شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي

شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي: هن نالي سان ناٽڪ منڊلي شاهاڻي اسڪول ڪراچيءَ جي شاگردن 1927ع ۾ قائم ڪئي، جيڪا پنهنجي اسڪول ۾ مختلف ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هن ناٽڪ منڊليءَ طرفان پيش ڪيل اڪثر ناٽڪن جو هدايتڪار پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هو. جنهن جي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل ڪيترن ئي ناٽڪن شاگردن جي ذهنن تي اثر ڇڏيا. انهن مان ‘ٽِي پارٽي’ نالي هڪ مزاحيه ناٽڪ تمام گهڻو مشهور ٿيو هو.


لفظ شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو