سيپٽمبر

سيپٽمبر (September): سيپٽمبر، گريگورين Gregorian) ۽ جولين (Julian) ڪئلينڊرن موجب سال جو نائون مهينو آهي، جنهن ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا. سيپٽمبر مهينو اترين خط استوائي اڌ گول (Northern hemisphere) ۾ ساڳي موسمياتي برابري رکي ٿو، جهڙي مارچ ۾ ڏاکڻين خط استوائي اڌ گول (Southern Hemisphere) ۾ رکندو آهي. مطلب ته اترئين قطب واري اڌ گول واري سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن بهار جي مند هوندي آهي ته ڏاکڻي خط استوائي اڌ گول ۾ وري سرءُ جي مند هوندي آهي.
سيپٽمبر، هفتي جي ان ساڳئي ڏينهن کان شروع ٿيندو آهي، جيڪو ڊسمبر جي پهرين تاريخ هوندو آهي، مطلب ته هر سال ڊسمبر جي پهرين تاريخ ۽ سيپٽمبر جي پهرين تاريخ ساڳئي ڏينهن تي ٿينديون آهن. ان ڪري جو 91 ڏينهن جو ڦيرو سيپٽمبر ۽ ڊسمبر کي الڳ ڪري بيهاريندو آهي. ان کانسواءِ سال جو ڪو ٻيو مهينو ساڳئي ڏينهن تي ختم نه ٿيندو آهي، جيئن سيپٽمبر ٿئي ٿو.
اصولاً سيپٽمبر مهيني ۾ 29 ڏينهن آهن، جن ۾ هڪ ڏينهن جو واڌارو جولين ڪيو، جنهن جي نالي سان جولين ڪئلينڊر مروج آهي.
سيپٽمبر، لاطيني لفظ سيپٽم (Septem) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’ستون‘ آهي. پراڻي رومن ڪئلينڊر موجب سال جي شروعات مارچ کان ٿيندي هئي، ۽ سال جو پهريون مهينو لاطيني لفظ ’Martius‘ مان ورتل هو، جنهن جو مطلب پهريون هو. اهو رومن ڪئلينڊر 153 ق. م ۾ رائج هو. جڏهن ڪئلينڊر بدلايو ويو ۽ جولين حساب سان ٺاهيو ويو ته ان جا شروعاتي مهينا جنوري ۽ فيبروري ڪيا ويا. ان حساب سان سيپٽمبر ستين مهيني مان ڦري نائون مهينو ٿي ويو، پر ان جو نالو ساڳيو ئي رهيو.
علم نجوم يا جوتش جي ڪئلينڊر جي حوالي سان سيپٽمبر ڇهون مهينو آهي. عام طور تي اسان وٽ سيپٽمبر جو مهينو سرءُ جي موسم جي شروعات هوندي آهي.
ڌرتيءَ جي ڦيري جي حساب سان 21 سيپٽمبر تي ڏينهن ۽ رات هڪجيترا ٿيندا آهن، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي ڏينهن گهٽجڻ ۽ رات وڏي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. هوا لڳڻ تي وڻن جا پن ڇڻڻ لڳندا آهن، ٻوٽا ۽ فصل پنهنجو رنگ بدلائيندا آهن.
سنڌيءَ ۾ هن مهيني کان ’تپاوليءَ جي رُت‘ شروع ٿيندي آهي.


لفظ سيپٽمبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو