سِرڻ هِل

سِرڻ هِل

سِرڻ هِل

سِرڻ/ هِل (پکي): وڏن پرن ۽ پڇانگي پڇ واري، گهڻو مٿي اڏامندڙ هن شڪاري پکيءَ کي انگريزي زبان ۾، Common House Kite، اردوءَ ۾ چيل سائنسي زبان ۾ Milvus Migrans Govinda ۽ سنڌيءَ ۾ سرڻ يا هِل سڏجي ٿو. عام طور دنيا ۾ سرڻيون ٻن رنگن ۾ ملن ٿيون: هڪڙيون ڪاريون ۽ ٻيون ڳاڙهيون. ڳاڙهيون سرڻيون سنڌ ۾ ڪونه ٿين ۽ دنيا ۾ انهن جو تعداد به گهٽ ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪاريون سرڻيون دنيا ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿين ٿيون. سنڌ ۾ عام طور اڏامنديون نظر اينديون آهن. ڪاريون سرڻيون ڳاڙهين سرڻين کان بت ۾ هلڪيون يعني 13 کان 24 انچن جون ٿينديون آهن. هنن جو مٿيون حصو ڀورو ۽ پڇ جو هيٺيون حصو ۽ پيٽ اڇو ٿيندو آهي. ڪنڌ واري حصي تي گهرو ڪارو داغ هوندو آهي، جيڪو اڏام کان سواءِ ويٺل حالت ۾ به واضح طور نظر ايندو آهي. هن پکيءَ جون اکيون ڳاڙهسريون هونديون آهن. پنجاب ۽ سنڌ جي علائقن ۾ نسل جي واڌويجهه ڪنديون آهن. ٻين سرڻن جي عام غذا وانگر هي به تڏ، جهينگا، چچيون، ڪوئا، نانگ، ڏيڏر ۽ ٻيا پکي شڪار ڪري کائينديون آهن. ڪاري سرڻ، ڪاري پريا سرڻ ۽ ڪاري ڪن سرڻ: اهي هڪ ئي ڪٽنب جون ٽي ننڍيون جنسون آهن. بالغ سرڻ جي ڳچيءَ ۽ مٿو ٻئي اڇا هوندا آهن، جن تي ڪاري رنگ جون سنهيون ليڪون هونديون آهن. مٿيون حصو هلڪو ڀورو ۽ پيٽ گهري ڀوري رنگ جو هوندو آهي. اهي سرڻيون بلوچستان جي اوڀر وارن علائقن ۾ بيضا ڏينديون آهن. ليڪن سياري جي مند ۾ سنڌ طرف هجرت ڪنديون آهن. برهمڻي سرڻ، ڪاري سرڻ کان ڊيگهه ۾ ٿوري ننڍي، تقريباً 19 انچ ڊگهي هوندي آهي. هن جو مٿو، ڳچيءَ ۽ ڇاتي سڀ اڇا هوندا آهن، جن تي سليٽي رنگ جون تمام سنهڙيون لڪيرون ٺهيل هونديون آهن ۽ باقي سڄو جسم چاڪليٽي رنگ جهڙو ناسي ڀورو هوندو آهي. سرڻ، گهڻو ڪري پاڻيءَ جي ذخيرن جي ويجهو، اوچين جاين تي آکيرو ٺاهي رهندي آهي. هنن سرڻين جي لڳ جي مند سيارو آهي ۽ مينهن جي مند کان اڳ ۾ پنهنجا ٻچا ڦوڙي ڇڏينديون آهن. هي سادو، پر ويڪرو ۽ وڏو آکيرو ٺاهينديون آهن. هي هڪ ئي وقت ٻن کان ٽي بيدا لاهينديون آهن ۽ 30 کان 34 ڏينهن آرو ڪنديون آهن. هن پکيءَ جا نر ۽ ماد تقريباً هڪجهڙا هوندا آهن. چهنب باز وانگر مڙيل ۽ چنبا تکا ۽ مضبوط ٿيندا آهن. سرڻ جي اڏام جي رفتار تيز هوندي آهي ۽ اڏار ايتري لس هوندي آهي، ڄڻ هوا تي پر رکي ترندي وڃي، وقفي وقفي سان پر ڦڙڪائيندي ۽ پڇ جي مدد سان رخ بدلائيندي آهي.عموماً کاڌي جون شيون جهٽڻ کانسواءِ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندڙ مڇين جو تيزيءَ سان شڪار ڪري کائينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو