سوها

سوها (ذات): سوها، راجا چندر ونسيءَ جي نسل مان هندو ۽ مسلمان راجپوت آهن. ملتان ۾ رهندڙ سوها پاڻ کي جٽ چوائين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته سوها ۽ سوهو هڪ ئي ذات جو لفظي بگاڙ آهي. سوها جنهن جاءِ تي ويٺا، ان هنڌ کي موضع سوها جو نالو ڏنو ويو، جيڪو هن مصرع مان نڪري ٿو. ’سوها وهه از سوها حست آباد‘ (639هه). موضع سوها ۾، ڪليال ڀٽي راجپوت پڻ ان زماني کان وٺي آباد آهن. 725ع ڌاري ڀٽين ۽ سوهن ۾ دنگن تان فساد ٿيا، جنهنڪري سوها (سوهو) هجرت ڪري ويا. هن ذات وارا ملتان ۾ جتڪي، جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌي زبان سان گڏ سرائڪي به ڳالهائين ٿا.
سوها ذات مان پروفيسر عطا محمد حامي، ٺٽي ضلعي جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر هير سوهو، مشهور سياسي اڳواڻ اسماعيل سوهو ۽ ابراهيم سوهو مشهور آهن.


لفظ سوهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو