونهون’ (معنيٰ) ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر جي مدارالمهام ۽ برک اديب محترم نارائڻ ڀارتيءَ 1973ع ۾ شايع ڪيو هو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ باک ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
پاران 1997ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاهه، سچل، سامي (ڪتاب): سنڌ جي هنن ٽن اهم شاعرن جي دور متعلق گڏيل تجزيي ۽ اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ جي ڏاهي، مفڪر ۽ سڄاڻ دانشور محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي، جنهن ۾ هنن ٽنهي شاعرن جي دور يعني 1689ع کان وٺي 1850ع تائين جي سنڌ جي سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو اڀياس ڪيو آهي. هن ڪتاب ذريعي ان دور جي سمورين واقعن، سچاين ۽ دوکيبازين کي سنڌ جي هڪ ڏاهي مفڪر کولي بيان ڪيو آهي، تنهنڪري هي ڪتاب شاهه لطيف جي فڪري حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. هي ڪتاب اصل ۾ ’شاهه سچل سامي‘ ٽي ڪتابي اشاعت جو مهاڳ هو، جيڪو تفصيلي صورت ۾ ڌار ڇپايو ويو آهي. 85 صفحن جي ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب کي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد طرفان پهريون ڀيرو 1975ع ۾ پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 6 روپيا هئي. هن ڪتاب جا وڌايل سڌاريل ايڊيشن وقت به وقت روشني پبليڪيشن ڇپائيندي رهي آهي. هن ڪتاب جا ڇهن کان وڌيڪ ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
شاهه لطيف جي شاعري- وڌايل ۽ سنواريل (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ۽ سندس شاعريءَ جي مختلف رخن جي اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب تنوير عباسيءَ لکيو، جنهن کي روشني پبليڪيشن 1995ع ۾ ڇپرايو. هي ڪتاب سڀ کان پهريان شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ طرفان 1976ع ۾ سيد غلام مصطفى شاهه ڇپرايو، جنهن جا ناشر طرفان پيش لفظ ڏنل آهن ۽ ان جو نئون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1994ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جو مهاڳ تنوير عباسيءَ لکيو آهي. اهڙيءَ ريت گڏيل ڇاپي جو مهاڳ 1989ع ۾ تنوير عباسي لکيو. 1976ع ۽ 1984ع جا مهاڳ به تنوير عباسيءَ جا لکيا ويا آهن. ڪتاب ۾ شاهه جي شاعريءَ تي هيٺين عنوانن تي لکيو ويو آهي: (1) شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پس منظر، (2) شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، (3) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر، (4) شاهه لطيف جي عوامي شاعري، (5) شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي، (6) شاهه لطيف جي عڪسي شاعري، (7) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، (8) شاهه لطيف جي اهڃاڻي شاعري، (9) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون، (10) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اچار، (11) ساڄن، سونهن، سرت، (12) سر گهاتوءَ جو اڀياس. 294 صفحن جي هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.
جر ٿر تک تنوار (ڪتاب): سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ طرفان لطيفي ادب جي سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب، 1978ع ۾ شمشير الحيدري ۽ انور هالائيءَ مرتب ڪيو هو. ٻانهن ٻيلين ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ اعجاز قريشيءَ جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ به شمشير الحيدري ۽ انور هالائيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مضمونن جي فهرست به ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) شاهه جي رسالي ۾ مندون ۽ ماحول (احمد فقير ڪيريو)، (2) شاهه جي رسالي ۾ ڪاريگرن ۽ هنرمندن جي اهميت (ثريا سوز ڏيپلائي)، (3) شاهه جي ڪلام ۽ اخلاق جو اڀياس (ڊاڪٽر نسرين لطيف)، (4) شاهه، سنڌي زبان جو مسيحا (غلام حيدر ٻرڙو)، (5) شاهه جا سورما (معمور يوسفاڻي)، (6) شاهه جي زماني جون لڙايون (در محمد پٺاڻ)، (7) ڀٽائي ۽ بُلا شاهه، (8) من اندر جا لوچ (انور هالائي). اهڙيءَ ريت ڪجهه مضمون اردوءَ ۾ به ڏنا ويا آهن، جيئن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايڪ عظيم قومي شاعر: غضنفر مهدي، وه بندهءِ صحرائي: پريشان خٽڪ، ۽ شاهه لطيف اور خواجه فريد: مولانا نور احمد فريدي.
ڊيمي سائيز جي 140 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 12 روپيا آهي.
مضمون ۽ مقالا: هن ڪتاب ۾ نامياري اسڪالر ۽ شاهه لطيف جي پارکو علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جا اهي چونڊ مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي اڪثر ڀٽائي صاحب جي سوانح، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت لکيل آهن. هي مضمون مختلف وقتن تي ماهوار ‘نئين زندگيءَ’ ۾ ڇپيا هئا. انهن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ خانم خديجه دائودپوٽي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب پاڻ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 320 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1978ع ۾ شايع ڪيو هو.
لطيف ڪوئز (ڪتاب): هي ڪتابڙو ڊاڪٽر جبار جوڻيجي لکيو آهي. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، “هن ڪتابڙي ۾ فقط شاهه صاحب بابت ڪن سوالن جا جواب ملي سگهندا.” هي ڪتاب شاگردن لاءِ لکيو ويو آهي، جنهن کي 1978ع ۾ سهڻي ڌرتي پبليڪيشن، بدين ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ناشر طرفان ٻه اکر مشهور ليکڪ جمال رند لکيا آهن. ڪرائون سائيز جي 52 صفحن تي مشتمل آهي. ڪچي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت اڍائي روپيا آهي.
وريا واهرو (ڪتاب): هي ڪتاب برک دانشور ۽ اديب عبدالواحد آريسر جي تصنيف آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر تي نئين رُخ کان نظر وڌي وئي آهي. ڪتاب جو انتساب، هن قومي ڪارڪن ۽ پنهنجي دوست علي محمد شاهه لڪياريءَ جي نالي ڪيو آهي. هو ڪتاب ۾ لطيف جي فڪر تي روشني وجهڻ کان اڳ پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، “سياستدان، فاتح، حڪمران ۽ جوڌا، پنهنجي بهادري ۽ ڏاهپ وسيلي وقتي طرح ملڪ حاصل ڪري وٺندا آهن، پر ان کي عوام جي دلين ۾ وطن ۽ ماتر ڀوميءَ واري حيثيت سان نقش ڪرڻ شاعر جو ڪم هوندو آهي. لطيف اهو ڪم اهڙي نموني ڪيو، جو انسانيت جي سموري تاريخ ۾ ڪو به شاعر اهو ڪم ان نموني نه ڪري سگهيو آهي... لطيف ڪنهن هڪ شخص، وليءَ، شاعر يا فلاسافر جو نالو نه آهي، پر لطيف هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ تنظيم آهي. اها تحريڪ ۽ تنظيم، سنڌي سماج کي عين منتشر ٿيڻ ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ واري وقت، ثقافتي، لساني ۽ فوجي بنيادن تي متحد ۽ آزاد رکڻ لاءِ وجود ۾ آئي. ان کي وسيع، سنڌگير ۽ عوامي بنائڻ لاءِ لطيف سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪيو ...”
مٿئين نقطه نظر جي روشنيءَ ۾، هن ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر، شاهه لطيف جي ڪن بيتن ۽ بيتن جي سٽن جي سمجهاڻي لکي آهي. هي ڪتاب لطيف شناسيءَ جي تعليمات ۾ هڪ اهم اضافو آهي. ڊيمي سائيز جي 95 صفحن ۽ ڪچي جلد وارو هي ڪتاب شهيد عبدالقادر هاليپوٽو پبليڪيشن، سيوهڻ، جون 1980ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.
عرفان لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سڀني سرن مان ڪجهه مخصوص بيتن کي سمجهاڻيءَ سان پيش ڪري انهن سرن ۾ روحاني رنگ کي چٽو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شاهه جي شارح ۽ محقق ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي نالي ٿيل آهي. ‘پنهنجي پاران’ قمر ميمڻ، سيڪريٽري مهراڻ اڪيڊميءَ لکيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختصر سوانح حيات ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ ترتيب وار سڀني سرن مان چند اهڙا بيت چونڊيا ويا آهن، جيڪي انهن سرن جي مفهوم ۽ مطلب سمجهڻ لاءِ مناسب ۽ موزون نظر آيا آهن. انهن مان هر هڪ بيت جي ظاهري توڙي باطني معنيٰ ۽ مفهوم کي پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو ضروري واڌارن سان پڻ شايع ٿيو. هي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو آهي، جيڪو قمر ميمڻ، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻي در، شڪارپور مان 1998ع ۾ ڇپايو. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 213 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 48 روپيا آهي.
لطيف سنڌ آهي (ڪتاب): هي عبدالقادر جوڻيجي (جونيئر) جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت لکيل مختصر مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن: (1) شاهه لطيف: شاعر يا تاريخدان، (2) لطيف جي باغي سورمين جي روايت کان بغاوت، (3) لطيف جي فلسفي ۾ جنگ جو تصور، (4) لطيف جي فڪر ۾ سونهن ۽ سچائيءَ جو تصور.
هي ڪتاب رابيل اشاعت گهر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري طرفان 1983ع ۾ شايع ٿيو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي قيمت 5 روپيا آهي.
ڪنور پاڙون پاتار ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه لطيف جي پارکو ۽ جنهن ۾ هن عالماڻي نموني شاهه صاحب جي شعر تي عربي، پارسي، هندي، پنجابي ۽ [شاهه کان اڳ جي] سنڌي شاعرن تي روشني وڌي آهي. ڪتاب جو انتساب، شاهه جي رسالي جي بهترين شرح لکندڙ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ‘گذارش’ کانپوءِ ‘شاهه عبداللطيف’ عنوان سان سيد ميران محمد شاهه جو شعر، ‘گلزار خيال’ ڪتاب مان کڻي ڏنو ويو آهي، جيڪو 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽي، مئٽرڪ لاءِ منظور ڪيو هو. ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اندر ڪمار، نئين دهلي (انڊيا) مان 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 12 روپيا رکي وئي آهي.
zتن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ جي تحقيقي تحرير آهي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان Shah Abdul Latif and His Times عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. ان دوران شاهه جو اڀياس ڪندي، سندس لفظن ۾، هن ‘جيڪي موتي ميڙيا’ هئا. انهن مان (مضمون) هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. مضمونن جو وچور هن ريت آهي: سوامي پراڻ ناٿ ۽ شاهه عبداللطيف، شاهه ۽ ڏياري، شاهه ۽ عيد، سماجواد جو علمبردار، شاهه جي زماني ۾ سنڌ جو واپار، شاهه: زمان حال جي حوالي ۾، ڇا شاهه اُمي هو؟ هندن جو همدرد ۽ همراز.
ڪرائون سائيز جي 103 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اندر ڪمار، ڪالڪا جي ايڪسٽينشن، نيو دهليءَ مان، 1985ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه ۽ نوجوان: هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ طرفان 29 مارچ 1985ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۽ سيمينار ۾ پڙهيل مقالن جو ڳٽڪو آهي، جيڪو مارچ 1985ع ۾ سوسائٽيءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي آجيان واري تقـريـر، محـمود هـارون جي صـدارتي تقرير کان سواءِ محمـد ابـراهـيم جـويي، ڊاڪٽر اياز قادري، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ مريم مجيديءَ جا مقالا ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. ڪتاب تي ٻه لفظ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، سيڪريٽري شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ طرفان لکيا ويا آهن. 113 صفحن جي هن ڪتاب جي آخر ۾ شاهه لطيف تي هڪ مقالو انگريزيءَ ۾ به ڇپيو ويو آهي. ڪتاب جي قيمت 25 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا (ڪتاب): هي ڪتاب محمد سومار شيخ جي شاهه لطيف تي ڪيل تحقيق تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ محقق، شاهه لطيف جي لاڙ ۾ آمد بابت تحقيق ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن، جن ۾: (1) شاهه لطيف جو ٺٽي تان ڀيرو، (2) ڀٽ ڌڻيءَ جو پٽيهل تان ڀيرو، (3) شاهه لطيف جو ريڻ تان ڀيرو،
(4) شاهه لطيف جو ساڱري درياهه تان ڀيرو، (5) شاهه صاحب جو پراڻ تان ڀيرو شامل آهن. هي ڪتاب پروفيسر اسدالله ڀُٽي، تنظيم فڪر و نظر، سنڌ طرفان 1986ع ۾ شايع ڪرايو. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان 151 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.
لطيفي لات (ڪتاب): هي ڪتاب خان محمد پنهور جي سهيڙيل مضمونن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر خان محمد پنهور لکيا آهن. هيٺين عنوانن تي مضمون شايع ٿيل آهن: (1) ڀلارو ڀٽ ڌڻي: علامه آءِ آءِ قاضي، (2) ڪونج ۽ سنڌ: پير علي محمد راشدي،
(3) لطيف قومي محبت جو پيامبر: پير حسام الدين راشدي، (4) طلب جي تنوار: شيخ اياز، (5) برٽش ميوزيم ۾ رکيل شاهه جو قلمي نسخو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، (6) شاهه جي شرح جو سوال: مولانا غلام محمد ڀرڳڙي، (7) شاهه جي ڪيمياگري: عثمان علي انصاري،
(8) ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي زندگي: تنوير عباسي،
(9) گهِڙو سڀ گهڙا کڻي: ڊاڪٽر علام علي الانا، (10) شاهه ۽ سنڌ: غلام مصطفيٰ قاسمي، (11) سڙيا مٿي سچ: ڊاڪٽر سليمان شيخ، (12) سر ڪوهياري ۽ سر حسينيءَ ۾ شاهه جو پيغام، (13) شاهه لطيف جو تاريخي ڪردار: تاج جويو، (14) ڀٽائيءَ جي ڪلام جا حافظ زندگيءَ جي پوئين لهر ۾:
خان محمد پنهور. هي ڪتاب سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن پبليڪيشن بورڊ حيدرآباد طرفان، 1 مئي 1987ع ۾ ڇپرايو ويو. 105 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل مشهور چترڪار چندر اداسيءَ جو ٺهيل آهي، جيڪو هاڻي ڀارت لڏي ويو آهي.
فڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب قربان علي ميمڻ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ’تنظيم فڪر و نظر سنڌ‘ پاران سکر ۾ 1987ع ۾ ڪرايل ’ڪل پاڪستان شاهه لطيف ڪانفرنس‘ جي موقعي تي عالمن ۽ اديبن پاران پڙهيل مقالن ۽ ڪيل تقريرن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ’پنهنجي پاران‘ پروفيسر اسدالله ڀٽي لکيو آهي. ان کانپوءِ خطبه استقباليه جي عنوان سان پروفيسر اسدالله جون ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جي آجيان ۾ ڪيل تقريرون شامل آهن. ڪتاب ۾ ڪريم بخش ’خالد‘، بشير احمد ’شاد‘، پروفيسر نذير احمد صديقي، پروفيسر غلام احمد بروهي، محمد سومار شيخ، عزيز جعفراڻي، پروفيسر مير محمد ڀيو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، عبدالغفار صديقي، سيد لعل شاهه بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري، احمد خان ڪيريي، حبيب سنڌي، عاصي عبدالواحد هڪڙي ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جا ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل مقالا ۽ تقريرون شامل آهن.
هي ڪتاب فڪر و نظر پبليڪيشن، سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر پاران آڪٽوبر 1987ع ۾ ڇپايو ويو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 190 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن جي قيمت 45 روپيا ڄاڻايل آهي.
وساريان نه وسرن (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف ممتاز مرزا آهي. مصنف ڪتاب کي ٻه ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسين، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي چيئرمئن، اعزازي سيڪريٽرين ۽ ڇپايل ڪتابن بابت تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ ڀٽ شاه واري درگاهه، ڀٽ شاهه شهر، شاهه جي ورسي، شاهه سيلاني، شاهه جي ڪيمياگري، شاهه جي نظر ۾ انسان جو وشو درشن کان سواءِ شاهه کي منظوم ڀيٽا پڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه صاحب جي راڳائي فقيرن تي تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ نارو ڀڳت، فقير يار محمد، منظور علي خان، فقير عبدالغفور، مائي ڀاڳي، اقبال جوڳي ۽ ٻين مختلف راڳائين جو ذڪر موجود آهي.ڊيمي سائيز ۾ 264 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان 1988ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
لطيف جو پيغام (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي شاعريءَ بابت لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ’پنهنجي پاران‘ قمر ميمڻ، سيڪريٽري مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان لکيو ويو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مقدمو ڏنو ويو آهي، جنهن مان ڪتاب جي مقصد ۽ اهميت جي ڄاڻ پوي ٿي. ڪتاب ۾ مقالا ۽ مضمون ترتيبوار: شاهه لطيف کان اڳ ۽ سندس زماني ۾ سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون، وحدت الوجود، خود شناسي، شاهه جي نظر ۾، شاهه جي نظر ۾ موت جو تصور، شاهه جي عظمت، شاهه جي شعر ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي عڪاسي، نوجوان ۽ شاهه، رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو، سر ڪلياڻ مضمون ۽ فلسفو، سُر مارئيءَ جو مطالعو، سر سامونڊي جو فلسفو، سر معذوريءَ جو فلسفو، سر ڏهر جو فڪري جائزو، سُر ڪاموڏ جو ادبي جائزو ۽ سر سهڻيءَ جو فسلفو شامل آهن. هي ڪتاب مهراڻ اڪيدمي ڪراچيءَ پاران الائيڊ پرنٽنگ ڪارپوريشن حيدرآباد مان مارچ 1989ع ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 158 صفحن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي قيمت 24 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاهه جو ميٺاڄ ۽ گهرائي: هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڊي. ايڇ. بٽاڻي (ڏيو هاسومل بٽاڻي) آهي ۽ هي ڪتاب سندس پتنيءَ، هن جي پوتر ياد ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ (’يار جي ياد ۾‘) چرنداس ٺاڪرداس گورسهاڻيءَ لکيو آهي ۽ ’ٻه اکر‘ هاسي ڪيولراماڻيءَ لکيا آهن. ڪتاب ۾ هيٺين عنوانن تي مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) شاهه سان جنم جو ناتو، (2) ڪيئن اهو سٻنڌ وڌيو، (3) شاهه بيمثال ڪلاڪار، (4) عاليشان انسانيت جو روپ، (5) پڪو مسلمان، ته به رام ۽ رحيم لاءِ ساڳيو صدق، (6) عشق مجازيءَ ۾ به روحاني راز، (7) شاهه هڪ عجيب جادوگر، (8) شاهه جي سکيا، (9) سريشٽ گڻ، (10) پکين ۽ جانورن لاءِ همدردي.
ڊيمي سائيز جي 42 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، پياس پبليڪيشن، گانڌي نگر (گجرات، انڊيا)، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڪتاب): ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ شاهه لطيف جي زندگي، فن ۽ فڪر تي مشتمل هيءُ ڪتابڙو سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو لکيل آهي. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان هن قسم جي ڪتابن جي شايع ڪرڻ جو مقصد ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائيءَ لاءِ ٻارڙن جي تعليمي ۽ ذهني اوسر جي پيش نظر دلچسپ، اصلاحي، مفيد، معلوماتي، تاريخي ۽ ديني ڪتابن جو هڪ سلسلو هلايو ويو. هيءُ ڪتابڙو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتابڙي ۾ ٻارڙن جي ذهني نشو ونما خاطر شاهه لطيف کي نهايت ئي سولي ۽ سادي انداز ۾ کولي سمجهايو ويو آهي.
ڪرائون سائيز جي 48 صفحن تي مشتمل هن ڪتابڙي کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشديءَ، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 5 روپيا آهي.
ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن (ڪتاب): هي ڪتاب نامور دانشور ۽ محقق محمد حسين ڪاشف جي لطيف شناسيءَ بابت تحريرن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺين موضوعن تي لکيو ويو آهي: ‘شاهه جي وقت ۾ سياسي ۽ ثقافتي حالات جو تجزيو’، ‘موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي اهميت’، ‘شاهه ۽ اسين’، ‘ويٺي ويڄن وٽ’، ‘شاهه جي شاعريءَ جو صوفيانه انداز’، ‘نئون نياپو آئيو’، ‘راڻي ملان رات’، ‘شاهه جو چنڊ’، ‘چارڻ ٻڌا چنگ کي’، ‘ابڙو سمون’، ‘ليلان ڇڏ ليهور’، ‘سورن ساڻ مَ ڇن’، ‘ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن’ ۽ ‘کرا ويڻ کنگهار کي’.
ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مقصود پبليڪيشن حيدرآباد، مارچ 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاهه جي ٻولي (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ واري رُخ تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ لسانيات جو ماهر آفتاب ابڙو آهي. هن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ سنڌي ٻولي، ٻئي باب ۾ شاهه جي دور کان اڳ جي ٻولي، ٽئين باب ۾ شاهه جي دور جي ٻولي، چوٿين باب ۾ شاهه جي ٻولي ۽ پنجين باب ۾ شاهه جي ڪلام تي ٻين ٻولين جو اثر شامل آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي استاد ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نالي ڪئي آهي، جڏهن ته ڪتاب جا ٻه اکر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ مقدمو ڊاڪٽر علي نواز شوق لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 150 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ ڪتاب گهر ڪراچيءَ، 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هي ڪتاب نامور اديب ڊاڪٽر بشير احمد شاد سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ڊاڪٽر بلوچ مختلف ادبي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ شاهه لطيف تي ڪوٺايل علمي ادبي ميڙن ۾ پڙهيا هئا، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ ڪجهه مضمون اڻ ڇپيل پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 مضمون آهن: (1) متهلوي (متلوي) سادات
۽ شاهه عبداللطيف جو نسب نامو،
(2) شاهه حبيب جو ڪٽنب، (3) شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ بابت ڪي روايتون، (4) حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت ويچار، (5) شاهه صاحب جو مخدوم محمد معين ڏي خط ۽ ان جو جواب، (6) شاهه عبداللطيف: راڳ ۾ هڪ نئين تحريڪ جو باني، (7) سـُر سورٺ جي معنيٰ ۽ حقيقت، (8) سهڻي ۽ ميهار جي قصي جي حقيقت، (9) شاهه جي عام مقبوليت جا ڪي اسباب، (10) شاهه ڀٽائيءَ متعلق گذريل ۽ آئنده تحقيق جو مختصر جـائـزو، (11) رسالـي جـي جـامع مسـتند متن تيار ڪرڻ طرف قدم، (12) ضميمو: هنگلاج جو سفر.
120 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، آڪٽوبر 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
جي تو بيت ڀانئيا (ڪتاب): شاهه لطيف جي شاعريءَ مان بيتن جو هي انتخاب، نامور وڪيل ۽ اديب نورالدين سرڪيءَ سهيڙيو آهي. نورالدين سرڪي هنن بيتن جي انتخاب بابت ’ڪجهه پنهنجي پاران‘ ۾ رقمطراز آهي ته، “اڄ جڏهن اسان ٽئين هزاري سال (Third Millenium) جي دور ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيون ۽ چوڌاري نظر ڦيرائي، ڏيهي پرڏيهي حالتن کي ڏسون ٿا ته اسان پاڻ کي هڪ وڏي جنجال ۽ مونجهاري ۾ ڦاٿل محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ لحاظ کان، منهنجي خيال ۾ پيار، پوترتائي ۽ پاڻ سڃاڻڻ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام اڄ جي وڏي ضرورت آهي.”
ان بعد نورالدين سرڪيءَ ‘ڏات وڏي شيءِ’ عنوان هيٺ شاهه جي اهميت ۽ افاديت تي لکيو آهي ۽ هڪ هنڌ شيخ اياز جو حوالو ڏيندي لکي ٿو، شيخ اياز سچ چيو آهي ته “سنڌي شاعريءَ مان جيڪڏهن شاهه جي رسالي کي ڪڍي ڇڏجي ته اسان وٽ باقي ڪنهن غريب ڳوٺاڻي واٽهڙوءَ جي هڙ ۾ پيل ٻه چار معمولي شيون ملنديون.”
ان کانپوءِ، مرتب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات،
سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻي، سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏاري، سر سارنگ، سر آسا، سر رپ، سر کاهوڙي، سر بروي سنڌي، سر رامڪلي، سر پورب، سر ڪارايل، سر پرڀاتي، سر ڏهر ۽ سر بلاول مان پنهنجي پسند جا چونڊ بيت ڏنا آهن، ۽ آخر ۾ مختلف عالمن جي مضمونن جو هيٺينءَ ريت انتخاب شامل ڪيو آهي: شاهه ۽ شاهه جو ڪلام (ارنيسٽ ٽرمپ
(2) شاهه جو شعر ۽ شاعري (هه. م. گربخشاڻي)، (3) شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)، (4) وچئين دور جو آخري وڏو شاعر (ايڇ. ٽي. سورلي)، (5) شاهه لطيف: دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر (ٻلديو گاجرا)، (6) تحقيق: شاهه جي دور ۾ (محمد ابراهيم جويو)، (7) شاهه عبداللطيف جو
سُر سارنگ (ائنميري شمل).
هي ڪرائون سائيز ۾ شاهه جي رسالي جو انتخاب، 207 صفحن تي مشتمل آهي. نئين سنڌ اڪيدمي، ڪراچيءَ، ان جو پهريون ڇاپو، ڊيمي سائيز ۾، مارچ 1990ع ۾ پڌرو ڪيو، ۽ ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1994ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جو ملهه 80 روپيا آهي.
لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس: هيءُ ڪتاب شاهه لطيف جي ڪلام ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري جي گڏيل اڀياس تي مشتمل آهي، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ خود مرتب طرفان لکيل مهاڳ ۽ شاهه لطيف جي مختصر سوانح حيات ڏنل آهي، جنهن بعد هرهڪ ڪلاسيڪي شاعر سان شاهه لطيف جي ڪلام جو گڏيل اڀياس موضوع جي ترتيب سان هيٺينءَ ريت ڏنل آهي:
قاضي قاضن ۽ شاهه لطيف، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه لطيف، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف، مخدوم غلام محمد بگائي ۽ شاهه لطيف، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ شاهه لطيف، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاهه لطيف، شاهه ۽ سچل، شاهه ۽ بيدل ۽ شاهه ۽ غلام محمد خانزئي. هن ڪتاب ۾ تتبع شاعريءَ جي حوالي سان شاهه لطيف جي همعصر ۽ پوين شاعرن جا اهڙا بيت به شامل آهن، جيڪي شاهه لطيف جي ڪلام، فڪر، فلسفي ۽ هيئت سان مشابهت رکن ٿا. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1991ع ۾ ڇپايو.
سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڪتاب): شاهه جي رسالي جي روشنيءَ ۾ سنڌي ثقافت بابت هيءَ کوجنا ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ڪئي آهي، جنهن جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن: ڀاڱي پهرئين ۾ ثقافت جي معنيٰ ۽ مفهوم ۽ جوڙڻ ۾ معاون عناصر، سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ شاهه عبداللطيف جو جائزو ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي جاگرافي ۽ رسالي ۾ آيل تاريخي اُهڃاڻ، داستانن جو تاريخي پسمنظر، ڪلام ۾ مذهبي عنصر، سياسي ۽ اقتصادي جائزو، سنڌي سماج جا اُهڃاڻ، رهڻي ڪهڻيءَ، ٻوليءَ ۽ ان جي فني پهلو وارن عنوانن هيٺ نهايت مُدلل ۽ ڄاڻ ڏيندڙ انداز ۾ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ پنهنجي موضوع سبب اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ جو عڪس اکين آڏو تري اچي ٿو. 471 صفحن واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه/ حيدرآباد پاران 1991ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
باهيون بيراڳين جون (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ تاج جويو آهي. ڪتاب ۾ سندس ڏهه مقالا آهن، جيڪي هن سنڌ، پنجاب، پنختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ پڙهيا هئا. انهن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) هلو ته سيڪيون هٿڙا: هن مضمون ۾ مغل سلطنت جي موت وارين ڇڙهين، نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ تي حملي دوران پکيڙيل بربريت، ڏهڪاءَ ۽ ڦرلٽ، مغلن جي ڏن ڀريندڙ ڪلهوڙن حڪمرانن طرفان سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي زبان کي سرڪاري بنائڻ ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري شهادت ۾ مغلن سان گڏ ٿي ڪلهوڙن جي ڪردار سان گڏ شاهه لطيف پاران ماڻهن کي مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي متحد ٿيڻ جو بيان ڪيل آهي. (2) شاهه لطيف جو تاريخي ڪردار. (3) ڀٽائي ۽ بلا شاهه: وقت جا شاعر، (4) شاهه لطيف ۽ پورهيت طبقو، (5) جهوڪون آباد ٿينديون (شاهه لطيف ۽ غلام فريد جي فڪري مماثلت)، (6) رحمان بابا ۽ لطيف: محبت جا شاعر، (7) اڳيان اڏين وٽ (بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پشتون قومن جي يڪجهتيءَ جي حوالي سان ’شاهه لطيف ڏينهن‘ جي موقعي تي شاهه ۽ بلوچ شاعرن بالاچ خان، ڄام درڪ ۽ مست توڪليءَ جي پيغام جي يڪسانيت ۽ قومي بيداريءَ بابت ڪيل تقرير)، (8) کرڙي کائي رت: کرڙيءَ جي جنگ بابت خليفي نبي بخش لغاريءَ جي چيل ڪيڏاري جو جائزو،
(9) خليفي نبي بخش جي شاعري ۽ سندس دور، (10) عوامي شاعر حمل فقير جي شعر ۾ فني خوبيون.
ڪتاب جو انتساب قومي ڪارڪن سوني ملاح جي نالي ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1991ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.
پيهي منجهه پاتال (ڪتاب): شاهه لطيف جي فڪر، شاعريءَ ۽ پيغام بابت سنڌ جي ناميارن اسڪالرن جي مقالن جي ترتيب تي مشتمل هي ڪتاب، ڊاڪٽر بشير احمد شاد مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل مقالن جو وچور هن ريت آهي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي (سيد علي محمد شاهه راشدي)، (2) شاهه جو ڪلام (مولانا دين محمد وفائي)، (3) شاهه جي عظمت جا اسباب (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)، (4) شاهه جي تحقيق (سيد حسام الدين راشدي)، (5) شاهه جي ڪلام ۾ پکيئڙن جي پچار (احمد خان آصف)، (6) شاهه جي شعر ۾ صنعتون (حافظ محمد احسن چنا)، (7) سُر سهڻيءَ جو مطالعو (احسان احمد بدوي)، (8) حرف حقاني (اي. ڪي. بروهي)، (9) شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي اقدار (رشيد احمد لاشاري)، (10) شاهه جي رسالي تي هڪ نظر (عبدالڪريم سنديلو)، (11) نياز ۽ نوڙت، شاهه جي نظر ۾ (سردار علي شاهه ’عاصي‘)، (12) شاهه عبدالليف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر (مخدوم امير احمد)، (13) سُر سهڻيءَ جو روحاني راز (عطا محمد حامي)،
(14) شاهه جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار (ڊاڪٽر ابراهيم خليل)، (15) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي)، (16) شاهه ڀٽائيءَ جو رسمن بابت مطالعو (پروفيسر لطف الله بدوي)، (17) شاهه عبدللطيف ۽ قرآني تعليم (پروفيسر محمد اڪرم انصاري)، (18) ڀٽائيءَ جي شعر ۾ اشاريت (مير شفيع احمد علوي)، (19) شاهه جي شعر جا نفسياتي نُڪتا (پروفيسر عبدالڪريم لغاري).
ڪتاب جو پيش لفظ، محمد يوسف شيخ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1992ع ۾ ڇپايو آهي ۽ اُن جي قيمت 40 روپيا آهي.
ڀٽ جو شاهه (ڪتاب): انگريز عملدار، محقق ۽ دانشور ايڇ. ٽي. سورلي جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit جو سنڌي ترجمو مشھور اديب عطا محمد ڀنڀري، ‘ڀٽ جو شاھه’ نالي سان ڪيو آھي. ھيءُ ڪتاب شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھڪ اھم ۽ بنيادي ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ شاهه جي ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي پنھنجي خاص نظريي سان روشني وجھڻ سان گڏ ايڇ. ٽي سورلي ان دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ جي حوالي سان به وڏو مواد ڏنو آھي. هن ڪتاب جي ترجمي جي نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي.
ھي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 621 صفحن تي مشتمل آھي. سرورق تي بدر ابڙي جي ٺاھيل شاهه لطيف جي خوبصورت مجسمي جو عڪس ڏنل آھي. ڪتاب جي پڪي جلد جي قيمت 105 رپيا آھي. جيڪو ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپايو آهي.
گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾ (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سائنسي بنياد تي ڇنڊڇاڻ وارو ڪم نامياري عالم محقق ۽ ڏاهي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ڌاري پڌرو ڪيو، جڏهن ته چوٿين ڀاڱي تي ڪم هلندڙ هو ته ڊاڪٽر صاحب، 11 فبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هي رسالو عقيدت کان هٽي ڪري خالص تحقيقي بنيادن تي مرتب ڪيو ويو هو، جنهن مان شاهه جي نالي تي شامل اڳين ڇاپي رسالن ۾ موجود ڪلام کي هن رسالي ۾ جدا ڪيو ويو هو، تنهنڪري شاهه جي ڪن عقيدت پسندن عاشقن طرفان سخت تنقيد ٿي هئي.
سنڌ جي نامياري عالم، ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، ان غير ضروري ۽ غير علمي تنقيد جي جواب طور ان وقت جي مشهور علمي ادبي رسالي ماهوار ‘سنڌوءَ’ ۾ ليک لکيا، جيڪي علمي حوالي سان انتهائي ڪارائتا هئا.
1992ع ۾ هندستان جي نامياري عالم ۽ محقق، مرليڌر جيٽلي شاهه جي حوالي سان ان علمي تنقيد جي اهميت کي محسوس ڪندي، انهن سمورن مضمونن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ هندستان مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب جي اهميت جي نظر سنڌ جي هڪ ٻئي علمي اشاعتي اداري روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 1995ع ۾ هن ڪتاب کي سنڌ ۾ شايع ڪيو. هي ڪتاب تنقيد جي اصولن تحقيق جي معيارن، مواد، مضمونن جي ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان گھڻو ڪارائتو آهي. 168 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 70 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (ڪتاب): هيءُ ضخيم ڪتاب ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ شامل ستن سورمين سميت ٻين عورتن تي ڪيل ڪلام جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇهه باب آهن، جن ۾ باب پهريون: عورت، باب ٻيو: شاعري، باب ٽيون: شاهه عبداللطيف، باب چوٿون: شاهه جون سورميون، باب پنجون: ٻين ڪجهه سُرن ۾ عورت جو ڪردار ۽ باب ڇهون: شاهه جو پيش ڪيل عورت جو روپ شامل آهن.
ڪتاب ۾ موجود هر هڪ باب ۾ مختلف موضوعن تي جامع انداز ۾ تحقيقي مواد شايع ٿيل آهي. قديم دؤر ۾ انساني ارتقا خاص طور تي عورت بابت نظرين، غير ملڪي ادب ۾ عورت جي بيان کان ويندي سنڌي لوڪ ۽ اساسي شاعري خاص طور شاهه لطيف جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار جي تحقيقي انداز ۾ ترجماني ڪيل آهي. چوٿين باب اندر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڳايل ستن سورمين مان هر هڪ جي ڪردار کي جدا جدا مضمون طور پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ پنجين باب ۾ شاهه جي ٻين سُرن جهڙوڪ: سر کنڀات، سر سارنگ، سُر سامونڊي، سر ڪاپائتي، سر ڪيڏاري ۾ آيل عورتن جي بيان سان گڏ موکيءَ جي ڪردار تي تحقيقي انداز ۾ روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب بابت عبدالحميد آخوند ابتدا ۾ لکيو آهي ته، “هُن (ڊاڪٽر فهميده حسين)، شاهه جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار ۽ حيثيت جو گهرو اڀياس ڪري، تحقيق جي ميدان ۾، هڪ نئون باب کوليو آهي.”
هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ تعارف خود محقق جو لکيل آهي، جڏهن ته ڪتاب جو انتساب، ڊاڪٽر فهميده پنهنجي والد محترم محمد يعقوب ‘نياز’ ۽ جيون ساٿي عبدالحسين سرائي جي نالي ڪيو آهي. ڊاڪٽر فهيمده حسين جو هيءُ تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، طرفان آگسٽ 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڪُل 527 صفحن تي مشتمل آهي. ڪچي جُلد سان هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
هن ڪتاب کي ڊاڪٽر فهميده حسين اردوءَ ۾ به ترجمو ڪيو. اردو ترجمي وارو ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1996ع ۾ شايع ڪيو. پڪي جلد سان 596 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
هن تحقيقي مقالي [پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز] جو انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج “Image of Women in Shah Abdul Latif’s Poetry” جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري مختلف حوالن سان اهم آهي. هن ڪتاب ۾ ان حوالي سان شاهه جي هڪ رخ ڪلام ۾ موجود علامت نگاريءَ تي عالماڻي نگاهه وڌي وئي آهي. هي تحقيقي ڪم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي درحقيقت پي. ايڇ. ڊي لاءِ تحقيقي مقالي طور (1989ع ۾) ڪيو هو. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرئين ۾ ٻولي، علامت نگاري ۽ ان سان واسطو رکندڙ عنصر، ڀاڱي ٻئي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ جا اهم پهلو ۽ ڀاڱي ٽئين ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو علامتي اڀياس ڪيو ويو آهي. هن تحقيق ۾ علامت نگاريءَ جي تعريف، ان جا قسم، انساني شعور جي ارتقا، انساني اوسر جي ارتقا، ڀٽائي سائينءَ جون پنهنجي دور جي عالمن سان ملاقاتون، ان دور جا اهم واقعا، سياسي سماجي اقتصادي حالتون ۽ ڀٽائيءَ جي ڪربلا جي زيارت واري ارادي وارن واقعن جو علامتي حوالي سان اڀياس ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 413 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/ حيدرآباد طرفان آگسٽ 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 115 روپيا آهي. هن ڪتاب جا بعد ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ به ڇاپا ڇپايا آهن.
شاهه لطيف جي موسيقي (ڪتاب): سدا حيات صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه رڳو هڪ آفاقي شاعر ۽ فلسفي هو، پر هو راڳ جو ڄاڻو ۽ ڪجهه راڳن جو مؤجد پڻ هو. هُن تنبورو (ساز) پڻ جوڙيو. شاهه صاحب جي موسيقيءَ جو هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ آهي. ان موضوع تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر در شهوار سيد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ذوالفقار راشدي، الياس عشقي، شيخ عزيز، منظور نقوي، الهه بخش عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، 1992ع ۾ شايع ڪيو.
Bhitai: The Message of The Master: هيءُ ڪتاب شاهه لطيف جي ڪلام تي مختلف محققن طرفان لکيل علمي ۽ ادبي مضمونن جي اينٿالاجي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ۽ مضمون شاهه سائينءَ جي 249هين عرس جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ رٿيل قومي سيمينار ۾ پيش ڪيا ويا، جن کي محترم عبدالحميد آخوند سهيڙي ۽ ايڊٽ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ رياض الحسن، ايس. ڪيو. فاطمي، محمد خالد مسعود، امر جليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي احمد بروهي، سراج الحق ميمڻ (چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو)، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل، ڪلياڻ. بي آڏواڻي، ايم. ايم گدواڻي، اي. ڪي بروهي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ضياءَ الدين ايس بلبل ۽ ڪريم بخش خالد جي مقالن/ مضمونن سان گڏ ڪتاب جي ابتدا ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ سنڌ سيد مظفر حسين شاهه جو صدارتي خطاب پڻ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب خود جو لکيل آهي.
شاهه جي بيتن سان سينگاريل رنگين سر ورق ۽ 292 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي پڪو جلد شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه طرفان 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاهه لطيف بحيثيت مفڪر (ڪتاب): سنڌ جي عالمن اديبن ۽ ڏاهن جا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر متعلق لکيل مضمونن ۽ مقالن جو هي مجموعو آفتاب ابڙي سهيڙيو آهي، جنهن ۾ شامل مواد جي ترتيب هن ريت آهي: تصوف جو فلسفو ۽ شاهه لطيف (ايڇ ٽي سورلي)، ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدة الوجود جو مسئلو (عمر بن محمد دائودپوٽو)، شاهه لطيف: هڪ مفڪر (شيخ اياز)، شاهه لطيف: سنڌي قوم جو رهبراعظم (محمد ابراهيم جويو)، شاهه لطيف جي شعر ۾ سماجي اوسر جو تصور (تنوير عباسي)، شاهه لطيف جو مذهب ۽ فلاسافي (ڊاڪٽر ايس. ايم جهانگياڻي)، شاهه لطيف جو سياسي فڪر (سراج)، شاهه لطيف اسان جو رهبر (علي احمد بروهي)، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي وحدة الوجود (انور پيرزادو)، شاهه لطيف: سماجي مفڪر (ف. م لاشاري)، شاهه لطيف: هڪ سماجي شاعر (ڊاڪٽر فهميده حسين)، شاهه لطيف ڀٽائي: سماجي ۽ سياسي مفڪر (شيخ محمد اسماعيل).
ڪتاب جي منڍ ۾ ‘پبلشر نوٽ’ نور احمد ميمڻ ۽ ‘مرتب پاران’ آفتاب ابڙي لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل مهتاب اڪبر راشديءَ جولکيل آهي. ڪتاب ۾ هر ليکڪ جو تعارف مرتب لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 240 صفحن واري هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (ڪتاب): هي ڪتاب راز شر جي ايم اي سنڌي آخري سال لاءِ لکيل تحقيقي مونوگراف آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جا ’ٻه اکر‘ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيا آهن. ڪتاب هيٺين پنجن بابن ۾ ورهايل آهي:
باب پهريون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح عمري
باب ٻيو: شاعري ڇا آهي؟
باب ٽيون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون
باب چوٿون: منظر نگاري
باب پنجون: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري.
ڊيمي سائيز جي 184 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مشعل اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1994ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاهه لطيف تي تحقيق (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر درشهوار سيد مرتب ڪيو آهي. جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، ذاتي زندگي ۽ ٻين رُخن تي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران مختلف وقتن تي ڪرايل ليڪچرن ۽ ڪجهه ٻين مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب بابت ‘ٻه اکر’ ۽ مهاڳ ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر درشهوار سيد جا لکيل آهن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، شيخ عزيز، شيخ اسماعيل، ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جا ترتيبوار ليڪچر ۽ مضمون شامل آهن. هي ڪتاب شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1995ع ۾ شايع ڪرايو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۾ 144 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
مون مطالع سپرين (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن اهم ڪتاب جو ليکڪ، نامور، اديب، محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اياز قادري آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاهه عبداللطيف جي ڪلام، ان جي فن ۽ فڪر تي ڀرپور روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 13 مضمون شامل آهن، جن ۾: (1) شاهه جي مجازي شاعري، (2) شاهه جو رقيب، (3) شاهه ۽ سنڌ جي سياست، (4) شاهه جا پهاڪا، (5) شاهه ۽ قسمت، (6) سارنگ جي سورمي، (7) متوآهين مڇ، (8) کاهوڙي خبرون، (9) جي ڀائين جوڳي ٿيان، (10) شاهه عبداللطيف ۽ ڪربلا جو قضيو، (11) شاهه جا پاراتا ۽ دعائون، (12) شاهه جو ڊرامائي انداز ۽ (13) نئين شرح لطيفي شامل آهن. هن ڪتاب جا ناشر طرفان ٻه اکر شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ جي چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاهه لکيا آهن. جڏهن ته ’پيش لفظ‘ ۽ ’مقدمو‘ ليکڪ جو لکيل آهي، لطيفيات جي موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب نهايت ئي اهميت وارو آهي. 224 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ، اپريل 1995ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
لات جا لطيف جي: هي ڪتاب سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۽ سندس فلسفي تي ويچار ونڊيا آهن. شامل مضمونن ۾: (1) سي ئي جوڀن ڏينهن، (2) صوفي لاڪوفي، (3) مون ۾ عيب اپار، (4) الا! جُنگ جيئن، (5) سُر سسئيءَ ۾ وجوديت جو فلسفو، (6) ڀٽائي ۽ نئين ٽهي، (7) ڀٽائيءَ جو فقير.
هي ڪتاب 1996ع ۾ ڀٽائي لٽرري ايجوڪيشنل سوسائٽي اينڊ سوشل ويلفيئر (BLESS) طرفان شايع ٿيو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 122 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي ڪا به قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي- چونڊ مضمون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب ۾ مختلف اديبن جي مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب کي چوڏهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ سر ڪلياڻ،
سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي،
سر سهڻي، سر سارنگ، سر گهاتو،
سر ڪاموڏ، سر ليلان چنيسر، شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي قدر، شاهه صاحب جو ڪلام ۽ پيغام، شاهه جو راڳ ۽ موسيقي، شاهه صاحب جو عالمي شاعريءَ ۾ مقام شامل آهن. موضوع جي حوالي سان نامور اديبن جا مضمون ڏنل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر ضياءُ الدين آغا لکيو آهي، جڏهن ته مرتب جو نالو لکيل ناهي. 494 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هڪ مطالعو (ڪتاب): شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور عالم ۽ لطيف شناس ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي آزاد قاضيءَ مرتب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب يارهن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ (1) شاهه عبداللطيف، (2) شاهه جي سنڌي، (3) شاهه سيلانـي، (4) ڀـنڀـور،
(5) سسئيءَ جو سـفـر، (6) مـارئيءَ جو ملـڪ، (7) گـرنـار جـو گل،
(8) سُر سورٺ، (9) تير اندازي (شاهه جي نظر ۾)، (10) حل طلب لاءِ حل ۽ (11) غلطيون درست ڪيو وغيره شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مهاڳ نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي، جڏهن ته مقدمو، مرتب ۽ پيش لفظ پروفيسر ايم سليم ميمڻ لکيو آهي. 180 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 125 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام: هي ڪتابڙو ٻانهي خان شيخ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب
‘شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام’ جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. 64 صفحن جو هي ڪتابڙو 1997ع ۾ ليکڪ پاڻ ڇپرائي، ڀٽ شاهه مان پڌرو ڪيو.
شاهه لطيف جو هندو ڪاويه (ڪتاب): هي ننڍڙو ڪتابڙو، نامور اسڪالر گنگارام سمراٽ جو لکيل آهي، جيڪو 1995ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ‘سنڌ ساگر’ تان کنيو ويو آهي. ليکڪ لکي ٿو ته، “شاهه جو رسالو نه مسلمانن جو آهي، نه ئي هندن جو، فقط سنڌين جو آهي. اُن قومي دستاويز ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي، گهٽ وڌائي، هڪ هٿچراند آهي، هڪ گناهه آهي.”
ابتدا ۾ شاهه لطيف جي جيوني بيان ڪندي، جوانيءَ ۾ جوڳين ۽ سنياسين سان سندس ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب شاهه صاحب ڪڇ جي ماتا جي مَٺ (مڙهيءَ) مان جوڳين جي ٽولي سان گڏ نڪتل ٻاوي هريداس سان گنجي ٽڪر واري ’مهامايا مڙهيءَ‘ ۾ ملاقات ڪئي. بلوچستان ۾ هنگلاج ياترا ڪئي، ڪيچ مڪران، لسٻيلي، ننگر ٺٽي، لاڙ جي ڪيترن ماڳن جو سفر ڪندي، ڪڇ ڀڄ، لکپت، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيشور به آيو. هي سفر شاهه صاحب ڀڳت هريداس سان گڏ ڪيو ۽ کانئس راڳ جي سنگت ۾ سنگيت جي پريرڻا ورتي. اٽل ۽ چئنچل شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو، نعمت ملياڻيءَ گنج لکيو- وغيره. هن ڪتاب ۾ گنگارام سمراٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه جي رسالي ۾ هندو جوڳين ۽ سنتن، ڪبير، ميران وغيره جو اثر موجود آهي، ۽ اها ڳالهه شاهه جي بي تعصب ۽ گهڻ اڀياسي شاعر جي ثابتي آهي.
هي ڪرائون سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو گرداس مل ڇانگارام، آريا پرنٽنگ پريس، سهجپور بوگها، احمدآباد مان جنوري 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر (ڪتاب): هي ڪتاب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو پاڪستان جي ٻين عظيم شاعرن: رحمان بابا (پشتو شاعربلهي شاهه (پنجابي شاعرخواجه غلام فريد (سرائڪي شاعر)، ڄام درڪ (بلوچي شاعر) ۽ خواجه مير درد (اردو شاعر) جي ڪلام سان تقابلي مطالعي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مواد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ٻن ريسرچ آفيسرن: ڪمال ڄامڙي (هاڻ ڊاڪٽر) ۽ طارق عزيز شيخ جي، ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ڪيل تحقيق جو نتيجو آهي. ڪمال ڄامڙي، پشتو، بلوچي ۽ اردوءَ جي شاعرن: رحمان بابا، ڄام درڪ ۽ خواجه مير درد بابت تحقيق ڪري، انهن جي شاهه سان ڀيٽ ڪئي آهي ۽ طارق عزيز شيخ، پنجابي ۽ سرائڪيءَ جي شاعر بلها شاهه ۽ خواجه غلام فريد بابت تحقيق ڪري انهن کي شاهه سان ڀيٽيو آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ، نگران ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نومبر 1998ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 194 صفحن تي مشتمل آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.
اندر مُلهه، املهه (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري ليکڪ ۽ لطيف شناس حيدر علي لغاريءَ جو لکيل آهي. جنهن ۾ مختلف شخصيتن تي خاڪا، مقالا ۽ مضمون شامل آهن. هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ منظوم عڪس جي عنوان سان نثري نظم ڏنل آهي. ٻئي حصي ۾ شخصيتن تي خاڪا، ٽئين حصي ۾ مقالات (گوشئه ادب ۽ تنقيد) ۽ مضمون شامل آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ شاهه عبداللطيف تي ٽي مضمون ڏنل آهن. جن ۾: (1) شاهه لطيف جي شاعري ۽ انساني قدر، (2) لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا،
(3) لطيف جي حيات بخش جماليات شامل آهن.
هن ڪتاب جو تعارف نامور دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ۽ مهاڳ ليکڪ جو لکيل آهي. 220 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي نيو فيلڊس ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران، مئي 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
ڀٽائيءَ تي بهتان (ڪتاب): هي ڪتاب محبوب علي سمي جو لکيل آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ فڪر تي لکيل مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ بابت لکيل تنقيدي مواد جو جائزو ورتل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 17 مضمون شامل آهن. ليکڪ جو تعارف مقصود احمد قاضيءَ لکيو آهي. رنگين ٽائٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 94 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت -/40 رپيا آهي. هي ڪتاب علمي ادبي اشاعت گهر، مٽياريءَ طرفان 1998ع ۾ شايع ٿيو.
شاهه عبداللطيف (ڪتاب): هي ڪتاب، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي لکيل انگريزيءَ مقالي Shah Abdul Latif: An Appreciation of his Art جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شاعريءَ جي فن بابت ڪارلائل جي مقرر ڪيل ٽن معيارن تحت اڀياس ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مضمونن ۾ موضوع جو انتخاب، نقطه نظر، فني وحدت، فن جا رخ، ٽيڪنڪ، الهام يا اتساهه، تخليقات جي هيئت ۽ وحدت ۽ رسالي مان چند بيت شامل آهن. ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد تي مشتمل 115 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 36 روپيا آهي.
شاهه ۽ سنڌ-1 (ڪتاب): ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ مختلف اديبن ۽ محققن جي پڙهيل مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر فهميده حسين آهي. هيءُ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين سنڌي ڀاڱي ۾ يارنهن تحقيقي مضمون: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، امداد حسيني، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ڊاڪٽر هدايت پريم، تنوير جوڻيجي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، نياز سرڪي، بدر ڌامراهي ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر چنا جا ڏنا ويا آهن. اردو ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر حيدر سنڌي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٽئين انگريزي ڀاڱي ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قمر الدين بوهرا جا تحقيقي مقالا ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي 242 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، مئي 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
شاهه ۽ سنڌ- II (ڪتاب): ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي، جنهن کي ڊاڪٽر فهميده حسين سهيڙيو آهي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو سنڌيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ پنج مضمون: محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ملڪ نديم ۽ انب گوپانگ جا ڏنا ويا آهن، ٻيو حصو: ڊاڪٽر محمد صديق خان شبلي، ڊاڪٽر گوهر نوشابي، سحر امداد ۽ احسان عظيم صديقي، انگريزي ٽئين حصي ۾ ڊاڪٽر طارق رحمان، قمر شهباز، ڊاڪٽر وقار، احمد رضوي ۽ عبدالله ورياهه جا مضمون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، نومبر 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
ڳالهيون شاهه لطيف جون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو ليکڪ غلام مصطفيٰ مشتاق آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان ڪل 28 موضوع شامل آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي بزرگن سان ملاقات، جنم، ننڍپڻ، جواني، سير و سفر، عشق، شادي، معجون جي دٻلي، دعا ۽ بد دعا، پارس پٿر، خليفي اسماعيل، ميان جي گهوڙي، مريد ۽ مڇر، ساز سرود، بيبي لعل جا ڀائر، ڀٽ وسائڻ، هندوءَ جو مسلمان ٿيڻ، غار ۾ ويٺل شخص، ڏاچيءَ جو کير، تمر فقير، گلان کي دعا، مريد ۽ پلو، وصال ۽ چنگل گهوڙي، لباس ۽ عادتون، الله تي توڪل، رحمدلي ۽ تحمل، عبادت ۽ رياضت بابت تفصيلي معلومات شامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه لطيف جي رسالي سان چونڊ ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي.
ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، مارچ 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
سنڌ جو شاهه (ڪتاب): نامياري ليکڪ بدر ابڙي جو هي ڪتاب، شاهه لطيف جي موضوعن ۽ ڪردار تي سياسي حالتن ۽ تاريخي روايتن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب هن پنهنجي والد جمال ابڙي جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جو ‘مهاڳ’ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. بدر ابڙي پنهنجن ‘ٻن اکرن’ کانپوءِ شاهه لطيف جي جنم جي تاريخ هن ريت ڏني آهي:
جنم: 31 مارچ 1691ع (پهرين رجب 1102هه)، ڏينهن ڇنڇر
وفات: 31 ڊسمبر 1751ع (14 صفر 1165هه)، ڏينهن جمعو
بدر ابڙو لکي ٿو ته، “شاهه لطيف جي سوانح حيات جا سڀ ماهر اِن راءِ تي متفق آهن ته، لطيف سرڪار 14 صفر مطابق 1165هه تي وفات ڪئي. عيسوي سن موجب اها پهرين 1752 هئي ۽ ڇنڇر جو ڏينهن هو. پر عام روايت آهي ته شاهه لطيف جي وفات جمعي جي ڏينهن ٿي هئي. چنڊ ۽ سج تي ٻڌل تاريخن ۾ هڪ ڏينهن جي فرق جو سدائين امڪان رهندو آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته ڀٽائي صاحب جي وفات جي تاريخ 31 ڊسمبر 1751ع هجي، جيڪو جمعي جي ڏينهن هو.” اهڙي طرح هو محققن جي ان خيال سان به متفق نه آهي ته شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي (وفات 1165هه)، پر هن جي چوڻ موجب سندس عمر 60 سال، 9 مهينا هئي.
هن ڪتاب کي هيٺين ڀاڱن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي:
(1) شاهه لطيف جو حسب نسب: هن باب ۾ خانداني ۽ تاريخي پسمنظر سان گڏ شاهه حبيب ۽ شاهه صاحب جي جنم ۽ وفات جا تفصيل، ڪوٽڙي مغل جو پسمنظر، روايتون، وتايي فقير سان نسبت، ڀٽ تي رهائش، سماع جي ابتدا، سير سفر، تعميرا ۽ شاهه جا فقير- عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن.
(2) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو زمانو
(3) سُر سريراڳ جو پسمنظر
(4) سر ڪاپائتيءَ جو پسمنظر
(5) 18صديءَ جي سنڌ
(6) ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو
(7) سر کاهوڙيءَ جو پسمنظر، ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ، ڀٽائي ۽ کاهوڙي
(8) جهوڪ واري لڙائي
(9) سر رامڪليءَ ۾ نوري ۽ ناري جوڳي (ٻڌ ڌرم جا فرقا، جين ڌرم)
(10) ڀٽائيءَ جا پنڌ (ڪڇ، ٿر، هنگلاج، ملتان، لاهوت وغيره)
(11) ڀٽائيءَ جو فلسفو
(12) ڀٽائيءَ جا سورما (لاکو ڦلاڻي) وغيره.
ڊيمي سائيز جي 432 صفحن جي ڪتاب جو پهريون ڇاپو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2000ع ۾ شايع ڪرايو هو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2014ع ۾ پڌرو ڪيو آهي. ٻئي ڇاپي جي قيمت 500 روپيا آهي.
اوجاڳي اُجاريا (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ شاهنواز سوڍر آهي، جنهن هن ڪتاب ۾ شاهه جي شاعريءَ جي حوالي سان هيٺين عنوانن تي نهايت عالمانه نموني ڪم ڪيو آهي: (1) شاهه لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي سازي، (2) سنڌي عورت جي عظمت ۽ شاهه لطيف، (3) سهڻيءَ جو سماجي ڪردار، (4) سر ڏهر جو تاريخي پس منظر، (5) مارئيءَ جو ڪردار، (6) سام جهلڻ هڪ سنڌي ريت، (7) سر ڪاپائتيءَ جو پس منظر، (8) لطيف جو پورهيت چارڻ، (9) سر بلاول جو تاريخي پسمنظر، (10) سر رامڪليءَ جو ثقافتي ۽ تاريخي پسمنظر، (11) ٿر ٻاٻيهو، (12) شاهه جو کاهوڙي، (13) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر جا ماخذ، (14) انساني حق ۽ شاهه عبداللطيف، (15) سر ڪارايل جو مطالعو، (16) وهون وڻجارن جون، (17) سارنگ سائي سٽ، (18) شاهه جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال،
(19) سنڌي رهڻي ڪهڻي، (20) سر ڪاموڏ ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن، (21) شاهه ۽ سنڌي موسيقي، (22) سنڌي سماج جي اوسر ۽ شاهه لطيف.
ڊيمي سائيز جي 284 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ پيش لفظ خود مصنف ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکيا آهن. ڪتاب گهنور خان سوڍر ۽ وزير حسين سوڍر جي نانءُ ڪيل آهي، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيا هئا. هي ڪتاب لطيف ساڃاهه پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان 2000ع ۾ ڇپرايو ويو هو. ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هي مختلف عالمن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل ڪتاب، ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻيءَ (هيڊ، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئي) سهيڙيو آهي. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن:
(1) سنڌ ۾ جل پوڄا جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر (ڊاڪٽر غلام علي الانا)
(2) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو (ڊاڪٽر فهميده حسين)
(3) شاهه جي ڪلام ۾ مرڪب لفظ (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)
(4) شاهه لطيف ۽ جوڳي (هيرو ٺڪر).
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان، 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽي (انڊيا)، نومبر 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.
ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ جو برک شاعر ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ‘شاد’ آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، شاعري ۽ پيغام تي سنڌ جي 20 ناميارن اسڪالرن جا شاهڪار مقالا سهيڙيا ويا آهن. جن ۾ علامه دائود پوٽي، جناب اي. ڪي بروهي، ايڇ. ٽي. سورلي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محترم عثمان علي انصاري، پير علي محمد راشدي، مخدوم امير احمد، عبدالڪريم لغاري، سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر لطف الله بدوي، حافظ احسن چنا، احمد خان آصف، رشيد احمد لاشاري، مير شفيع احمد علوي ۽ احسان بدويءَ جا نالا شامل آهن. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ پاران 2001ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. 172 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 40 رپيا آهي.
لطيف جا ٿر تان ڀيرا: هي ڪتاب معمور يوسفاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائي صاحب جي ان سير سفر جو تذڪرو ڪيو آهي، جيڪو هن ٿرپارڪر جي ايراضيءَ ۾ ڪيو. انهن علائقن ۾ بروئڙ کان ليڻهور، نوهٽي کان ليهور، ليهور کان سيرين، ڪلري کان سيرين، کاهڙ ۽ پارڪر وغيره جا سفر بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي ۾ موجود سنڌ جي جاگرافيائي اشارن تي به بحث ڪيو ويو آهي. 175 صفحن جي هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2001ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ آندو ويو آهي.
ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مشهور ليـکـڪا ج. ع. منگهاڻيءَ جي تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي مختلف عالمن پاران ڪيل تحقيق ۽ انهن جو ڪڍيل نتيجن تي اختلافن جي نشاندهي ڪري، نوان نتيجا مثالن سان ڏنا ويا آهن. هيءُ ڪتاب لطيف شناسيءَ جي ميدان ۾ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ليکڪا جو تعلق جيئن ته ڪوهستاني لهجو ڳالهائيندڙ علائقي سان آهي ۽ لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ به هن لهجي کي چڱي جاءِ مليل آهي. ان ڪري ڪيترن لفظن جي مختلف محققن جي ڏنل معنائن سان اختلاف ڏيکاريو آهي. هن ڪتاب جو ناشر نوٽ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ۽ اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. مهاڳ ۾ ڪتاب جي اهميت کي چڱيءَ ريت اُجاگر ڪيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچيءَ جي هن ڊيمي سائيز ۾ ڇپايل ڪتاب ۾ 219 صفحا آهن. هي ڪتاب مئي 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.
سرتاج شاعر (ڪتاب): هي ڪتاب انگريز محقق ايڇ. ٽي. سورلي جي ڪتاب Musa Purvagans جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامياري مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ايڇ. ٽي. سورلي ستين صديءَ ق. م کان ويهين صديءَ تائين دنيا جي عظيم غنائي (lyrical) شاعرن جي سريلي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، دنيا جي اهڙن چوٽيءَ جي شاعرن مان سڀ کان مٿانهين حيثيت جو مالڪ آهي. سورلي اهڙن سڀني شاعرن جي ڪلام جو انگريزي ترجمو پڻ ڪيو آهي.
هن ڪتاب جي موضوعن جي ورڇ هن ريت آهي: قديم دور جي شاعري، ڪلاسيڪي يوناني، ڪلاسيڪي لاطيني، ابن زيدون، وچين دور جي لاطيني، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، وڪٽر هيوگو ۽ علامه اقبال.
عطا محمد ڀنڀري جي پيش لفظ سان گڏ ايڇ ٽي. سورلي جي تعارف جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 130 روپيا آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2002ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاهه لطيف: هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ (ڪتاب): ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ هر سال ڪنهن هڪ سُر تي مقالا پڙهيا ويندا هئا، پر سال 2000 ۽ 2001ع ۾ هڪ ڏينهن جي بجاءِ ٽه روزه ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي. ان موقعي تي پڙهيل سُرن وارا مقالا ته ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، پر باقي ٻن ڏينهن ۾ پڙهيل ٻين موضوعن وارا مقالا ان وقت ڪتابي صورت ۾ شايع نه ٿي سگھيا، جن کي بعد ۾ محترم تاج جويي ترتيب ڏئي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه حيدرآباد طرفان سال 2002ع ۾ شايع ڪرايا. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۽ مضمونن جو وچور هن ريت آهي: 2000ع واري ادبي ڪانفرنس جا مقالا: صدارتي تقرير: ڊاڪٽر الياس عشقي، شاهه جي سوانح ۽ سندس ڪلام جو پسمنظر: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سُر ڪلياڻ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون:
اسد جمال پلي، شاهه جي ڪلام جي فڪري ماخذ: محمد حسين ڪاشف، شاهه لطيف ۽ وطن دوستي: ڊاڪٽر نواز علي شوق، لطيف سائين ۽
سر ريئلزم: عبدالقادر جوڻيجو، شاهه جي شاعريءَ ۾ جماليات: مير محمد پيرزادو، شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جو اڀياس: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي- هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ: سحر امداد، انسان شناسي ۽ شاهه لطيف: حافظ محمد بخش خاصخيلي، شـاهه جـي ڪـلام ۾ ڏک جـو تـصـور: پـروفيسر عنايـت الله زنگيجـو، لطيف شناسي: فقير حاجي امداد علي سرائي شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي اردو ڀاڱي ۾ شامل مقالن ۾: شاهه عبداللطيف اور فارسي شاعري ڪي عارفانه روايت: ڊاڪٽر محمد صديق خان شبلي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سماع- ويدانيت اور جوگي: ڊاڪٽر سلطانه بخش شامل آهن. ڪتاب جي انگريزي ڀاڱي ۾: Shah Latif’s conceep of the Divince Vision عنوان سان ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضيءَ جو مقالو شامل آهي.
2001ع واري ادبي ڪانفرنس جا مقالا: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ حقيقت محمديءَ جو ذڪر: مولانا عبداللطيف سڪندري، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ويدانيت: پروفيسر موهن لعل پريمي، وائيءَ جي گائڪيءَ جو ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان ربط: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لطيف جي ڪلام جي قلمي نسخن جو اڀياس: محمد حسين ڪاشف، شاهه صاحب جو فڪر ۽ عرفان [مولانا روميءَ ۽ ٻين فارسي عارفن جي فڪر جي روشنيءَ ۾]: ڊاڪٽر گل حسن لغاري، لطيف جي رسالي ۾ قوميت جو پيغام حافظ محمد بخش خاصخيلي، شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ جي بندرن ۽ بازارين جو ذڪر: رسول بخش تميمي، (اردو ڀاڱو): لطيف انسان شناسي ڪا رهبر: ڊاڪٽر سلطانه بخش شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 299 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب): نامياري عالم علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي متعلق لکيل انگريزي مقالن جو هي سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالغفاري سومري ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي ٽن عالمن شاعراڻي معيارن مطابق پرکي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته شاهه جو ڪلام پنهنجي هيئت، موضوع، فلسفي ۽ فڪر ۾ دنيا جي سمورن شاعرن کان پهرين نمبر تي بيٺل آهي. علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه لطيف جي شاعريءَ کي پرکڻ جو هي نقطو پنجاهه سال اڳ لکيل پنهنجي هڪ انگريزي مضمون Shah Abdul Latif in Appreciation of his Art ۾ نهايت ئي مدلل نموني سان پيش ڪيو. ان کان سواءِ شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ پنهنجي گھرواري ايلسا قاضيءَ جي شاهه جي رسالي جي ترجمي ۾ مدد ڪرڻ دوران شاهه جي مختلف رخن تي پڻ ڪجهه مضمون انگريزيءَ ۾ لکيا، جن کي ترجمو ڪري سومري صاحب موضوع جي ترتيب مطابق هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 115 صفحن وارو هي ڪتاب آگسٽ 2002ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 36 روپيا ڄاڻايل آهي.
تذڪرهء لطيف (ڪتاب): شاهه لطيف جي 259ئين عُرس مبارڪ جي موقعي تي اوقاف کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڇپايل هن ڪتابڙي جو نگران منظور احمد هاشمي (چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف) ۽ سهيڙيندڙ سيد محمد احمد جعفري (پبلڪ رليشنس آفيسر اوقاف) آهي. هن سنڌي اردو ڪتابڙي جو پيش لفظ منظور احمد هاشميءَ لکيو آهي. گورنر سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زڪوات، عشر، مذهبي، اقليتي معاملا جي پيغامن کانپوءِ هيٺيان مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) شاهه عباللطيف ڀٽائي بحيثيت عظيم شاعر، معلم اخلاق اور محب سنڌ (حافظ ارشد انڍڙ)، (2) تذڪره لطيف (منظور احمد هاشمي)، (3) Shah: His Poetry and The World Poet: I I Kazi، (4) سرتاج العارفين سيد عبداللطيف شاهه ڀٽائي: روحاني رهبر ۽ آفاقي شاعر، (5) شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪي حالاتِ زندگي (سيد محمد احمد جعفري).
48 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتابڙو، اوقاف کاتي سنڌ، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڪتاب): هي ايڇ ٽي سورلي جي انگريزي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit جو اردو ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر رياض صديقيءَ ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب مترجم ‘سنڌ جي عوام جي نالي’ ڪيو آهي. ديباچي ۽ سورلي جي مڪالمي کانپوءِ ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي ۾: پهريون باب ‘سنڌ 1680ع کان 1760ع تائين’، ٻيو باب: ‘مهم جوئي ۽ واپار’، ٽيون باب: ‘غريب ماڻهن جي حالت’، چوٿون باب: ‘سرڪار ۽ رعايا’، پنجون باب: ‘رعايت يافته طبقو’، ڇهون باب: ‘هڪ شاعر ۽ ان جو عوام’ ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾: ادب ۽ تنقيد ۽ ابتدائيه (شاعريءَ جا اصول ۽ شعري تنقيد) کانپوءِ ڇهه باب هيٺين عنوانن سان ڏنا ويا آهن: (1) هڪ ڪلاسڪ جو جنم، (2) رسالي جا شعر، (3) ڪيترن ڪنارن جو ڄار، (4) شاعراڻو اسلوب ۽ مشاهدو، (5) تصوف جو تناظر، (6) اسلامي تصوف جا اثر، (7) لاڙ سنڌ ۾ تصوف.
ڊيمي سائيز جي 464 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فڪشن هائوس لاهور، 2003ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ (اڳوڻي هيڊ، سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽيءَ) جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو (1994) آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر ديال آشا جي رهبريءَ ۾ لکيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، سنڌ جي نامياري محقق سراج ميمڻ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، “سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي: ‘شـاهه، سچـل، سامـيءَ’ مان ٻن اهم شـاعـرن تي تحقيق ڪئي وئي آهي،
جنهن ۾ سندن دور ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي روشني وجهڻ سان گڏوگڏ، ان دور جي پسمنظر طور سنڌ جي تهذيبي تاريخ جي اهم واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جن سان شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جي اهميت، افاديت ۽ مقصد کي ان جي منظر ۽ پسمنظر سوڌو چٽو ڪرڻ جو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ ‘حق، عشق ۽ حسن’ يعني ‘ستيم، شوم، سندرم’ جو حسين ميلاپ آهي، پر ٻنهي جي اظهار ۾ فرق آهي.” هن وڌيڪ لکيو آهي ته “ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ، شاه ۽ سچل جي پيغام ۾ مذهبي متڀيد کان مٿانهون پيغام اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي... تصوف جي باري ۾ سندس مطالعو اهم آهي. شاهه ۽ سچل ٻئي وحدت الوجود فلسفي جي پوئواري ڪندي به هڪٻئي کان مختلف آهن، اُن نڪتي تي پڻ روشني وڌي وئي آهي، جيڪا اهم ڳالهه محسوس ٿئي ٿي، سا اها آهي ته بيتن جا حوالا ڏئي، هڪجهڙاين ۽ ٻنهي ۾ فرق کي چٽو ڪيو ويو آهي.”
هي ڪتاب، سنڌ ۽ هند ۾ تحقيق جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽي، ممبئي (انڊيا)، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. ليکڪ جو تعارفي فليپر شاهه لطيف ۽ قاضي قادن جي پارکو محترم هيري ٺڪر لکيو آهي.
ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب ۽ محقق معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن: قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات رضوي، شاهه شريف رضوي، شاهه بلال رضوي،
شاهه قطب رضوي، عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، صوفي صديق فقير، مراد فقير زنگيجي، ڀائي چئنراءِ لنڊ (سامي)، خليفي نـبـي بخـش ‘قـاسـم’، شـاهه شريـف ڀاڏائـي،
حمل فقير، عبدالقادر ‘بيدل’، سدرام ڀڳت، مل فقير، منٺار فقير، حافظ در محمد ۽ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ معمور يوسفاڻيءَ جا ٻه مقالا: ‘تصوف ڇا آهي’ ۽ ‘ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ جا بنيادي ماخذ’ به شامل آهن.
ڪتاب جو مقدمو مرتب خود تحرير ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب نامياري محقق ۽ برک شاعر راڄ محمد پليءَ جي نالي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.
لطيف ذهني چٽاڀيٽي (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه لطيف جي زندگيءَ، ڪلام، رسالن، شارحن، ترجمي نگارن، مرتبن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي سوالن جوابن جي صورت ۾ سهيڙيل آهي. هي ڪتاب ڪمال ڄامڙي تيار ڪيو آهي، جنهن کي شاهه لطيف، چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. ناشر جو نوٽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي، جڏهن ته مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 100 روپيا آهي.
شاهه لطيف شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو (ڪتاب): ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه هن ڪتاب ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ موجود هڪ فني خوبيءَ تي انتهائي مفصل ۽ مدلل نموني سان لکي، ڪلام جي ان فني نڪتي کي اجاگر ڪيو آهي. هي ڪتاب بنيادي طور چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرئين ۾ شاعريءَ جي فن، تشبيهه ۽ استعاري جي فن ۽ ان جي قسمن متعلق لکيو ويو آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ شاهه لطيف جي دور ۾ هندي، عربي ۽ فارسيءَ جو اثر ۽ مولانا روميءَ جي شاعريءَ جو شاهه جي شاعريءَ تي تشبيهه ۽ استعاري جو اثر، ڀاڱي ٽئين ۾ شاهه جي ڪلام ۾ تشبيهه ۽ استعاري جو تحقيقي اڀياس، ۽ ڀاڱي چوٿين ۾: شاهه لطيف ۽ سندس متقدمين، معاصرين ۽ متاخرين جي ڪلام جو تشبيهه ۽ استعاري جي حوالي سان تقابلي جائزو ورتو ويو آهي. هيءَ تحقيق پنهنجي نوعيت جي منفرد ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. 631 صفحن وارو هي ڊيمي سائيز جو ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 2004ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب): شاهه لطيف جي ڪلام ۾ موجود پهاڪن ۽ محاورن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هي تحقيقي ڪم نامور اديب سيد اظهر گيلانيءَ جو ڪيل آهي ڪتاب جي شروعات ۾ ڪلام جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن کان پوءِ شاهه جي سمورن سُرن مان اهي سِٽون جدا ڪري سُر وار لکيون ويون آهن، جن ۾ پهاڪا ۽ محاورا موجود آهن.
ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
ڀٽائيءَ جو مطالعو (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ شاهه لطيف جو پارکو معمور يوسفاڻي آهي. هن ڪتاب جي سهيڙ سندس فرزند ۽ نامياري اديب ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 تحقيقي مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ ‘پنهنجي پاران’ قمر ميمڻ لکيو آهي. مرتب هن ڪتاب جو انتساب ٻن لطيف شناسن: شفيع محمد پلي ۽ امير دوست مري بلوچ کي ڪيو آهي. 212 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊميءَ، ڊسمبر 2005ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
ڪيچان آيو قافلو (ڪتاب): هن ڪتاب جي مرتب وينا شرنگي آهي. هن ڪتاب ۾ ‘مارئي تنظيم دهلي’ طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي منعقيد ٿيل چئن بين الاقوامي سيمينارن (1987، 1989، 1991، ۽ 2001) ۾ پڙهيل مقالا سهيڙيا ويا آه، جن ۾ پوجيه ما هري ديوي، ڪنور جيون درشن، شالني ساگر، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، تاج جويي، محمد ابراهيم سنڌي، اياز لطيف پليجي، آصف بالادي، مريم پليجو، ٽهلرام آزاد، ڄام ساقي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، شاهنواز ڏاهر، پرسو گدواڻي، وينا شرنگي، تاجل بيوس، خاڪي جويي، بدر سومري، پروفيسر صادق، ڪي. آر. ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مارئي تنظيم دهليءَ طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 175 روپيا ڄاڻايل آهي.
ڇپيل شاهه جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس (ڪتاب): شاهه جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم هونئن ته گنج شريف کان ٿيو، پر اوڻيهين صديءَ جي شروعات کان اڳ ئي شاهه جي رسالن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف عالمن جدا جدا وقتن تي شاهه جي رسالي جي ترتيب جو ڪم ڪيو آهي، جن ۾ پرڏيهي عالم ڊاڪٽر ٽرمپ، ڏيهي عالم مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص طور ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي. ناليواري لطيف شناس سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي هن ڪتاب ۾ مٿي ڄاڻايل عالمن جي ترتيب ڏنل شاهه جي ڇاپي رسالن جو مختلف رخن کان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪيو ويو آهي. هيءَ تحقيق، تنقيدي حوالي سان اهم به آهي ته پنهنجي جاءِ تي ڪيترا سوال پڻ اُٿاري ٿي. 224 صفحن واري هن تحقيقي ڪتاب کي لطيفي تحقيقي تڪيو، ڄام شوري پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه (ڪتاب): نامياري لطيف شناس ۽ عالم محمد حسين ڪاشف جي مختلف وقتن تي شاهه جي فڪر ۽ فلسفي بابت هي تحقيقي ڪتاب شاهه جي مختلف رخن تي عالمانه روشني وجھي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مواد موضوع توڙي مضمون، ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. 301 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه جولاءِ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي قيمت 250 روپيا وئي آهي.
پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا (ڪتاب): هي ڪتاب ‘پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا’ (پهاڪا ۽ شاهه جي شاعريءَ مان سون ورنيون سٽون)، نورالدين سرڪيءَ جي چونڊ ۽ تحقيق آهي. سرڪي صاحب جو هي ڪتاب، ٻن ڀاڱن تي ٻڌل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ هن سنڌي سماج ۾ مروج پهاڪا ڏنا، ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي عام ڳالهه ٻولهه توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ سڄاڻ شخص سرڪي صاحب، پهاڪن جي معاشري ۾ اهميت بيان ڪندي لکيو آهي ته “پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن، جي ڪن خاص خيالن کي ٺاهه ٺوهه بنا اسان تائين پهچائين ٿا.” هو لکي ٿو ته ‘پهاڪي’ کي انگريزيءَ ۾ ‘Proverb’ چون ٿا. انجيل جي پراڻي عهدنامي (Old Testament) ۾ اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن جو هڪ الڳ باب ڏنل آهي، جنهن کي چون ئي ‘پهاڪن جو ڪتاب’. نئين آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ مطابق اُنهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترائي پهاڪا، اُنهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.”
(1) Adage: آنندرام شهاڻيءَ ۽ سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان جي معنيٰ ‘پهاڪو ۽ چوڻي’ لکيل آهي.
(2) Aphorism: آنندرام اُن جي معنيٰ ‘چوڻي يا مثال’ ڄاڻائي آهي.
(3) Maxim: آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ ‘قول يا مثال’ معنيٰ ڄاڻائي آهي.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ الف ب وارا پهاڪا ڏنا ويا آهن، جيڪي 170 صفحن تي مشتمل آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ الف ب وار (‘هه’ اکر تائين) 98 صفحن تي شاهه جي رسالي مان سون ورنيون سٽون ڏنيون ويون آهن. ڪرائون سائيز جي 281 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ جي حميد سبزوئيءَ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
لطيفي معلومات (ڪتاب): راهب علي لاڙڪ، لطيفي معلومات تي هي موضوع وار ڪتاب، شاهه لطيف ڪتاب گهر حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه جي زندگي، دور، شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ تاليف، سُرن، بيتن ۽ واين بابت ڄاڻ، راڳ، راڳڻين ۽ سازن بابت ڄاڻ، لطيفي لغت، شاهه جي ماڳن مڪانن، رسالي ۾ ٻنين جي ذڪر، شاهه جي سورمن، سورمين، ڏهيسرن، ڏاتارن، ذاتين، پکين، حيوانن، وڻن، ٻوٽن، گاهن ۽ رنگن جي ذڪر، وکر، وڻج واپار، شاهه تي لکيل ڪتابن ۽ Ph.D ٿيسز، مقالن، مضمونن، شاهه جي همعصرن، شارحن، محققن، مريدن، عقيدتمندن، فنڪارن، شاهه جي نالي سان وابسته عرسن، ڏهاڙن، ڪانفرنسن ۽ لطيف اوارڊن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ڪرائون سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 2006ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
ثقافتي ورثو '>ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعارف ۽ تاريخ تي سهيڙيل آهي، جنهن کي منظور احمد قناصري ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي تاريخ، ڀٽ شاهه سان لاڳاپيل ماڳن، مڪانن، ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاهه ۾ موجود مشهور عالمن جي قبرن، ثقافتي مرڪز جي سموري ڪارڪردگيءَ ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عالمن ۽ سياستدانن جو ذڪر به شامل آهي، جن ۾ سيد ميران محمد شاه، جي. ايم. سيد، طالب الموليٰ، نبي بخش بلوچ، پيرزادي عبدالستار ۽ ٻين جو ذڪر آهي. [هي حصو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جيڪي تاج جويي تقريب کانپوءِ ترتيب ڏئي، ثقافت کاتي ڏي موڪليا هئا.] 189 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڀٽائي صاحب جي روضي، ان جي راڳين ۽ ڪراڙ ڍنڍ جون رنگين تصويرون به شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 150 رپيا ڄاڻايل آهي، رنگين ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هيءَ ڪتاب لطيف شناس ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو جي پي ايڇ ڊي آهي، جنهن دوران سندس رهنما نامور اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين هئي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست باب شامل آهن، جن ۾ : (1) سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان ڪلهوڙن جي دور تائين مذهبي ۽ علمي حالتون، (2) ڪلهوڙن جو دور، (3) سنڌ ۾ صوفي مذهبي ۽ ٻيون اهم تحريڪون، (4) ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جون علمي حالتون،
(5) ڪلهوڙون جي دور ۾ اسلامي عملن جي اشاعت ۽ نشونما، (6) شاهه عبداللطيف ڀٽائي، (7) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ ڏنل تعليم شامل آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ نتيجا ڪڍي ببليوگرافي شامل ڪئي وئي آهي. 706 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ، ڊسمبر 2006ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 350 روپيا آهي.
شاهه لطيف جي ٻولي، تحقيقي جائزو (ڪتاب): هي تحقيقي ڪتاب، شاهه لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آيل لفظن کي سمجهڻ جو هڪ سٺو مجموعو آهي. نامياري ليکڪا ج ع منگهاڻيءَ، هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن ۽ شارحن سان اختلاف رکندي پنهنجي تر يعني لسٻيلي جو معنائون پيش ڪيون آهن. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي، جڏهن ته مهاڳ ج.ع منگهاڻيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب 1007 صفحن تي مشتمل آهي ۽ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
اگهيا سُٽ سندا (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر نورافروز خواجه جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر بابت، مقالا، مضمون ۽ ليڪچر شامل آهن. ڪتاب جي ابتدا ۾ ‘پيغام’ ان وقت جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ جو ڏنو ويو آهي ۽ ‘پيش لفظ’ مرتب ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آهي. ڪتاب ۾ 25 مقالا ڏنل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) شاهه جي رسالي جي ڪلام جا قلمي ذخيرا (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، (2) گنجي (ٽڪر) ۾ گُن گهڻا (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، (3) شاهه جي مشاهدي جي سگهه (سيد ميران محمد شاهه)، (4) شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)، (5) شاهه جي سنڌڙيءَ جي تهذيبي اهميت (جي ايم سيد)، (6) شاهه تي تحقيق (پير حسام الدين راشدي)، (7) شاهه جي ڪلام ۾ تصوف (پروفيسر غلام حسين جلباڻي)، (8) ڀٽائيءَ جي ڪلام سان ناتو نڀائڻ (شيخ اياز)، (9) شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ تصوف (ٻلديو مٽلاڻي)، (10) شاهه لطيف سائين سراپا سنڌيت هو (موتيلال جوتواڻي)، (11) شاهه جي شاعريءَ ۾ سُور ۽ سختين جو فلسفو (آغا سليم
(12) ارنيسٽ ٽرمپ (غلام رباني آگرو)، (13) ساري سک سبق (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (14) شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر (ڊاڪٽر در شهوار سيد)، (15) پِيڙم پيچ پنهونءَ سين (ڊاڪٽر نورافروز خواجه)، (16) جَر وڏو جاجهر گهڻي (ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
(17) رشتن جي پڇاڻ ۽ ڪائنات (جڳديش لڇاڻي)، (18) شاهه لطيف ۽ سنڌي سماج (ڊاڪٽر ادل سومرو)، (19) عاشق اهڙين اکرين، لنگهيا لامڪان (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، (20) رساله اويسيه جو مطالعو (آزاد قاضي)، (21) سسئيءَ جي سُورن جي ڪهاڻي (ڊاڪٽر عنايت لغاري)، (22) شاهه جي شاعري ۽ حيات جي بقا جو سوال (محمد آدم ٻٽ
(23) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو فلسفو (ڊاڪٽر غفور ميمڻ)، (24) سُور ته سنيهو آهي ويڄ وٽ وڃڻ جو (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، (25) ڀٽائيءَ وٽ زندگيءَ ۽ عمل جو رستو (نور محمد شاهه).
انگريزي سيشن ۾ هيٺيان ست مقالا شامل آهن:
(1) Shah: His position among the World Poets: Allama I. I. Qazi
(2) Shah Abdul Latif of Bhit: Dr Annemarie Schimmel
(3) Shah Abdul Latif- Poet of Love: Ali Ahmad Brohi
(4) Shah Abdul Latif Poet and Social Reformer par Excellence.
(5) Images in the Poetry of Shah Latif: Tanveer Abbasi
(6) Quest for Beloved: Amar Jalil
(7) The Philosophical Dimensions of Latif’s Poetry: A. K. Brohi.
ڊيمي سائيز جي 286 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، 2007ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.
ڪوڙين ڪن سلام (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب نوجوان اديب رکيل مورائي آهي. هن ڪتاب ۾ 125 سنڌي ۽ اردو شاعرن جو شاهه سائينءَ تي منظوم ڪلام ڏنو ويو آهي. مرتب هن ڪتاب ۾ هر شاعر جي ڪلام سان گڏ سندس جنم ۽ وفات جي تاريخ به ڏني آهي. مرتب شاهه سائينءَ کي منظوم ڀيٽا تي مشتمل ڪلام مختلف ڪتابن ۽ رسالن مان ڳولي هٿ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مير عبدالحسين سانگي،
مير حسن علي ٽالپر، غلام احمد نظامي، مرزا قليچ بيگ، سيد روشن علي روشن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سوڀراج نرملداس فاني، ڪشنچند بيوس، سرور علي سرور سميت ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. هن ڪتاب ۾ ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري عبدالقادر منگي ۽ مرتب پاران نوٽ شامل آهي. 256 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاهه جي ڪلام ۾ هدايتون (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي تصنيف آهي، جنهن کي بابن وغيره ۾ نه ورهايو ويو آهي، پر لَس لکيل آهي، ڪتاب جي ضمني عنوانن ۾: شاهه تي خانداني اثر، شاهه صاحب جي تعليم، شاهه جا ذاتي مشاهدا، شاهه تي عالمن، شاعرن ۽ درويشن جي فڪر جو اثر، شاهه صاحب تي مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو اثر، شاهه صاحب جي دور جون سياسي حالتون، تصوف، شاهه جي ڪلام ۾ زندگيءَ جو فڪر، فنايت، روحاني زندگيءَ جو مقصد، ارادو ۽ شوق، رهنمائي، موقعو ۽ ذريعو، ڄاڻ ۽ عمل، پرک ۽ پروڙ، رضا الاهي، نراسائي، خود ضابطو، لالچ ۽ طمع، سمر، عبادت، شاهه جي نظر ۾ زندگي، پهريون روحاني زندگيءَ وارو رُخ، ٻيو ديني ۽ دُنيوي زندگيءَ وارو گڏيل رُخ، ٽيون رخ دنياوي زندگي آهي. ڪامل انسان جي زندگي، معرفت جو مقام، دنيوي زندگي ۽ شاهه جي مثالي زندگي.
هي ڊيمي سائيز جي 99 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007ع ۾ شايع ڪيو ۽ اُن جي قيمت 60 روپيا آهي.
A Song of Peace (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ڪلياڻ جي موسيقيءَ ۽ فڪر بابت هي ڪتابچو، لطيف شناس سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي نياڻين ۽ پُٽ- ‘سنڌ سونيتي ڀُٽو’، ‘سرويچ سنڌي’ ۽ ‘سورٺ سنڌي’ جي لکيل مواد تي مشتمل آهي. ٻه اکر (Forward) سليم ڀُٽي لطيفيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هو رقم طراز آهي ته سندس 1990ع کان وٺي اها خواهش هئي، اُنهن ماڻهن لاءِ لطيف سائينءَ بابت انگريزيءَ ۾ لکيو وڃي، جيڪي سنڌي نه ٿا ڄاڻن- مون لاءِ خوشيءَ جا لفظ نه ٿا ملن، جڏهن منهنجي نوجوان ٻارن اهو ڏکيو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘سنڌ سونيتي ڀٽو’ لکيو آهي، جنهن بعد ٽنهي ٻارن جو سُر ڪلياڻ جي موسيقيءَ ۽ فڪر تي لکيل مواد ڏنو ويو آهي. شاهه جي بيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ هنن ڪلياڻ آڏواڻي، ايلسا قاضي، آغا محمد يعقوب، جي. اي الانا، امينه خميساڻي ۽ ايڇ ٽي سورلي جي ‘لطيفي ترجمن’ مان استفادو ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو، لطيفي تحقيقي تڪيي، ڄام شوري پاران آڪٽوبر 2007ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
سُر، شاهه، سمنڊ: هي ڪتاب موسيقيءَ جي فن ۽ علم جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي راڳ جو چالي، شاهه جي داستانن مان پيدا ٿيل راڳ ۽ ٻين رُخن تي روشني وڌل آهي. هي ڪتاب استاد امير عليءَ تيار ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي. 315 صفحن جو هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي.
شاهه لطيف، سنڌي ٻولي ۽ سماج (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان جولاءِ 2004ع ۾ منعقد ڪرايل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو نوجوان اديب خالد آزاد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، تاج جويي، ڊاڪٽر هدايت پريم، انور فگار هڪڙي، رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، آزاد قاضي، الهنواز رڪڻائي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻين عالمن جا مقالا شامل آهن. هي ڪتاب 2007ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿي چڪو آهي. پڪي جُلد سان 230 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
سامي سِڄ وڙاءُ (ناول): هي ناول سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، مترجم، براڊڪاسٽر ۽ ڏاهي اديب، مراد علي مرزا جو لکيل آهي. ‘سامي سِڄ وڙاءُ’ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ناول آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت توڙي پوري زندگي ناول جي انداز ۾ لکي وئي آهي. هن ناول ۾ هڪ ٻار (ڀٽائيءَ) جي ڄمڻ، ان جي گهر جي ماحول، ان جي تعليم ۽ تربيت، خاص طور پهريون ڀيرو مڪتب ڏانهن وڃڻ، پنهنجي طبيعت جي مطابق اڪيلائيءَ ۾ ويهي فطرت جي رازن رمزن کي سمجهڻ ۽ ڪائنات ۾ موجود سموريءَ سونهن کان متاثر ٿيڻ، جسماني ۽ فڪري واڌ ويجهه، بيقرار طيبعت کي قرار ڏيڻ جا جتن ڪرڻ، مختلف مذهبن ۽ فڪرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، شاعري ڪرڻ، سير سفر ڪرڻ ۽ ڀٽ کي وسائڻ وارا سمورا مرحلا ۽ معاملا، ماحول جي عڪاسي ٻوليءَ جي اُڻت ۽ حسناڪيءَ سان هن ناول ۾ پيش ڪيا ويا آهن، ان ڪري يقيناً سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هي ناول پنهنجي اهم جاءِ والاري ٿو. ناول جي شروع ۾ پبلشر نوٽ موهن مدهوش لکيو آهي، جڏهن ته مهاڳ ريٽا شهاڻي ۽ ‘پنهنجي پاران’ مراد علي مرزا خود لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي عرفان علي انصاريءَ جا انگريزيءَ ۾ تاثرات ۽ ڪتاب جي فليپ ڪور تي ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ نصير مرزا جا رايا شامل آهن.
هي ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ متعلق پهريون تخليقي ناول آهي، جنهن جي لکجڻ سان شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ متعلق لکندڙن وٽ شاهه سائينءَ تي هڪ نئون انداز ۽ موضوع متعارف ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ شاهه تي فقط تحقيقي انداز ۾ لکڻ جو رواج عام رهيو آهي. 290 صفحن جي هن ڊيمي سائيز واري ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2008 ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه لطيف هر دور جو شاعر (ڪتاب): ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو هي ڪتاب، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي نون رخن تي ڪيل تحقيق تي ٻڌل آهي. ڪتاب جي مضمونن ۾- لفظي ۽ معنوي ندرت، نفيءَ جو فلسفو، سنڌي سماج جي آدرشي قدرن جي عڪاسي، پورهيتن جي پچار، ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر، جدوجهد جو پيغام، سر سورٺ ۾ علامت نگاري، شاهه جي نظر ۾ مومل جو مقام، اکين جا احوال، تجنيس حرفيءَ جو ڪمال، سُر يمن ڪلياڻ ۾ علم ۽ عمل جو تصور، سُر ڪوهياريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو، تشبيهن جي سونهن، سُر رپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ، سُر ڪاپائتيءَ ۾ وقت جي وقعت ۽ پيار ڀرئي پورهئي جو پيغام، سُر ڪارايل ۾ سچن سان صحبت جو سبق، صنعتن جو استعمال، انساني عضون جو ذڪر ۽ انهن جي معنوي حقيقت، قادر مطلق جي هستيءَ جو تصور، سُر ڪاموڏ جو روحاني راز، سُر ديسيءَ جو مطالعو، سُر آسا جو مطالعو، سُر سامونڊيءَ جو مطالعو.
ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ، 2008ع ۾ شايع ڪرايو آهي ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾: هن ڪتاب جو مؤلف غلام شبير پيراهن آهي. هي ڪتاب اصل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ، شاهه جي ڪلام تي ٿيل تحقيق، شاهه جي ڪلام ۽ سندس ڪلام ۾ موجود مختلف سرن بابت سوالن جا جواب ڏنل آهن. اهڙيءَ طرح هن ۾ شاهه لطيف جي زندگيءَ جي سموري احوال، سندس رسالن ۽ انهن تي ٿيل تحقيق بابت مڪمل ڄاڻ ملي ٿي، آخر ۾ مؤلف سر ڪلياڻ،
سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر سسئي ديسي، سر ڪوهياري،
سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر ڪاموڏ،
سر گهاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏارو، سر سارنگ، سر آسا، سر رپ،
سر کاهوڙي، سر بروو سنڌي، سر رامڪلي، سر ڪاپائتي، سر پورب،
سر ڪارايل، سر پرڀاتي، سر ڏهر ۽ سر بلاول بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ادبي سنگت 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
شاهه جي رسالي جي ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جي ترتيب جو معياري متن ڏنل آهي، يعني ڪل موجود قلمي توڙي ڇاپي رسالن مان هر هڪ ۾ شامل ڪلام ڪهڙي نموني سان قلمبند ٿيل آهي ۽ انهن ۾ سرن، داستانن، واين ۽ بيتن جي ترتيب ڪهڙي آهي. هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي. ڪتاب جي پهرئين باب ۾ رسالي جي مختلف نسخن ۽ انهن جي سڃاڻپ جو تفصيل آهي، ٻئي باب ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد، ٽئين باب ۾ سرن جو تعداد ۽ ترتيب، چوٿين باب ۾ داستانن جو تعداد، پنجين باب ۾ بيتن ۽ واين جو سلسلو، ڇهين باب ۾ سر وار داستانن جا مضمون ۽ انهن جي ترتيب جو بيان تحقيقي انداز ۾ ٿيل آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 323 صفحن وارو هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ، 2008ع ۾ شايع ڪيو.
لات جا لطيف جي (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب، عالم ۽ لطيفيات جي ڄاڻو آغا سليم جو لکيل آهي. ٽن حصن تي مشتمل هي ڪتاب شاهه جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي تي آڌارت آهي. حصي پهرئين ۾: ‘شروعات- لات جا لطيف جي’، ‘شاهه جو غم جو فلسفو’، ‘جونجس نيکاري’، ‘چوڏس چٽاڻو’، ‘لڳي تند تنوار’، ‘سورٺ راءِ ڏياچ- مقدر جو ڊرامو’ جا عنوان، حصي ٻئي ۾: ‘صوفيءَ جو عورت وارو روپ ۽ سندس احساس گناهه’، ۽ ‘انساني عظمت جو ايپڪ’ جا عنوان، جڏهن ته ٽئي حصي ۾: ‘درسن ڌارون ڌار’، ‘اڀر چنڊ پَس پرين’، ‘بندر جان ڀئي’، ‘ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي’، ‘رند پروڙن راز’، ‘آئي مند ملار’، ‘ڏک تنين کي ڏِکَ’، ‘جي رُڃن راءِ پڇن’، ‘ڪوءِ نه جهارئيين جکرو’،‘ناٿ ڏٺائون نانهن ۾’ عنوان شامل آهن.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 175 روپيا آهي.
هيءَ جڙ اسانهين (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف ناميارو اديب ڊاڪٽر اسد جمال پلي آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جا سنڌ جي تاريخ، ادب، لطيفيات تي تحقيقي مقالا شامل آهن. ڪتاب ۾ 17 مقالا موجود آهن، جن مان فقط ٽي تحقيقي مقالا جهڙوڪ: ‘شاهه جي سر گهاتوءَ جو اقتصادي پهلو’، ‘سر ڏهر’ ۽ ‘سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون’ وغيره شاهه لطيف بابت آهن، جڏهن ته باقي مقالا سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ مصنف لکيو آهي، جڏهن ته ‘مهاڳ’ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘اتهاسي اپٽار’ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ۽ ‘تنهنجو جلوو جوت جمال عجب’ تاج محمد هاليپوٽي طرفان لکيل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 235 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 130 روپيا آهي.
بيت نه پر آيتون (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيي جو لکيل آهي ۽ شاهه لطيف بابت تحقيقي مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ اسلام، تصوف ۽ شاهه جي ڪلام جي سماجي پهلوءَ سميت ٻيا موضوع زير بحث آندا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پڪي رنگين ٽائيٽل سان آهي، جيڪو 2009ع ۾ ثقافت کاتي، سنڌ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.
سائُو هلن سامهان: هي ڪتاب سليم ڀُٽي لطيفيءَ تصنيف ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جا شاهه لطيف بابت تحقيقي مقالا لکيا آهن. نون تحقيقي مقالن جا عنوان هن ريت آهن: ‘جي مٺي موري نه ڀائين’، ‘وک وڌڻ کان اڳ ۾’، ‘جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين’، ‘ههڙا سورهيه سپرين’، ‘ڪا هنيئن سين لاءِ ڀوري’، ‘رون رون ڪري راز’، ‘ايءُ تان شاعر سڌ’، ‘سائو هلن سامهان’، ‘سارنگ! سار لهيج’. انهن کان سواءِ ڏهون مقالو ‘لطيف ۽ لطيفيءَ’ جي نالي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 142 صفحن تي مشتمل هي شاهڪار ڪتاب لطيفي تحقيقي تڪيي، ڄام شوري طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاهه جي ساڃاهه: هي ڪتاب ماستر حيدر بخش هڪڙي جو مرتب ڪيل آهي، جنهن جي نظرثاني ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي آهي. ڪتاب ۾ محققن ۽ شارحن: انب گوپانگ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، آغا سليم، انور پيرزادي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، عبدالستار پيرزادي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، رخمان گل پالاريءَ، پروفيسر عابد مظهر، راز شر ۽ عبدالحفيظ قريشيءَ جا شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي شاهه لطيف جي 266 سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيا ويا. ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائٽل سان 191 صفحن تي مشتمل هي تحقيقي ڪتاب، مهراڻ پبليڪشن ڪراچيءَ طرفان 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مستند سوانح ۽ پيغام (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ۽ مهتمم شهاب الدين چنا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارهن مضمون شامل آهن، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، حافظ حبيب سنڌي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، رسول بخش تميمي، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، معمور يوسفاڻي، ذاڪر حسين کٽي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ۽ سيف الله خالد يوسفاڻي جا لکيل آهن. 252 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه ولي الله اڪيڊمي، محڪمه اوقاف سنڌ، 2010ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 350 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر (ڪتاب): جي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو شاهه لطيف تي Ph.D لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ تصوف کان ويندي اسلامي رخن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. هن مقالي ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري، تصوف جي تاريخ، شاهه جي دور ۾ سنڌ جي حالت، سنڌي ٻولي، ڪلام ۾ ذات باري تعاليٰ، حضور اڪرم صلعم جي ذات، عبادت ۽ بندگي، اخلاق ۽ ڪردار، انساني معاملات ۽ دنيا ۽ آخرت جهڙن موضوعن تي تفصيلي طرح لکيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 560 صفحن تي پکڙيل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2010ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
لوچيان ٿي لاحد ۾: هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر بابت، سنڌ هند ۽ جرمنيءَ جي عالمن ۽ اديبن جي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نور افروز خواجه ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، گوبند خوشحالاڻي، تاج جويي، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، ج ع منگهاڻي، آزاد قاضي، ناگپال، ڪلاڌر متوا، شازيه پتافي ۽ نواب ڪاڪا جا سنڌيءَ ۾ تحقيقي مقالا ۽ جي ايم سيد، Gerd Lupke ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جا انگريزيءَ ۾ تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاهه لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ 2010ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاهه لطيف جو تصورِ ڪائنات (ڪتاب): هي ڪتاب خ. م. سومري جي تصنيف آهي. ڪتاب کي نون (9) بابن ۾ ورهايو ويو آهي. باب پهريون: خدا تعاليٰ جي معرفت، باب ٻيو: ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي، باب ٽيون: پاڻ سڃاڻ، باب چوٿون: فڪر منجهه فنا، باب پنجون: دنيا تنهن دوست تان...، باب ڇهون: دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا، باب ستون: اخلاق جي اهميت، باب اٺون: محبت جي ميدان ۾، ۽ باب نائون: ايمان ڇو ضروري آهي. ڊيمي سائيز جي 275 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سـُر (ڪتاب): شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي موسيقيءَ ۽ سـُرن بابت تحقيق تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ اسڪالر آغا سليم آهي. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ موسيقيءَ بابت

ست تحقيقي مقالا ۽ ٻئي حصي ۾ راڳ بابت چار ترجمو ٿيل مقالا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جا ٻه اکر پروفيسر سليم ميمڻ لکيا آهن.
120 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاهه جي ڪلام جو فلسفو: هن ڪتاب جي مصنف ڊاڪٽر تهمينه مفتي آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامور اديب، محقق، تاريخدان ۽ شاهه جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. ڪتاب کي يارهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) شاهه جي ڪلام جو فلسفو، (2) شاهه جي ڪلام ۾ جماليات جو فلسفو، (3) شاهه جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ جمال وارو تصور، (4) شاهه جي رسالي ۾ منظر ۽ احساس، (5) سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعليٰ فهم، جدت ۽ جاڳرتا وارو خيال، (6) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ مارئي، هڪ غير معمولي عورت جو ڪردار،
(7) سورٺ- سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار، (8) ڪلهوڙا دور، سنڌي سماج، شاهه لطيف ۽ سنڌ جون سورميون، (9) سر پرڀاتي جو فڪري ۽ سماجي اڀياس، (10) هو جي جرڪيا جر تي، سي تان سڀ حباب،
(11) شاهه عبداللطيف ڀٽائي، فلسفو ۽ سماجي ڪارج. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 160 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب دانش پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان 2011ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 400 روپيا ڄاڻايل آهي.
جان جان پسين پاڻ کي (ڪتاب): هي ڪتاب تصوف جي پسمنظر ۾ انساني زندگيءَ جي حسناڪين ۽ چڱاين بابت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تعليمات جي موضوع تي آمنه حامد خليل زبيديءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘تصوف جي دنيا جو عظيم ۽ منفرد شاهڪار ’ جي سري هيٺ محمد موسيٰ ڀُٽي لکيو آهي. جڏهن ته پيش لفظ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ اسلامي تصوف ۽ تصوف جو مفهوم جي عنوان سان بهتر سمجهاڻي ڏني آهي. ان کان سواءِ شاهه جي شاعريءَ جي باري ۾ کولي سمجهايو آهي. سُر وار مختلف بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. اهي بيت الڳ سان ڏنل آهن، جن ۾ آيتن ۽ حديثن جا عربي لفظ ۽ سورتن جا نالا استعمال ٿيل آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 248 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ پاران 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاهه عبداللطيف (حياتيءَ جو احوال ۽ رسالي جي تاريخ): هي ڪتاب نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جو نتيجو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ‘پبلشر پاران’ نوٽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ لکيو آهي. ‘تعارف’ عبدالغفار سومري، سرپرست ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ لکيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خود لکيو آهي. ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي کي ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ترتيب وار پهريون باب: شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات، باب ٻيو: شاهه جي رسالي جي اصليت، حقيقت ۽ رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇاپن جي سڃاڻپ، باب ٽيون: رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، باب چوٿون: رسالي جي ترتيب، باب پنجون: شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار ۽ باب ڇهون: رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي شامل آهن. جڏهن ته ٻئي ڀاڱي کي پنجن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ ترتيب وار فصل پهريون: متهلوي (متعلوي) سادات ۽ شاهه عبداللطيف جو نسب نامو، فصل ٻيو: شاهه حبيب ۽ سندس ڪٽنب، فصل ٽيون: شاهه عبداللطيف جي والد شاهه حبيب جي وفات، باب چوٿون: حضرت شاهه عبدالليف جي سوانح بابت ويچار ۽ باب پنجون: شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات شامل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصوير ڏنل آهي. رنگين ٽائٽل، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان هي ڪتاب، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ، نوادرات کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 256 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 700 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف: هڪ فيلسوف (ڪتاب): هي ڪتاب هولارام هنس جو لکيل آهي، جنهن جو انتساب سدا حيات شاعر پرڀو وفا جي نالي ڪيل آهي. پيش لفظ کان پوءِ ليکڪ ڪتاب کي 34 عنوانن ۾ ورڇيو آهي: (1) دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه لطيف، (2) شاهه لطيف جي جيوني، (3) شاهه لطيف تي عالمن ۽ عاملن جا رايا، (4) شاهه تي ٻين شاعرن جا شعر، (5) شاهه هڪ رومانوي شاعر، (6) شاهه جي شعر ۾ پکي ۽ پسون، (7) شاهه جو مذهبي لاڙو، (8) شاهه جي شعر ۾ سونهَن ۽ سونهن جي وياکيا، (9) شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪائنات- قدرت، (10) شاه جي شعر چوڻ جو انداز ئي اور، (11) شاهه جو فن ۽ فڪر، (12) شاهه جا سورما ۽ سورميون، (13) شاهه جي شعر ۾ تشبيهون،
(14) شاهه جي شعر ۾ حب الوطني، (15) شاهه جي شعر تي نئين نظر، (16) شاهه جا بيت، (17) شاهه جون وايون، (18) شاهه جا سُر، (19) شاهه جو رسالو، (20) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، (21) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي،
(22) شاهه لطيف ۽ نارائڻ شيام، (23) اسان جيڪو ديڳڙو چاڙهيو، ان جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو، (24) شاهه اسان جو ساهه، سچل پِران ۽ سامي آتما آهي، (25) شاهه جو رسالو ۽ روميءَ جي مثنوي، (26) سنڌ شاهه لطيف کي جنم ڏنو، شاهه لطيف سنڌ کي جنم ڏنو، (27) شاهه لطيف ۽ شيخ اياز، (28) شاهه لطيف جي ڪردارن تي شاعرن جا شعر، (29) شاهه لطيف جي شعر ۾ تصوف جي تنوار، (30) ڀٽائي گهوٽ، شاهه لطيف، هڪ فيلسفوف، جن شاهه تي ڪاريه ڪيو آهي، (34) سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ امن جي آشا. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئيءَ، 2012ع ۾ ڇپرايو ۽ ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
اديون آءٌ اڄاڻ (ڪتاب): شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي جائزي طور لکيل هن ڪتاب ۾ نامياري محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر فهميده حسين جا مختلف وقتن تي لکيل اُڻويهه (19) مقالا شامل آهن، جن ۾ عقلي بنيادن تي لطيف سائينءَ جي فڪر ۽ فلسفي بابت مدلل انداز ۾ لکيو ويو آهي، اهڙن مقالن ۾ شاهه جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو، مومل جو ڪردار ۽ ڪارو ڪاريءَ جي رسم، تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال، محبت جو پيغام، انسان دوستي، شاهه جي ڪلام ۾ سماجي شعور ۽ مزاحمتي لاڙن سميت بيتن جي لفظن جي معنائن جهڙن موضوعن تي دليل ۽ منطق سان لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، شاهه لطيف جي 268هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، 2012ع ۾ پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 238 صفحن تي مشتمل رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (ڪتاب): ڊاڪٽر عابد مظهر جي Ph.D لاءِ لکيل هن تحقيقي مقالي کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن تحقيق ۾ شاهه سائينءَ جي دور جي صوفي سلسلن جو مطالعو ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جو هڪ باب روشن ٿي بيٺو آهي. ستن بابن ۾ ورهايل هن تحقيقي مقالي جا مکيه عنوان آهن: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، شاهه لطيف جا همعصر صوفي بزرگ ۽ شاعر، تصوف جي تشريح، چشتي، سهرودري، قادري ۽ نقشبندي سلسلن جي ابتدا ۽ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ جي دور ۾ موجود انهن سلسلن جا صوفي بزرگ شامل آهن. 269 صفحن واري هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف: مدبر، معلم ۽ مهربان (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ لکيو آهي. ڀاڱي پهرئين جو عنوان: ’شاهه عبداللطيف: مدبر، معلم ۽ مهربان‘ آهي، ۽ ان کي ٽن بابن: (1) مدبر، (2) معلم، ۽ (3) مهربان ۾ ورهايو ويو آهي. هن ڀاڱي جا ٻه باب آهن: پهرئين جا عنوان ٽي آهن: (1) موسيقي، (2) سُر آسا، ۽ (3) پرڀاتي. باب ٽئين جا ذيلي عنوان ٻه آهن: (1) ڪيڏارو، ۽ (2) مهاڻا.
ڊيمي سائيز جي 125 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ پڌرو ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.
جهڙي سُونهن سندياس (ڪتاب): شاهه لطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ عالمن جا 13 سنڌي، 02 اردو ۽ هڪ انگريزي مضمون شامل آهن: سنڌ جي صوفي شاعرن جو محبت وارو پيغام (ڊاڪٽر فهيده حسين)، (2) تصوف: درس لطيفيءَ جي روشنيءَ ۾ (ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)، (3) جديد سنڌي شاعريءَ تي شاهه صاحب جو اثر (نارائڻ شيام)، (4) شاهه لطيف سائين سراپا سنڌيت (ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي)،
(5) جي ڪَر لڌائون [سُر مارئي: هڪ پيغام]: (غلام حسين رنگريز
(6) شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو لسانياتي جائزو (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (7) شاهه عوامي شاعر (محمد خان مجيدي)، (8) هو جي جرڪيا جَر تي ... (ڊاڪٽر تهمينه مفتي
(9) گهوري جند ملير تان ... (تاج جويو)، (10) جنهن نوازيو ڏُڏ ... (نصير مرزا)، (11) ڌرتيءَ جيڏو شاعر شاهه لطيف (مريم مجيدي)، (9) شاهه لطيف جو فڪر، انتهاپسندي ۽ ننڍو کنڊ (رئوف عباسي)، (10) دنيا جو عظيم مفڪر ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي (غلام رسول چانڊيو)،
(11) شاهه لطيف اور پنجاب ڪي شعراء (جميل احمد پال
(12) Impact of History and Society on Shah Latif: Prof. Dr. Mehmood Ali Shah.
هي ڪتاب، شاهه لطيف جي 268هين عرس تي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پڌرو ڪيو. ڪتاب جا ٻه اکر اُن وقت جي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو لکيا آهن ۽ مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جو موجوده حالتن تي اطلاق (ڪتاب): مختلف اديبن ۽ اسڪالرن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي پروفيسر محمد سليم ميمڻ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ثقافت کاتي پاران ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 22 جنوري 2012ع تي ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويا هئا. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي جي سنڌي مضمون نگارن ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ، حصي ٻئي اردو ڀاڱي ۾ سيد مظهر جميل، پروفيسر سحر انصاري، ڊاڪٽر سحر امداد، پروفيسر محمد سليم ميمڻ ۽ ٽئين ڀاڱي جي انگريزي مضمون نگارن ۾ پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر اي شڪور قاضي ۽ شمائل هيمانيءَ جا مضمون شامل آهن. 238 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، مئي 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
مون ۾ تون موجود (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268 عرس جي پڙهيل مختلف اديبن، محققن ۽ اسڪالرن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي آهي. هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي مقالا، ٻئي ۾ اردو ۽ ٽئين ۾ انگريزي مقالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، محمد اياز قريشي، هيرو ٺڪر، جوهر بروهي، ومي سدارنگاڻي، ذوالقرنين شاهه، اندرا شبنم پوناوالا، فهميده رياض، ڊاڪٽر روبينا ترين، پروفيسر ڊاڪٽر سلميٰ شاهين، جميل احمد پال، حڪيم بلوچ، محمد حسن حسرت، شيخ عزيز ۽ شمائلا همايونيءَ جا مقالا شامل آهن. 186 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
لطيفي لات (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي مختلف عالمن جا لکيل مقالا شامل آهن. اهي مقالا 1992ع ۾ ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيل ’شاهه لطيف قومي ڪانفرنس‘ جي موقعي تي پيش ٿيا هئا، جن کي ممتاز مرزا مرتب ڪيو هو، پر اهو ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ نه ڇپجي سگهيو. 2012ع ۾ ثقافت کاتي طرفان ڇپايل هن ڪتاب ۾ شامل مقالانگارن ۾ تنوير عباسي، ڊاڪٽر
اياز قادري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين،
بدر ابڙو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سلطانه وقاصي، انعام شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ اردو مقالانگار ڊاڪٽر جميل جالبي، ڊاڪٽر گوهر نوشاهي، عبدالرزاق صابر، سيد منظور نقوي ۽ مرزا عابد عباس شامل آهن. ضميمي طور ڪجهه منتخب مقالا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي علامه عمر بن محمد دائودپوٽي، اي. ڪي. بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مولوي محمد ابراهيم ’انيس‘ مهيري ۽ عبدالڪريم لغاريءَ جا آهن. 230 صفحن ۽ پڪي رنگين جلدبنديءَ سان هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جي رسالي جي نباتات (ڪتاب): هي ڪتاب، پريتم پياسيءَ جي تحرير آهي، جنهن ۾ هن شاهه جي رسالي ۾ موجود وڻن ٽڻن، گاهن، ٻوٽن ۽ پسارڪن وکرن کي قلمبند ڪيو آهي. فاضل ليکڪ انهن 101 ٻوٽن، گاهن، ولين، پوکن ۽ وڻن جا نالا ۽ انهن جي بيان وارا بيت ڏنا آهن. ڊيمي سائيز جي 135 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، ڊسمبر 2013ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضامين و مقاله جات): شاهه عبداللطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر بابت مختلف عالمن، اديبن جي مقالن جو هي ترتيب ڏنل اردو انتخاب، منظور احمد ڪناسري جو سهيڙيل آهي. هن ڪتاب جون اڪثر تحريرون، وفاقي گورنمينٽ اردو ڪاليج ڪراچيءَ جي رسالي ‘برگِ گل’ جي شاهه لطيف نمبر تان کنيل آهن، جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ جنهن جو ايڊيٽر علي حيدر ملڪ هو. ڪتاب جو ’عرض ناشر‘ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ثاقب احمد سومري لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ ڪمال ڄامڙي، صدر شعبه سنڌي، جامعه اردو، عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺين اديبن ۽ عالمن جا مضمون شامل آهن:
منظور احمد قناصرو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، آغا سليم، ايڇ ٽي سورلي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شيخ اياز، علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا غلام محمد گرامي، سيد سبط حسن، ڊاڪٽر محمد علي صديقي، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر فهميده حسين، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر نعيم تقوي، اختر انصاري، اڪبر آبادي، مظهر يوسف، رشيد احمد لاشاري، گل محمد گل بلوچ، عابد مير، سليم بنگش، رشيد اختر ندوي، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، نصرت حسين ابڙو، ڊاڪٽر الياس عشقي، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، شهناز نور، محمد عمر چند، ممتاز مرزا، محمد سليمان شيخ، ڊاڪٽر درشهوار سيد، سليم هالائي، لطف الله بدوي، عبدالرزاق جاکرو، ڊاڪٽر گل حسن لغاري،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، پروفيسر محمد رفيع عالم، بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، اعجاز علي بيگ مرزا، وقار عظيم، ڪريم بخش خالد، پيرزادو عبدالستار، اي ڪي بروهي، سيد منظور نقوي، ڊاڪٽر محمد اجمل ۽ ثمينه سيال. ڊيمي سائيز جي 520 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 270هين عرس جي موقعي تي ٻين ڇهن ڪتابن سان گڏ، ڊسمبر 2013ع ۾، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ جماليات (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لکيو آهي، جڏهن ته پبلشر نوٽ، ثقافت کاتي سنڌ جي ان وقت جي سيڪريٽري ثاقب احمد سومري جو لکيل آهي. ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي:
• جماليات جي تشريح، پسمنظر ۽ اوسر (هن باب ۾ سقراط کان اڳ قديم يونان ۾ جماليات جو تصور، سقراط ۽ سقراط کان پوءِ يوناني فلسفي ۾ جماليات جو تصور ۽ جديد فلسفي ۾ جماليات جو تصور- جا ذيلي موضوع شامل آهن.)
• مذهبن ۾ جماليات جو تصور (هن باب ۾ هندومت، اسلام ۽ تصوف ۾ جماليات جي تصور بابت بحث ڪيو ويو آهي.)
• جماليات جا مختلف قسم ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جو تصور (هن باب ۾ فطري جماليات، درد جي جماليات، وجداني جماليات ۽ جسماني جماليات جا تصور ڏنا ويا آهن.
• فني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور
• رسالي جي سُرن ۾ جماليات جو تصور
ڊيمي سائيز جي 445 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، ڊسمبر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي تصنيف آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت بابت تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ ڪائنات، سنڌ، سماج ۽ معاشرو، شاهه لطيف جي دور جون سماجي حالتون، سماجي حالتن ۾ شاهه صاحب جو ڪردار، شاهه جي سوانح، شاهه جا ابا ڏاڏا، شاهه جو جنم، عشق، شادي، راڳ، وفات، شاعري، نفسيات، شعور، تحت شعور، لاشعور، شاعريءَ ۾ نفسيات ۽ شاهه جي لاشعوريت بابت تحقيق موجود آهي. مصنف ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 84 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاهه لطيف اڪيڊمي حسين آباد طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.
ڳالهه پريان جي ڳجهه جي (ڪتاب): هي ڪتاب سليم ڀُٽي جي تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پنهنجا مختلف لکيل مضمون شامل ڪيا آهن، جن ۾ لطيف سائينءَ جي ڪردارن، سورمن ۽ سورمين جو جائزو وٺي مستقل انساني قدرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 198 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، لطيف تحقيقي تڪيي، لطيفي واهري ڄام شوري پاران 2013ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي پي. ايڇ. ڊي آهي. سندس گائيڊ برک اديب عبدالجبار جوڻيجو هو. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇهه باب آهن، جن ۾: (1) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ٿيل تحقيق جو جائزو، (2) رسالي جا دستياب قلمي نسخا، ڇپيل رسالا ۽ رسالي جون ڏسڻيون، (3) شاهه جي رسالي جي سرن تي ٿيل تحقيق، (4) شاهه جي رسالي جا ترجما، (5) شاهه لطيف تي لکيل ايم فل/ پي ايڇ ڊي
ٿيسز، ۽ (6) شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ نتيجا ڪڍي حوالا ۽ ببليوگرافي شامل ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي ۽ ‘ٻه اکر’ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيا آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر حميده کهڙي کي ڪئي وئي آهي. 536 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه لطيف اڪيڊمي، حيدرآباد، مئي 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 رپيا آهي.
موکي متارا (ڪتاب): نيم عشقيه داستان ‘موکي متارا’ بابت شاهه سائينءَ جي بيتن ۽ انهن جي سمجهاڻين بابت تحقيق تي ٻَڌل هن ڪتاب جو مرتب استاد لغاري آهي. هن ڪتاب ۾ موکي متارن بابت شاهه جا 96 بيت سمجهاڻين سميت ڏنل آهن. جنهن ۾ 48 بيتن جون سمجهاڻيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون لکيل ۽ 48 هن ڪتاب جي ليکڪ استاد لغاريءَ جون پيش ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي لکيل معنيٰ ۽ شرح به شامل ڪئي وئي آهي، سڀني بيتن جا 96 حوالا ۽ وضاحتون پڻ آهن. مقدمي سميت ادبي خطن کي به شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب 316 صفحن تي مشتمل ۽ پڪي چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپايل آهي. هي ڪتاب المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس (2013ع) جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ‘شاهه لطيف ڏيهان ڏيهي ڪانفرنس’ ۾ پڙهيل مقالن کي پروفيسر سليم ميمڻ سهيڙي، هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ پروفيسر ايس. ڪي ناگپال، بيدل مسرور بدوي، سڪندر ساگر، ذوالفقار علي قريشي، ذوالقرنين شاهه، هيري ٺڪر، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، پروفيسر سحر انصاري، ڊاڪٽر سحر امداد، اياز جاني، مظهر جميل، ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽر علي ڪميل قزلباش ۽ پروفيسر جميل احمد پال جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، نومبر 2014ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 275 روپيا آهي.
شاهه لطيف جا فڪري سرچشما (ڪتاب): نامياري اديب ۽ محقق تاج جويي جو لکيل هي ڪتاب، شاهه لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ ان جي ڪلام تي ٻين شاعرن جي اثر جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڇهه مقالا بنيادي طور تي شاهه لطيف متعلق ڇهه اهم ڪتاب آهن. شاهه لطيف جا فڪري سرچشما مقالي ۾ عربي، فارسي، هندي، پنجابي ٻولين جي اهم متقدمين شاعرن جي شاهه جي ڪلام سان پرک ڪئي وئي آهي. ٻئي نمبر مقالي: شاهه لطيف: منصور حلاج جو وڏي ۾ وڏو شارح، ۾ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ڪلام جي منصور حلاج جي عربي ڪلام سان ڀيٽ ڪري، 100 جي لڳ ڀڳ شاهه سائينءَ جا اهي بيت هن مقالي ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي يا ته منصور حلاج جي فڪر جي اثر هيٺ آهن يا اشارتاً انهن ۾ منصور جو ذڪر موجود آهي يا جيڪي منصور جي عربي بيتن جي گھڻو ويجھو آهن. ٽئي مقالي: ديوان علي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي تقابلي اڀياس ۾ پڻ پهريون دفعو حضرت علي عليه السلام جي ‘ديوان عليءَ’ جي روشنيءَ ۾ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو ويو آهي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته شاهه سائينءَ جا ڪجهه بيت ديوان علي عليه السلام جي شعرن جو سنڌي ترجمو آهن. چوٿين مقالي: ‘لطيفي ڪر جا مکيه موضوع’ ۾ تصوف حب الوطني، عالمي امن ۽ انساني برابري ۽ ترقيءَ وارا رخ، نئين انسان جي تخليق ۽ تعمير، مذهبي متڀيد، قومي وحدت جهڙن موضوعن کي شاهه لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ڪتاب جي ٻين مقالن ۾ پڻ شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ شاهه جي رسالي جي درست پڙهڻين جي حوالي سان بحث ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب، بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج، مولانا روم ۽ ڀڳت ڪبير جي نالي ڪيو ويو آهي. 187 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي، ماءِ پبليڪيشن سکر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
ڏورينديون ڏسن (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ محمد هنڱورجو آهي. هـن ڪـتـاب ۾ لـيکــڪ، حــضــرت شـاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ ڪتب آيل لفظن جي مختلف عالمن پاران لکيل معنائن کي ڀيٽيندي، ڪنهن مناسب معنيٰ کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن مجموعي ۾ آيل مضمون اڳ ‘جاکوڙ’ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نور احمد جنجهي ۽ تاثر سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ڊسمبر 2014ع ۾ شايع ٿيو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 189 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي- شخصيتون ۽ درسگاهون (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين شخصيتن ۽ درسگاهن جي معلومات تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي. سوالن جوابن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت معلومات ڏنل آهي، جڏهن ته ٻئي حصي ۾: اسلامي شخصيتون، مسجدون، بزرگ هستيون، قومي اڳواڻ ۽ سربراهه، ڪامياب عورتون، مشهور ۽ مقبول يونيورسٽيون، اردو ٻوليءَ جا شاعر، ناول نگار، نثرنگار، موسيقار، مائونٽ ايورسٽ سر ڪندڙ عورتون، نيشنل لائبريريون ۽ برصغير پاڪ ۽ هند جا ڪلاسيڪل راڳي شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ‘ٻه اکر’ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي لکيا آهن، جڏهن ته ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ٻاراڻي شاعر وحيد محسن لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ناليواري راڳي صادق فقير کي ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪوئز مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن توڙي معلومات سان دلچسپي رکندڙن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو آهي. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، جولاءِ 2015ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه- سنڌي تهذيب جو روح (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هيٺين عنوانن تي سندس مقالا شامل آهن: (1) شاهه جو شعر: سنڌي تهذيب جو روح، (2) شاهه هڪ عظيم شاعر، (3) صوفي متو، (4) شاهه جي شعر ۾ سمايل فيلسوفي،
(5) شاهه جا سورما، (6) سر سورٺ،
(7) سر ڪاموڏ، (8) سر مارئي، (9) سر سامونڊي، ۽ (10) شاهه جون سورميون ۽ نائڪائون. ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪونج پرنٽرس الهاس نگر شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.
فرائڊ ۽ شاهه (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف عبدالڪريم لغاري، اڳوڻو ليڪچرر سنڌ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌي اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو ريسرچ فيلو آهي. مصنف هيءُ ڪتاب، نفسيات دان ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي اُن مضمون جي رد ۾ لکيو آهي، جيڪو جولاءِ 1963ع ۾ ’نئين زندگي‘ رسالي جي ’لطيف نمبر‘ ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو: ’ماڻهوءَ جي ڪل جون ٽي ڪنجيون- نفس، خودي ۽ ضمير‘. ليکڪ، ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي اُن نقطه نظر تي ڪڙي تنقيد ڪئي آهي، جنهن موجب هُن ’شاهه لطيف جي بيتن جي فرائڊ جي ‘Ego’ ۽ ‘Super ego’ سان ڀيٽ ڪئي آهي. نقاد عبدالڪريم لغاريءَ، پهرين ’نئين زندگيءَ‘ جي ايڊيٽر کي ڪميونسٽن ۽ فرائڊ جي پوئلڳن جو ساٿي قرار ڏيندي، سرڪاري رسالي ’نئين زندگيءَ‘ کي ڪميونسٽ نقطه نظر جي پرچار لاءِ ڪتب آڻڻ تي تنقيد ڪئي آهي ۽ پوءِ هن جنسيات جي پرچارڪ فلاسافر فرائڊ (Freud) جي خيالن کي شاهه جي شعرن سان ڀيٽڻ کي ‘شاهه جي اسلامي فڪر سان هٿچراند’ سڏيندي، هن قسم جي ادب جي ‘نون رجحانن’ کي ‘تخريبي’ ۽ ‘سنڌي ادب جي زوال جي نشاني’ وارو دور (The age of Decadence) سڏيو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر قاضيءَ جو مضمون، فرائيڊ جي
‘Id, ego and super ego’ تي ٻڌل آهي. هن فرائڊ کي ‘شهوت پرست’ انسان سڏيندي، سندس نظريي کي قطعي غير يقيني ۽ بي بنياد مفروضي تي ٻڌل ڄاڻايو آهي. هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ تعارف طفيل احمد قريشيءَ لکيو آهي.
ڪرائون سائيز جي 69 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي ۽ ڪتاب ممتاز علي قريشيءَ، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڀٽائيءَ جو آدرشي انسان (ڪتاب): هيءَ ڪتاب منظور احمد قناصري ترتيب ڏئي، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران شاهه سائين جي ميلي جي موقعي جي نسبت سان سڄيءَ سنڌ مان شاگردن ۽ شاگردياڻين کان مضمون لکرايا ويا هئا، جن مان چونڊ مضمون هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ 50 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان 43 مضمون سنڌيءَ ۾ ‘ڀٽائيءَ جو آدرشي انسان’ جي عنوان سان،
4 مضمون اردوءَ ۾ ‘شاهه لطيف ڪي ڪلام ۾ بيداري ڪا پيغام’ ۽
3 مضمون انگريزيءَ ۾ Message of Awakening in Latif’s Poetry عنوانن سان موجود آهن.
ڊيمي سائيز جي 217 صفحن تي مشتمل هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. هي ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ شايع ڪيو آهي.
لطيف جي شاعريءَ جو جديد فڪر (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ لطيف شناس ۽ اديب سليم ڀٽو لطيفي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي فن فڪر ۽ ڪلام ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ تي سرسري نظر وڌي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڇهه مضمون آهن: (1) مورڙي جو ڪردار، (2) مارئي جو ڪردار، (3) جنگ جو فلسفو،
(4) عوامي شاعر، (5) ٻولي ۽ ڌرتي ۽ (6) وڌي وڻ ٿيو. ڪتاب جا ‘ٻه اکر’ ليکڪ خود لکيا آهن، جڏهن ته امداد اوڍي ۽ سحر قريشيءَ جا رايا به ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل صغريٰ سليم جو ٺهيل آهي. 88 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي. ليکڪ هيءَ ڪتاب آرٽ لائين ڪمپيوٽر ڪمپوزرس ڪراچيءَ جو شايع ڪيل آهي.
شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس (ڪتاب): هي قلمي ڪتاب احمد سومري جو ايم. اي لاءِ لکيل مونوگراف آهي، جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ 2007ع ۾ لکيو، جيڪا اُن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر هئي. هن مونوگراف ۾ شاهه جي شاعريءَ جو نفسياتي مطالعو ڪيل آهي. هي مونوگراف ڪل پنجن بابن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب کي وري ننڍن عنوانن ۾ ورهائي اڀياس کي سولي نموني سمجهايو ويو آهي:
باب پهريون: نفسيات تنقيد/ اڀياس: انهي عنوان کي اڃا به هن طرح ننڍن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) علم نفسيات، (2) نفسيات جي وصف، (3) نفسياتي تنقيد/ اڀياس، (4) تخليقي فن (ادب) جي نفسياتي اڀياس جو مقصد، (5) فرائيڊ جا نظريا: هن عنوان کي وري پنجن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (6) ڪارل جنگ جا نظريا: هن عنوان کي ٽن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (7) ايلفريڊ جا نظريا: هن عنوان کي پنجن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
باب ٻيو: شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس: هن عنوان کي ٻن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) شاهه لطيف جي نفسياتي رجحانن، لاڙن ۽ تصورن جي سندس شاعريءَ ذريعي پروڙ. هن عنوان کي ٻن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. (2) شاهه لطيف جا تصور، هن عنوان کي پڻ چئن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
ٻاب ٽيون: شاهه لطيف جي فن جو نفسياتي اڀياس: هن عنوان کي چئن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
بابت چوٿون: شاهه لطيف جي ڪردارن جو نفسياتي جائزو: هن عنوان ۾ شاهه جي مک ڪردارن؛ مارئي، عمر، سسئي پنهون، سهڻي، مومل، راڻو، ليلا، راءِ ڏياچ، ٻيجل، نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو نفسياتي جائزو ڏنو ويو آهي.
131 صفحن جي پڪي جلد سان هي اڻ ڇپيل مسودو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف (ڪتاب): ڊسمبر 2014ع جي 16، 17 ۽ 18 تاريخ تي ڀارت جي گاديءَ واري شهر نئين دهليءَ ۾ شاهه لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. اها ڪانفرنس مارئي سوشل ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائيزيشن نئين دهليءَ پاران، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا محترمه وينا شرنگيءَ ڪرائي هئي. پاڻ 1987ع، 1989ع، 1991ع ۽ 2000ع ۾ پڻ چار عالمي لطيف سيمينار دهليءَ ۾ ڪرايا هئا.
سال 2014ع واري ڪانفرنس ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر سليمان شيخ، الله شيخ'>امان الله شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، غلام نبي مورائي، نذير ناز، پروفيسر مهر النساءِ لاڙڪ، امين لاکي، پروفيسر ڪشمير سومرو شرڪت ڪئي هئي. اتي پڙهيل مقالن کي بعد ۾ ڪتاب جي شڪل ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ وينا شرنگي، الله شيخ'>امان الله شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر يعقوب مغل، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، نذير ناز، امين لاکي، غلام نبي مورائي، ڪشمير سومرو، پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ، بينش ماها قائم ورياماڻي، جنت علي جان، مدد علي سنڌي ۽ گورڌن شرما گهايل جا مقالا ۽ تقريرون شامل آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ جاويد شيخ، ۽ ثانيا صادق جا ٻه انگريزي مضمون به شامل آهن. ڪتاب کي برک دانشور الله شيخ'>امان الله شيخ ترتيب ڏنو آهي. ڊسمبر 2015ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جو ٽائيٽل تمام خوبصورت چار رنگن ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي- ڇند وديا (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو ليکڪ، لطيف شناس اديب ۽ شاعر سرمد چانڊيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي وائين جو ڇند ڪڍيو ويو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ ڇند وديا جو متن ڏئي ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي 36 سُرن جي واين جو ڇند ڏنو ويو آهي. ان نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي. ليکڪ ڪتاب جي آخر ۾ وائين جي ماترائن جو چارٽ پڻ ڏنو آهي. هي ڪتاب شاهه جي راڳ کي سمجهڻ جي حوالي سان نهايت ئي ڪارائتو آهي. 280 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن، 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ۽ سندس دور: هيءَ غلام حيدر چني جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز آهي، جيڪا هن ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي نگراني ۾ 1995ع ۾ ڪئي هئي. هن ٿيسز جو مهاڳ ۽ تعارف غلام حيدر چني خود لکيو آهي. هن ٿيسز ۾ شاهه لطيف جي دور ۾ سنڌ جي سياسي، معاشي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. ٿيسز کي ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آهي،

جڏهن ته هر باب کي وري مختلف موضوعن ۾ ورهائي سنڌ جي حالتن جو شاهه لطيف جي شاعريءَ تي اثر کي واضح ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ موجود عنوانن کي هيٺيئن نموني ورهايو ويو آهي. باب پهريون: سياسي حالتون جنهن ۾ (الف) مغل ۽ سنڌ جي عنوان کي وري هيٺين ستن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) تاريخ ۽ عوام، (2) سنڌ تي مغلن جي حملي جا سبب، (3) مغلن جي وقت ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ۽ انتظامي ڍانچو، (4) مغلن جي دور ۾ سنڌ جون سياسي حالتون،
(5) مغلن جي دور ۾ سنڌ جون سماجي حالتون، (6) مغلن جي دور ۾ معاشي حالتون، (7) شاهه لطيف ۽ مغل دور حڪومت، (ب) ڪلهوڙا ۽ سنڌ. هن عنوان کي چئن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (1) ڪلهوڙا ۽ سنڌ، (2) ڪلهوڙن جو اسرڻ، (3) آدم شاهه جو ڪردار ۽ شهادت جا سبب،
(4) آدم شاهه کان غلام شاهه تائين، (ٻ) شاهه عنايت شهيد، (ڀ) ڪلهوڙا دور تي تبصرو، (ت) شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مروج سياسي حالتن جو اثر. باب ٻيو: معاشي حالتون؛ هن باب کي مختلف ننڍن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي (1) انسان ۽ معاش، (2) سنڌ، (3) سنڌ جون قديم ۽ جديد حدون، (4) جاگرافي جي اهميت ۽ افاديت، (5) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافي جا اهڃاڻ، (6) آبهوا، (7) سنڌ جي آبهوا،
(8) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آبهوا، (2) (ب) 1. آبپاشي، 2. سنڌو درياهه. هي 544 صفحن جو ڪمپوز مين اسڪرپٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
لطيفي مينيفيسٽو (ڪتاب): هي ننڍڙو ڪتاب، نوجوان ليکڪ الطاف ملڪاڻيءَ جي تصنيف آهي. ڪتاب جو مهاڳ مقصود احمد قاضي مٽيارويءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺين عنوانن تي لکيو ويو آهي:
لطيف ازم ڇا آهي؟، لطيف ازم جو بنيادي ماخذ، لطيفي مينيفسٽو جو بنيادي مقصد ۽ لطيف ازم جا مکيه نقطا [خودشناسي، خدا شناسي، وطن پرستي، انسان دوستي، خدمت خلق]، خود شناسيءَ جا مرحلا [حصول علم، تزڪيهء نفس، معرفتِ عشق]، خدا شناسي [فلسفه وحدت الوجود تي يقين، وحدت مذاهب تي ايمان، وحدت فڪر ۽ عمل]، وطن پرستي [قومي ٻوليءَ سان پيار ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ، مثبت قومي ۽ ثقافتي قدرن جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، قومي تاريخي حقن جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ]، انسان دوستي [اتحاد انساني، امن عالم ۽ تعاون براءِ ترقي]، خدمت خلق [بردباري يا سهپ يا عدم تشدد کان ڪم وٺڻ، سماجي انصاف ۽ ڀائيچاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ، لاڪوفيت يا رواداريءَ جو خيال رکڻ]، نتيجو، ۽ لطيف ازم تحريڪ جي ڪم جو طريقه ڪار.
هي ڪتابڙو ‘لطيف ازم تحريڪ’ جي پليٽفارم تان ڇپايو ويو آهي ۽ 48 صفحن (ڊيمي سائيز) جي ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي، پر ڇپائيءَ جو سال نه ڄاڻايو ويو آهي.
Musa Pervagans (ڪتاب): هيءُ ڪتاب انگريز ڏاهي ايڇ ٽي سورلي جي شاهه عبداللطيف ۽ ٻين اعليٰ پايي جي شاعرن تي ڪيل تحقيق جو مجموعو آهي، جيڪو ائبرڊين (Aberdeen) يونيورسٽي پريس، برطانيا (Great Britain) مان 1940ع ڌاري شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ محقق، عالمي شاعرن سان شاهه عبداللطيف جي ڀيٽ ڪري کيس اعليٰ شاعر ثابت ڪيو آهي. ايڇ ٽي سورلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، “منهنجي خيال ۾ (دنيا جي) ڇهن مختلف زبانن جي تيرهن سچن پچن شاعرن جي هن انتخاب ۾، عظمت جي لحاظ کان، سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهرئين نمبر تي آهي.”
هن ڪتاب ۾ يونان جي اساسي شاعرن: Tyrtaeus، Mimnernus، Solon ۽ Theognis، لاطيني ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعرن: ڪئٽيولس، هوريس ۽ سينيڪا تي روشني وجهڻ سان گڏ عربي شاعر ابن زيدون، وچ لاطيني شاعر ائڊم آف سينٽ وڪٽر ۽ ٿامس آف سيلانو، سنڌي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، فرانسيسي شاعر وڪٽر هيوگو ۽ اردو زبان جي شاعر علامه اقبال جي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو پيش ڪري، انهن شاعرن جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي، جيڪو پڻ ايڇ. ٽي. سورلي جو ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 206 صفحن تي مشتمل آهي.
سُهائي سُپرينءَ جي (ڪتاب): مشهور شاعر ۽ اديب ايوب کوسي جو، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن حيدرآباد/ ڪراچيءَ جو ڇپرايل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 19 باب آهن، جن ۾ ليکڪ ڏاڍي محنت سان شاهه جي فڪر تي ويهي بحث ڪيو آهي. فيبروري 2016ع ۾ شايع ٿيل هي اڀياس تي ٻَڌل ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو