سيڪنڊ

سيڪنڊ (Second): سيڪنڊ وقت جو ايڪو آهي. ماپ جي سرشتن ۾ وقت جو بنيادي ايڪو سيڪنڊ سڏجي ٿو. سيڪنڊ عملي طور تي منٽ جو 1/60، ڪلاڪ جو 1/3600 ۽ ڏينهن جي 24 ڪلاڪن جو اٽڪل 1/86400 حصو ٿئي ٿو. جيئن ته ڏينهن ننڍو وڏو ٿئي ٿو، ان سبب سيڪنڊ جي وڌيڪ تز طريقي سان وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهي ويئي. ڪيترن سالن تائين شمسي ڏينهن (Solar Day) جي موسمي تبديلين کان سواءِ سراسري 1/86400 حصي طور وضاحت ٿيندي رهي. جيئن ته زمين جي گردش سدائين هڪجهڙي نه ٿي رهي، ان سبب سيڪنڊ جي جنتري/ ٽپڻي (Ophemeris Time) جي حوالي سان، سال 1956ع ۾ فلڪياتي جسمن جي حرڪت جي قانون مطابق نئين سر وضاحت پيش ڪئي وئي، جنهن هيٺ هڪ سيڪنڊ، 1900 جي ٽراپيڪل سال جي 1/31, 556,925.9747 ڊيگهه برابر آهي. 1967ع ۾ ماپ ۽ تور جي بين الاقوامي ڪميٽيءَ (International Committee on Weights and Measures) هڪ سيڪنڊ کي اهو عرصو قرار ڏنو، جيڪو سيسم-133 ائٽم کي 9,192,631,770 لرزشون مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي ٿو.
سيڪنڊ جي وڌيڪ ننڍن يونٽن ۾ هيٺينءَ طرح سان وضاحت ڪئي وئي آهي:
ملي سيڪنڊ (Milli Second)
مائڪرو سيڪنڊ (Micro Second)
نئنو سيڪنڊ (Nano Second)
پيڪو سيڪنڊ (Pico Second)
فيمٽو سيڪنڊ (Femto Second)
ائٽو سيڪنڊ (Atto Second)
زيپٽو سيڪنڊ (Zepto Second)


لفظ سيڪنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو